معراج واري رات
مولا ڪيو سڀ راتين مان رات هن جو مان وڌ
پاڪ رب مٺڙي محمد کي گهرايو هو جڏهن
موڪليا جبريل ۽ برّاق عاليشان وڌ،
نور جي پوشاڪ پهري تيار سواريءَ لاءِ ٿيا،
مرسل مٺو مدني روانو ٿي ويو ذي شان وڌ،
هو هليا بيت المقدس منتظر جت انبياء
جِنَّ حورون، ۽ پريون جت منتظر غلمان وڌ،
پهتو جڏهن مرسل اُتي سڀني سلامي ڪئي وڌي،
آيا ملڻ لاءِ انبيا پيغامبر، اُن آن وڌ،
جبرئيل اُت آذان چئي آيا مِلي (مِڙي) سڀئي نبي،
مسجد سڄي ڀرجي وئي ڀرجي ويو ميدان وڌ،
محمد سڀن جي هو اڳيان سڀئي نبي تنهن جي پٺيان،
ات ادا نفلات ٿي ۽ پڻ پڙهيؤن قرآن وڌ،
پوءِ هليا مدني اتان محبوب پڻ سواري ڪري،
ٿي ويا اڳتي جتي ٿيڻا هئا مهمان وڌ،
پاڻ سڀني آسمانن تي نبين سان مليا،
مرحبا صد مرحبا آواز ٿيا هر آن وڌ
منهنجو هتڙي ماڳ آ اڳتي اوهان جو ڀاڳ آ،
ٿيو جدا جبرئيل سدره تي ڪري ارمان وڌ
۽ اڪيلا ويا جتي الله سان ملڻا هيا،
ٿورو جو ڪجهه دور ها گفتا ٿيا درميان وڌ،
خود پسيئون الله کي محبوب ربُّ پنهنجو ڏٺو،
۽ ٿي فرمايو خدا صد مرحبا فرمان وڌ
پوءِ اتان واپس وريا پهتا اچي مسجد حرام
جاءِ سا جاچي ڏٺئون جت اڳ هيا گهمسان وڌ
گهر اچي ڇا ٿا ڏسن زنجير در جو ٿو لڏي،
بسترو ڀي آ گرم ”صابر“ ٻڌو اعلان وڌ