بيروت جون برباديون (زوال) 82 1981ع
ان کان پوءِ به اسان موڪلن تي موٽندي لنگهندي سارو ٻه دفعا بيروت مان لنگهياسين ۽ حسن اتفاق سان تڏهن به جناب اقبال آخوند بيروت ۾ پاڪستان جو سفير ۽ اقوام متحده طرفان امدادي ڪارواين جو نگران اعليٰ به آهي. بيروت جي موجوده تباه حالت ڏسي ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ زماني جي نشيب و فراز ۽ عروج ۽ زوال جي هن زنده تصوير (بيروت) اسان کي ڏاڍو صدمو پهچايو، جتي انساني زندگيءَ جي ماڪوڙيءَ جيتري به وقعت نه آهي. بيروت ۾ حسن و شباب جي دل آفريني جي بجاءِ باهه ۽ خون جي هولي کيڏجي رهي آهي. هر طرف اڌ ڀڳل جايون، رستن تي سڙيل موٽر ڪارون بند اسڪول ڪاليج ۽ بند ٿيل يونيورسٽيون، ويران هوٽلون هڪ ماتم ڪده جو مثال پيش ڪري رهيون آهن. هڪ ڏينهن ته هڪ بم جناب اقبال آخوند جي گهر ۾ اچي ڪريو جيڪو ان وقت گهر ۾ موجود نه هو، خوشقسمتيءَ سان بچي ويو.
بعد ۾ حيدرآباد موٽڻ تي ڪشت و خون جو مزيد اکين ڏٺو احوال جناب اقبال آخوند جي والده ٻڌايو ته لنڱ ئي ڪانڊارجي ٿي ويا هيءَ عالي ظرف بزرگ خاتون انهن ڏينهن ۾ پنهنجي پُٽ وٽ بيروت ۾ ٽڪيل هئي ۽ هينئر ڪراچيءَ ۾ سنڌي مسلم هائوسنگ سوسائٽيءَ ۾ پنهنجي پٽ جناب رفيق عبدالله آخوند ايڊيشنل چيف سيڪريٽريءَ سان گڏ رهي ٿي. هن نيڪ خاتون جي زندگي به سنڌ جي سماجي ۽ سوشل آئين جو هڪ درخشان باب آهي ۽ مس فلارنيس نائيٽ گيل وانگر هڪ مخير خاتون آهي جا ترڪيءَ ۾ سلطان جي زوال وقت به پنهنجي پيءُ حڪيم شيخ شمس الدين جي دست راست هئي. جيڪڏهن بيگم مريم صاحبه اجازت ڏني ته سندن زندگي ۽ خدمات بابت هڪ ڪتاب پڙهندڙن جي معلومات ۽ عبرت لاءِ پيش ڪري سگهندس.
هن دفعي بيروت جي کنڊرات ۾ مزيد وقت ٽڪڻ لاءِ اسان دل جهلي نه سگهياسين البت قدرت جي عروج زوال جي عبرت وٺڻ لاءِ يادگار طور چند تصويرون ڪڍيونسين ڇو ته مون سان گڏ منهنجي ٻارن ۽ بيگم کي پڻ هن تباهه شده شهر ۾ ڏاڍي ذهني ڪوفت ۽ اذيت محسوس ٿي رهي هئي ۽ پڻ هوٽلن ۾ نه اها چهل پهل هئي ۽ نه وري تحفظ سيڪيورٽيءَ جي ڪا ضمانت هئي ان ڪري اسان جلد از جلد ڪوچ ڪرڻ ۾ عافيت سمجهي ۽ ڪويت ۾ پهچي دم پٽيوسين.