ٻاهرين ماڻهن سان برتاءُ:
عام ماڻهو نهايت سادا ۽ مخلص آهن، ٻاهرين ماڻهن سان مروت لحاظ سان هلن ٿا. ننڍن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ اڃا تائين به صاف چمڙيءَ واري کي انگريز چون جيئن پاڻ وٽ ٻهراڙين ۾ سوٽ بوٽ واري کي گورو چون ۽ سٺي لباس اوري پڙهيل عورت کي منڊم (مئڊم) چوندا آهن.
چاهي بنگلاي هجي يا سائوٿ انڊين پراڻا انگريزن جي زماني جا ماڻهو ته ٽوپي لاهي نِوِڙي سلام ڪندا آهن، هونئن به ننڍا وڏا سلام (Greet) ضرور ڪن، چاهي سڃاڻندا هجن يا نه.
ڪنهن آفيس ۾، لائين ۾، هوٽل ۾ يا تقريب ۾ ٻاهرين ماڻهن سان لحاظ ۽ مروت سان ملندا آهن. ڪنهن اڇي ماڻهوءَ کي پيدل ويندي ڏسندا آهن ته ڏاڍو عجب لڳندو اَٿن. شايد هو سمجهن ٿا ته پيدل هلڻ غربت جي علامت آهن. غير ملڪي عورتن جي گهڻي عزت ڪن ٿا.
هڪ ڏينهن اسان ٻين پاڙيسرين سان گڏجي مارڪيٽ ۾ خريداريءَ لاءِ وياسين ته مقامي عورتن اسان جي عورتن جي وارن کي ڏاڍي عجب حسرت ۽ اچرج سان ڏٺو ۽ هڪ نينگري رڙهي ويجهي آئي ۽ وارن کي هٿ لائي ڏٺائين. شايد هو سوچي به نٿي سگهيون ته واقعي اصلي وار ايڏا وڏا ۽ لسا ٿي سگهن ٿا. شيدي ٻار ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن اڇي ماڻهوءَ کي لگهندو ڏسن ته فورن رڙيون ڪري چون (IOBO) او اِئبو، يا آلورا يا انيوچا جنهن جو مطلب آهي اڇو ماڻهو.
پر وڏن شهرن ۾ ائين ڪونهي. هڪ ته انگريز هليا ويا ۽ ٻيو ته تيل نڪرڻ کان پوءِ هي سکيا آسودا ٿي ويا آهن. آزادي ۽ آسودگي انسان کي پر اعتماد ۽ باوقار بنائي ٿي ڇڏي.
نئين ٽهيءَ ۾ آهستي آهستي بي پرواهي ۽ بي رُخي پيدا ٿي رهي آهي، نئين ٽهيءَ جا ٻار ڄڻ سِلِوَرِ اسپونس (عياش ڪٽنب) ۾ پيدا ٿيا غلامي محرومي ۽ احساس ڪمتريءَ جو دور جنهن ۾ سندن وڏا ابا ڏاڏا پيڙهجي رهيا هئا سو ته هنن ڏٺو ئي ڪو نه. ڪاش اٿوپيا جا انسان به بک ۽ بيماريءَ جي ديوَ کان نجات پائي هنن وانگر آسودگي ۽ خوشحالي ماڻين!!
(1969ع جي ڊائريءَ جا ورق).
هتي جي پريس ۽ اخبارون به هاڻي ٻاهرين ماڻهن جي خلاف پيون لکن، ان جو هڪ سبب انهن جي اقتصادي حالتن جي ابتري آهي. جنهن ۾ خود هنن جي پنهنجن ماڻهن ئي پنهنجي ملڪ کي ويهي لُٽيو آهي، ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ ملين ڊالر وڃي جمع ڪيا اٿن. تازو هڪ نائجيرين لاءِ اخبارن ۾ وائويلا مچي ته هو ٻه بلين ڊالر کڻي ملڪ مان فرار ٿي ويو اهي. تيل جا کوهه ته اٿن پر چوندا آهن ته کاڌي ته کوهه به کٽيو وڃن.
(1981ع جي ڊائريءَ جا ورق)