الوداع اي ماهِ رمضان، ماهِ مهمان الوداع
الوداع اي ماهِ رمضان، ماهِ مهمان الوداع
تنهنجي آئي مؤمنن کي ٿي هئي چاهت گهڻي،
ورد هر جاءِ هو وظيفو، روح کي راحت گهڻي،
روزيدارن کي ٿيو آ تنهنجو ارمان الوداع،
الوداع اي ماهِ رمضان.....
روزو شب هئي، تات تنهنجي لات ڀي نعمت هئي،
قدر واري رات ۾ هر ذات تي رحمت هئي،
ذڪر هو مسجد اندر تا فجر فرقان الوداع،
الوداع اي ماهِ رمضان.....
ڪن تراويحون نمازون ٿي پڙهيون،
ڪن کڻي تسبيح تي ڦيريون ڪڻيون،
هٿ دعا جي لاءِ کنيا ٿي هر مسلمان الوداع،
الوداع اي ماهِ رمضان.....
معتڪف ويٺا اچي ڪيئي ڏهي پوئين اندر،
التجا صدقي محمد ﷺ جي خدا مقبول ڪر،
ڪر خطائون معاف موليٰ پنهنجي طرفان الوداع،
الوداع اي ماهِ رمضان.....
سَوَ سلامن ۽ درودن ساڻ صلواتون هيون،
حمد ۽ نعتون، مداحون ۽ مناجاتون هيون،
آيتون اهڙيون ٻڌيون ٿيو تازو ايمان الوداع،
الوداع اي ماهِ رمضان.....
شل ملي اهڙو مهينو بخشجي هر ڪو وڃي،
مغفرت جي راه آهي ٻي نه ڪنهن دَرِ ڪو وڃي،
ماه اهڙو مؤمنن تي آ مهربان الوداع،
الوداع اي ماهِ رمضان.....
هو وڃي ٿو پوءِ به هيڏي عيد ٿو ڏيندو وڃي،
پنهنجي آئنده اچڻ جي ديد ڏيندو ٿو وڃي،
ڪو وساري ڪيئن ”صابر“ تنهنجو احسان الوداع،
الوداع اي ماهِ رمضان.....