هيءَ ڳالهه آ پر ڪيف دلفريب نظارن جي
ڪاڪل ۾ ڪيهءِ قيد آ دل، سوچ سهارن جي
ابروءَ جي ڪمانيءَ مان ڏسو ڪان ٿا ڪيئن نڪرن
پنبڻن جا پسي ڪوئي پيڪان ٿا ڪيئن نڪرن
ظاهر آ اها حالت نيڻن جي نهارڻ جي
واسينگ ڏٺم زلف جنين مونکي ڏنگيو آ
واهه واهه مروڙي تو تنين کي به ٽنگيو آ
ڪيئن سينڌ سنوارين ٿي خوشقسمتي وارن جي
گڏجن ٻه جنوانيون ته هو بدنام ٿين
هي يار ته سهڻو آهي الزام ڏين
پرواهه ڪبي ڪهڙي مهڻن ۽ ميارن جي
سنبرڻ به ته سولو نه آ نڪرڻ به آ مشڪل
نڪري ته هلي مون وٽ پهچڻ به آ مشڪل
ٿي واعدو وفا جيڪر مهرباني آ پيارن جي
خاموش ڏٺم خار ۾ خونمار ڏسان ٿو
چشمن جا به چمڪار اکيون چار ڏسان ٿو
”صابر“ ٿيو بيتاب لڳي آهي اشارن جي
4 فيبروري 1973ع