پيش لفظ
ڊاڪٽر احمد علي قريشي منهنجو ڳوٺائي آهي ۽ منهنجي دوست ڊاڪٽر عبدالرحمان قريشيءَ جو ننڍو ڀاءُ آهي. سندس والد صاحب مرحوم ماستر محمد بچل قريشي ۽ چاچو مرحوم ماستر محمد اشرف قريشي منهنجي استادن ٽيچرن، ليڪچرارن ۽ انسٽرڪٽرن جي ڊگهي لسٽ جي پهرين ڪڙي، آهن جن مون کي پرائمري ۽ پهريون درجو سنڌيءَ جو پڙهايو.
هينئر جي خبر ناهي پر اسان جڏهن ننڍا هئاسين ته هالا ۾ اسڪول ۽ ڪاليجن جي شاگردن کان وٺي وڏن جون ادبي سنگتون ۽ محفلون هونديون هيون ۽ شعر يا افسانو پڙهڻ يا ٻڌڻ وڏي وندر سمجهيو ويندو هو. هڪ اهڙي ادبي سنگت جو ڊاڪٽر احمد علي به مشغول ڪارڪن هوندو هو، ۽ ’بشير‘ تخلص هوندو هوس.
ميڊيڪل ڪاليج (ڄامشوري) ۾ اچڻ کان پوءِ سندس ادب ڏي لاڙو ٿورو گهٽ ٿي ويو. جيتوڻيڪ سندس ڀاءُ ڊاڪٽر عبدالرحمان قريشيءَ جو ساڳيو رهيو. شايد ان ڪري جو هن آرٽس جا سبجيڪٽ کنيا ۽ اڳتي هلي ادب ۾ ڊاڪٽريٽ ڪيائين ۽ هن ڪتاب جو ليکڪ احمد علي قريشي ميڊيڪل جو ڊاڪٽر ٿيو.
1965ع ۾ ۾ ايم بي بي ايس ڪرڻ بعد ڊاڪٽر احمد عليءَ سال ٻه پاڪستان ۾ نوڪري ڪئي، پڻ پاڪ فوج ۾ 1965 واري جنگ ۾ ڪيپٽن جي رئنڪ تي ڪم ڪيو. ان بعد نوڪريءَ لاءِ نائيجريا هليو ويو، ۽ کيس نائيجيريا اهڙو ته ڀانءِ پئجي ويو جو يڪا سارا سورهن سال رهڻ بعد هاڻ واپس موٽيو آهي. هڪ عدد سفرنامي سان گڏ.
اڄڪلهه سفرناما هر ڪنهن زبان ۾ گهڻو پسند ڪيا پيا وڃن. لکيا به ڪيترائي پيا وڃن. ڪن هنڌن: لنڊن، ٽوڪيو، سعودي عرب، امريڪا، هانگ ڪانگ، جرمني جهڙن ملڪن بابت ته ايترو لکيو ويو آهي جو ڪو ڪيترا دفعا به اُتان گهمي اچي، پر هن کي انهن هنڌن جي ايتري خبر نه هوندي جيتري انهن جڳهين جا سفرناما پڙهندڙ کي.
بهرحال جن هنڌن بابت گهٽ لکيو ويو آهي، آفريڪا کنڊ انهن مان هڪ آهي. جيتوڻيڪ آفريڪا کنڊ هاڻ ڪو رڳو اونداهو نه رهيو آهي. منجهس جتي صحارا جهڙا خوفناڪ برپٽ ۽ خطرناڪ خط استوائي جهنگل آهن اتي ڪليمنجارو جهڙا جبل ۽ وڪٽوريا جهڙيون خوبصورت ڍنڍون پڻ آهن. گرميءَ سان گڏ سردي به آهي. جيت جڙن سان گڏ سهڻا گل ۽ رنگين پوپٽ به آهن. جهنگلي جانورن ۽ آدم خور قبيلن سان گڏ نرم دل رکندڙ شيدي ۽ قوم پرست ڪارا پڻ آهن، جيڪي پنهنجي سرزمين کي ڏينهون ڏينهن روشن ۽ خوشحال ڏسڻ چاهين ٿا. پراڻي تهذيب تمدن ۽ رسم و رواج سان گڏوگڏ آفريڪا ۾ جديد پڻو ۽ نوان پڻ آهي. ۽ اڄ جو ماڻهو يورپ ۽ آمريڪا کان وڌيڪ آفريڪا بابت پڙهڻ ٿو چاهي ۽ آفريڪا بابت احمد علي قريشيءَ کان وڌيڪ ڀلا ٻيو ڪير ٿو لکي سگهي، جنهن ڄمار جا بلڪ واندڪائي جا يڪا سورنهن سال اتي گذاريا آهن. منهنجي خيال ۾ احمد علي قريشيءَ جهڙي ادب سان چاه رکندڙ انسان کي ته گهٽ ۾ گهٽ سورهن ڪتاب لکڻ کپن ۽ انشاالله ضرور لکندو جنهن جي پهرين ٽڪي کير ڀري اڄ توهان جي هٿن ۾ آهي.
الطاف شيخ
ميري ٽائم اڪيڊمي،
ملاڪا، ملائشيا.