سفرناما

نائجيريا ۾ سورنهن سال

ڪتاب ”نائجيريا ۾ سورنهن سال“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب ڊاڪٽر احمد علي قريشي جو نائجيريا بابت لکيل سفرنامو آهي. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1987ع ۾ ڇپايو ويو هو. ٻيو ڇاپو ڊاڪٽر عبدالرحمان قريشي پاران 2017ع ۾ ساحل پرنٽر اينڊ پبليشر حيدرآباد وٽان ڇپايو ويو.
Title Cover of book نائجيريا ۾ سورنهن سال

سنڌي ڪٽنبن سان ڏيٺ ويٺ (1968)

سنڌي ڪٽنبن سان ڏيٺ ويٺ (1968)


”واجهائي وطن کي، آئون جي هِت مياس،
ته گهور منهنجي سومرا ڪج پنهوارن پاس،
ڏج ڏاڏاڻي ڏيهه جي، منجهان ولڙين واس،
ميائي جياس، جي وڃي مڙهه ملير ڏي.“

(شاه عبداللطيف)

سيپٽمبر 1968ع ۾ جڏهن مان پهريون دفعو نائجيريا ويو هوس ته مان بلڪل اڪيلو هئس. منهنجي پوسٽنگ نائجيريا جي خوبصورت ۽ پُر فضا شهر ”واري“ (Warri) جي جنرل اسپتال ۾ ٿي. هي هڪ تاريخي شهر ۽ سامونڊي بندرگاهه آهي ۽ ويجهوئي پيٽرول جا ذخيرا (Oil Fields) آهن. هتي جي بازارن ۽ ريسٽورنٽس ۾ غير ملڪي مرد ۽ خواتين ٽهلندا ڏسجن ٿا، جيڪي پيٽرول جي ريفائنري ۾ ملازم آهن. هتي معياري گرئمر اسڪول، ۽ پبلڪ اسڪول به آهن. پر انهن رنگينين ۾ مان پنهنجي تنهائي وساري نه سگهيس.
خوشخسمتيءَ سان منهنجي رهائش گاهه S.S Q:21 (سينئر سروس ڪوارٽرس) جي بلڪل ويجهو، ”چيلارام اينڊ سنز“ نالي هڪ مشهور سنڌي فرم هئي جنهن جا پوري ويسٽ آفريقا، انڊيا، لنڊن، چين، هانگ ڪانگ ۽ ڪولمبو ۾ سپر مارڪيٽس آهن. ۽ ان وقت (1968ع) ۾ اتي اٺ ڏهه ڪٽنب ان فرم جي مالڪن ۽ مئنيجرن ۽ ٻين ملازمن سميت انهيءَ سپر مارڪيٽ جي مٿان رهندا هئا. وطن کان هزارين ميل پري تن تنها ۽ سنڌي مزاج رکندڙ مون جهڙي، دنيا جو گهٽ تجربو رکندڙ ماڻهوءَ جي جڏهن انهن سان ملاقات ٿي ته هنن ڏاڍي سِڪ ۽ پاٻوهه سان منهنجو آڌر ڀاءُ ڪيو سندن خلوص، سڪ ۽ محبت جي آئون ڇا سان ڀيٽ ڪريان؟ انهيءَ سڪ جي مقابلي ۾ سچا موتي ۽ جواهر به تڇ آهن. جلد ئي اها ڏيٺ ويٺ، دوستي ۽ ان بعد گهرو ناتن ۾ بدلجي وئي ۽ ”واريءَ“ جو شهر منهنجي لاءِ محبت جي مندر ۾ تبديل ٿي ويو جتي مان سنڌي سٻاجهڙن جي خلوص کي پرنام ڪري ۽ هنن سڪ ۽ محبت جي ديوين ۽ ديوتائن جي پرارٿنا ڪري پنهنجي من کي آسيس پهچائيندو هوس.
منهنجي اجنبيت ۽ تنهائي عنقا ٿي ويئي ۽ مان ائين پيو سمجهان ڄڻ L.M.C ڄامشوري مان موڪلن تي پنهنجي گهر هالا ۾ آيو آهيان. ويتر جو هنن کي خبر پئي ته آئون حيدرآباد جي ٽنڊي ولي محمد مان آيو آهيان ته هنن جي سڪ ۾ اڃا به مزيد اضافو آيو ڇو ته هي به اصل (1944ع) ۾ عامل ڪالونيءَ جا رهاڪو هئا جتان اسان جا گهر بلڪل ويجهو ۽ چند قدمن جي مفاصلي تي آهن.
آئون هنن منجهان سنڌي ٻوليءَ جي آسيس وٺڻ لڳس ۽ هو مون مان سنڌ جي مِٽيءَ جي سڳنڌ سونگهڻ لڳا هئا اڪثر نه، بلڪ هر هڪ شام منهنجي انهن وٽ گذرندي هئي ۽ رات جي ماني به انهن وت کائيندو هئس. نج سنڌي کاڌا چهرون، پاپڙ آچار مربا، ڦلڪا اڦراٽا، ڀاڄيون ترڪاريون سوادي سلوڻيون داليون ۽ کچڻيون ڄڻ جيجل ماءُ جو هٿن جو ساءُ ڏيڻ لڳيون.
حجتون ۽ شوخيون رسڻ ۽ پرچڻ اسان منجهان اجنبيت جو احساس ۽ اوپري پڻ جي تڪليف کي چڪناچور ڪري ڇڏيو. مون پنهنجي حُجت سان هڪ دوست مان سگريٽ پيڻ جي پراڻي عادت ڪڍي ڦٽي ڪئي.
رات جي مانيءَ کان پوءِ ڪافي دير تائين ڪچهريءَ ۾ ويٺا هوندا هئاسين. شروع جا ڏينهن هئا اڃا مون وٽ پنهنجي ذاتي ڪار ڪا نه هئي ۽ هي دوست پنهنجي گاڏي ۾ مون کي پنهنجي گهر ڇڏي ويندا هئا. اسپتال ۾ امرجنسي ڪال (لاچاري سڏ) لاءِ به رات جو اسپتال وارا مونکي چيلارام سنز جي گهر فون ڪندا هئا ۽ انهن جي گهران اپستال جي گاڏي مون کي کڻڻ ايندي هئي. هن فرم جو جنرل مئنيجر مسٽر ڏاسواڻي پنهنجي فيمليءَ سان گڏ الڳ رهندو هو. جيڪو پڻ ڏاڍو قربائتو ۽ کلمک انسان هو. باقي هن فرم جا ٻيا اهم ماڻهو، آسنداس ساپرا، مسٽر قيمت، مسٽر ڌنو رامچنداڻي، مسٽر پريتم ۽ ٻيا دوست پنهنجي پنهنجي گهرن ۾ جدا رهندا هئا. هيڏا امير ۽ وڏا گهراڻا ۽ سکر هئڻ جي باوجود مزاج جا مٺا، حليم کلمک ۽ سٻاجها هئا، نه رڳو مون سان پر سڀني ملڻ وارن پاڙيسرين، گراهڪن، نوڪرن ملازمن سڀني سان سندن هلت خانداني، لحاظ ۽ مروت واري آهي. منهنجي لاءِ ته اهي سڀ ماکيءَ کان مٺا ۽ املهه ماڻڪ آهن جن منهنجي پرديس جي ڪٺن گهڙين کي حسين سپنن ۽ خوشگوار يادن ۾ بدلائي ڇڏيو آهي.
جيئن کين ڪا شيءِ ذاتي استعمال لاءِ کپندي هئي ته سندن فرم تان خريد جي ملهه (Cast Price) تي کڻندا هئا تيئن مونکي به انئي قيمت تي ڏيندا هئا. ڪيڏانهن ٻاهر گهمڻ ڦرڻ ويندا هئا ته مون کي به صلاح ڪندا هئا.
ڇنڇر آچر ته اسان جا اڪثر شهر کان ٻاهر گهمڻ ۾ گذرندا هئا. پر ٻين ڏينهن تي به پروگرام اهڙيءَ طرح ٺاهيندا هئا جيئن ان وقت آئون اپستال کان واندو هجان.
هي مروت جا پتلا ۽ محبت جا ديوتا ڌڻي سڳوري مونکي مهيا ڪري ڏنا آهن ائين ٿو لڳي ڄڻ اسان جي ڪن جنمن کان ڄاڻ سڃاڻ آهي.
اڪثر پڇندا هئا ته اسان جا گهر جيڪي هيراآباد عامل ڪالونيءَ ۾ فلاڻي هنڌ آهن اتي هينئر ڪير ٿا رهن. اسان جي گهرن جا فوٽو اسان کي ڪڍي آڻي ڏي. ڪڏهن ڪڏهن ته سنڌ جون ڳالهيون ڪندي جذباتي ٿي ويندا هئا ۽ روئي به ڏيندا هئا.
”سَنهي سُئيءَ سِبيون مون ماروءَ سين ماهه،
ويٺي ساريان سومرا گولاڙا ۽ گاهه،
هيئون منهنجو هُت ٿيو هِتِ مِٽي ۽ ماهه،
پکن منجهه پساهه قالب آهي ڪوٽ ۾.“

