شاعري

واڪا منهنجي وس

واڪا منهنجي وس! هڪ بهترين شاعريءَ جو مجموعو، لاجواب احساسن ۽ جذبن جي ترجماني آهي، ۽ هر غزل (ڪلام) ۾ اتساهه ڏيندڙ خيال نظر آيو.
Title Cover of book واڪا منهنجي وس

خزان جو خاتمو ٿي ويو چمن ۾ تازگي آئي،

فڪر جي اڄ ڦندن کان جند ڇڏائي زندگي آئي،
بهاري جي هوائن سان خوشي ڀي مرڪندي آئي،

سڪل پن جي وڻن تان سڀ ڇڻيا ڇڻ ڇڻ ڪري آخر،
انبن ڀي ٻور آ جهليو عجب آسودگي آئي،

سلا ساوا وري اڀريا اجهو ڪي سنگ ڀي نسريا،
مهڪندا ماڳ مارن جا ڦري فرخندگي آئي،

پکي پيارا مٺيون ٻوليون لنون ٿا آشيانن ۾،
چتون چو ٻول ۾ ڪوئل ڪٿان ڪُو ڪُو ڪندي آئي،

گلن تي خوڀ ڀنورا ٿا گهمن ڀون ڀون ڪندا ڪارا،
وڌي آ واهه جي رونق هتي تابندگي آئي،

اچو اي دوستو نڪرو ڪريون ڪو سير گلشن جو،
”خزان جو خاتمو ٿي ويو چمن ۾ تازگي آئي“،

ڪندا گجگوڙ ٿا بادل اچن برسات برسائڻ،
سنگهارن سانگ ڪيا ”صابر“ ڪڻي سارنگ جي آئي،

29 مارچ 1974