ڇو مون کان منهنڙو موڙين ٿو
ڇو مون کان منهنڙو موڙين ٿو، ڇو ايڏو مون کان ڊوڙين ٿو
ڇو لائي ياري ٽوڙين ٿو، اچ اوري تنهنجي آس اٿم
اچ اوري تنهنجي آس اٿم، اڄ ڏاڍي دل کي پياس اٿم
ٿي آس نه ڪا به نراس اٿم، جا تو کي ساري سانڍي آ
جا تو کي ساري سانڍي آ، سا اُڪري آس ٿي ڏانڍي آ
جا تولاءِ جوڙي لانڍي آ، ان پکڙي پيهي آءُ پرين
ان پکڙي پيهي آءُ پرين، ڇو هيڏي ۽ هوڏي ٿو ڦرين
جي منهنجي راهه تي اچي رسين، دل دردن کان اڄ واندي ٿي
دل دردن کان اڄ واندي ٿي، ڇو ايئن اجايو ماندي ٿي
تون سائين تنهنجي باندي ٿي، تنهنجي خدمت ۾ شل پيش هجي
تنهنجي خدمت ۾ شل پيش هجي، پئي سور سهي توکي عيش هجي
دل حاضر جو سنديس هجي، تون پنهنجي ڀر کان ڪر نه پري
تون پنهنجي ڀر کان ڪر نه پري، ڇاڪاڻ سوا تو ڪين سري
ڪجهه انهيءَ تي ڏي ڌيان ڌَري، ڇا اڃا رسڻ ٿو ڪرين روا
ڇا اڃا رسڻ ٿو ڪرين روا، تون درد منهنجي جي آهين دوا
ٻيو درمل ناهي تو کان سوا، ڀل تون به حڪيم گهرائي ڏس
ڀل تون به حڪيم گهرائي ڏس، ڪجهه مال وري به ڦُرائي ڏس
سَوَ ڦڪيون ڀل ڀرائي ڏس، ڪا ڪانه طبيعت فرق ڪندي
ڪا ڪانه طبيعت فرق ڪندي، پر تون بن سڀ ڪجهه ترڪ ڪندي
”صابر“ کي دغا ئي فرق ڪندي، تون واعدو پاڙي آءُ پرين
جولاءِ 1985ع