(شاهه لطيف)
اهڙيءَ طرح ٻيا به ڪيترا سنڌي هندو ڀائر نائجيريا ۾ جدا جدا واپار ۾ آهن، مثلاً چئنراءِ ۽ ڀوڄسنز سُپر مارڪيٽ، مهتا ميٽلس اسان جي هڪ ٻئي پياري دوست مسٽر درگاداس مهتاڻيءَ جو الميومينم ۽ ميتل جي فيڪٽري بينن (Benin) ۾ آهي ۽ سنڌي هندو ڀائرن جون ٽيڪسٽائيل ملز، بسڪيٽ فيڪٽري ۽ ڪينڊل فيڪٽري به آهي. اهڙن مٿي ذڪر ڪيل ڪاروبارن ۾ سنڌي هندو ڇانيل آهن، پر هوٽل ريسٽورنٽ ۽ سئنيما جي ڪاروبار ۾ وري لبانيز گهڻا نظر اچن ٿا. پاڪستاني ۽ انڊين سرڪاري ملازمتن يونيورسٽي ۽ ڪاليجن ۽ اسڪولن ۾ ٽيچنگ جاب ۾هتي گهڻا ملندا ۽ ڪجهه پاڪستاني ڊاڪٽر به آهن. باقي ليبر ڪلاس ۾ مثلاً رازا واڍا مزور درزي ٽيڪنيشن جيئن مڊل ايسٽ ۾ گهڻا آهن. ان جي برعڪس هتي بلڪل نه آهن. اهڙن ڪمن لاءِ هنن وٽ پنهنجا ماڻهو (Man power) جام آهن. جيڪي ڏهه ڪلاڪ لاڳيتو ڪم ڪري سگهن ٿا. هتي آيل غير ملڪي سڀ اعليٰ تعليم يافته آهن ۽ وڏن عهدن تي فائز آهن، تنهن ڪري هتي غير ملڪين جي وڏي عزت آهي جو هِتي جا عام مقامي ماڻهو سمجهن ٿا ته ٻاهرين ملڪن ۾، (پاڪستان سميت) سڀ اعليٰ تعليم يافته ماڻهو رهن ٿا.