پيش لفظ
سفر نامو لکڻ وارو پنهنجي مشاهدي جو اِظهار ڪرڻ خاطر پنهنجا تجربا، ڏٺل وائٺل ماڻهن ۽ جاين جو ذڪر ڪري ٿو. ان سان کيس روحاني خوشي حاصل ٿئي ٿي. سفر نامن جو موضوع دنيا جي ادبيات ۾ قديم به آهي ۽ هزارين سفرناما لکيا ويا آهن جن جو دائرو تمام وسيع آهي.
سنڌيءَ ۾ سفرناما گهڻا ڪو نه لکيا ويا آهن پر تڏهن به هن صديءَ جي ٽئين ڏهاڪي ۾ ڪي ڪتاب اهڙا لکيا ويا جن ۾ هن ننڍي کنڊ ۾ ڀر پاسي جو احوال ۽ سير سفر اچي وڃي ٿو. اڪثر سفرناما سياسي شخصيتن ۽ ڌرمي اسٿانن جي چوڌاري گهمن ٿا، ان کان پوءِ گذريل ٽيهن سالن ۾ سنڌي ۾ جيڪي سفرناما لکيا ويا آهن تن جو تعداد به چڱو موچارو آهي. سنڌ بابت لطف الله سورتيءَ جو ڪتبا ”سنڌ جو سفر“ 1956ع ۾ ڇپيو، اهو سنڌ جو اندروني سفرنامو آهي جيڪو خاص طور سنڌ وارن لاءِ ڪا نئين معلومات ڪو نه ٿو ڏئي.
ٻاهرين ملڪن ۽ سنڌ کان ٻاهر جي علائقن بابت جيڪي سفرناما لکيا ويا آهن انهن مان هيٺيان اهم آهن: آغا بدر عالم دراني 1950ع ۾ ”مسافر حجاز“ لکيو جيڪو جيئن نالي مان ئي ظاهر آهي حجاز مقدس جي زيارتن بابت آهي. قاضي عابد ”سفر يورپ جي ڊائري“ جي عنوان سان 1960ع ۾ هڪ ڪتبا شايع ڪيو هاڻي ان جو ٻيو ڇاپو به شايع ٿيو آهي. سنڌيءَ ۾ هي پهريون سفرنامو آهي جنهن ماڻهن ۾ يورپ بابت چاهه ۽ شوق پيدا ڪيو ۽ ڪتاب کي گهڻي مقبوليت حاصل ٿي. زرعي ماهر جناب ڪريم ڏني راڄپر آمريڪا جو زرعي نوعيت جو دورو ڪيو ۽ ان جي معلومات کي پنهنجي ڪتاب ”آمريڪا جو سير“ ۾ 1961ع ۾ شايع ڪيو. هن ڪتاب ۾ زراعت جي سلسلي ۾ مفيد معلومات ڏنل آهي. ساڳيءَ طرح تعليمي ماهر پروفيسر غلام مصطفيٰ شاهه جو سفرنامو ”سير ۽ سفر“ 1962ع ۾ شايع ٿيو.
هن ڪتاب ۾ شاهه صاحب خاص طور آمريڪي تعليمي نظام ۽ پنهنجي دوري جو دلنشين بيان ڪيو آهي. سفرنامن جي سلسلي ۾ منهنجو ڪتاب ”مائوء جي ملڪ ۾“ 1973ع ۾ شايع ٿيو. جيڪو منهنجي 1965 1966ع ۾ چين ۾ پڙهائي جي سلسلي ۾ رهڻ دوران لکيل يادگيرين جو مجموعو آهي. تعليم سان گڏ ڪجهه ثقافت جو بيان به ڪتبا ۾ ڏنل آهي. هندوستان بابت اسان وٽ 3 سفرناما مشهور آهن جن ۾ مهتاب محبوب جو ”اندر جنين اُڃ“ عمر قاضيءَ جو ”ديسين وٽ پرديس“ ۽ سليم قريشيءَ جو ”ديس پرديس“ اچي وڃن ٿا.
جنهن سياح سفرنامي پڙهڻ لاءِ چاهه پيدا ڪيو سو الطاف شيخ آهي. الطاف هڪ مئيرين انجنيئر آهي، هن پنهنجي ڊيوٽي دوران ايشيا، آفريڪا، يورپ ۽ آسٽريليا کنڊ جي اڪيچار ملڪن بابت پنهنجا مشاهدات پندرهن کان وڌيڪ ڪتبان ۾ قلم بند ڪيا آهن. 1971ع کان 1975ع تائين الطاف جا چار ڪتاب شايع ٿيا ”منهنجو ساگر منهنجو ساحل“ ”سمونڊ جي سيوين“ ”وايون وڻجارن جون“ ۽ ”بندر بازاريون“ 1977ع ۾ ”سي ئي جوڀن ڏينهن“ ۽ بندر ديسان ديس شايع ٿيو. ان کان پوءِ به الطاف جا سفرناما ۽ ڪي انهن تي آڌاريل احوال جا ڪتاب شايع ٿيندا رهيا آهن. خاص طور جپان جو احوال الطاف جي ٽن ڪتابن ۾ آهي، ”جپان رس“، ”جپان جن جي جيءَ سان“ ۽ ”ڳالهيون تنهن جپان جون“.
روس بابت صحافي عزيز شيخ جو سفرنامو مون لينن جو ڏيهه ڏٺو 1975ع ۾ ڇپيو. ٻين صحافين، سراج الحق، خير محمد کوکر، مقبول صديقي، محمود يوسفاڻي، ٻين ڪيترن جا رسالن اخبارن ۾ سفر جا احوال شايع ٿيل آهن. 1976ع ۾ ڊاڪٽر سليمان شيخ جو سفرنامو ”سون ورني ڌرتي“ جي نالي سان ڇپيو. ڊڪاٽر سليمان چين ۾ پنهنجي تعليم دوران گڏ ڪيل احوال ”پيڪنگ پچارون“ جي نالي سان اخبارن ۾ ڏيندو رهيو. ويجهڙائي جي ٽن چئن سالن ۾ به عبدالحئي پليجو، فهميده حسين، فريده بشير، الله ورايو اداسي ۽ عنايت بلوچ جا سفرناما ڪتابي صورت ۾ ڇپيا آهن. مقالن جي صورت ۾ ڪي ٻيا سفرناما به آهن.
ڊاڪٽر احمد علي قريشي جو هي موجوده ڪتاب نائجيريا ۾ سندس سورنهن سالن جي طويل تجربن ۽ مشاهدن تي مشتمل آهي. هو ڊاڪٽري جي پيشي ۾ رهي نائجيريا جي معاشري جو گهري نظر سان مطالعو ڪندو رهيو جنهن ۾ هن خاص طور عوامي زندگيءَ جو اڀياس ڪيو ۽ قديم تاريخ سان گڏ ريتن رسمن کي به دلچسپيءَ سان مطالعو ڪندو رهيو. ماڻهن جي جيوت ۾ گهري دلچسپي هن جي تحرير مان ظاهر ٿئي ٿي. آئون سمجهان ٿو ته ڊاڪٽر احمد علي جو هي سفرنامو نائيجريا بابت ڪافي معلومات مهيا ڪري ٿو. ۽ پڙهندڙن جي دلچسپي جو باعث ٿيندو.
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو
پروفيسر سنڌي شعبو،
سابقه چيئرمن، ڊپارٽمينٽ آف سنڌي،
يونيورسٽي آف سنڌ، ڄامشورو.