پاڪستان ڪلچرل ايسوسيئيشن (P.C.A)
1980ع کان وٺي اسان واري اسٽيٽ ۾ پاڪستانين جو تعداد ڪافي وڌي ويو. ان ڪري اها ضرورت محسوس ٿي ته هڪ سوشل يا ڪلچرل ايسوسيئيشن ٺاهي وڃي جيڪا عيد جي موقعن تي يا قومي ڏينهن تي گڏجاڻين جو اهتمام ڪري اڳ ۾ به هڪ اهڙي قسم جي ايسوسئيشن هئي جنهن ۾ آئون شامل هئس. مگر تڏهن پاڪستاني ماڻهو هتي اڃا ايترا ڪو نه هئا ۽ جيڪي هئا سي هڪ ٻئي کان گهڻو پري رهندا هئا. تنهن ڪري اها ايوسيئيشن ايتري فعال (Active) ڪا نه ٿي سگهي هئي.
1980ع ۾ هتي پاڪستانين جو خاصو تعداد ٿي ويو جيڪي سڀ اعليٰ تعليم يافته سنجيده خوشحال ۽ گهڻو ڪري فيملي سان رهندڙ هئا تن منهنجي هن تجويز جو خير مقدم ڪيو.
تعليمي ادارن ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستانين کي ته موڪلون به جام ملنديون آهن ان ڪري سڀني جو ارادو ٿيو ته هڪ باقاعده ايسوسيئيشن ٺاهجي جنهن ۾ عهديدار چونڊجن ۽ پڻ هر هڪ ايريا جا نمائنده به ورڪنگ ڪميٽيءَ تي کڻجن.
اها جماعت عيد جي ڏينهن ۽ ٻيا قومي وڏا ڏينهن مثلاً يوم آزادي، يوم قاعداعظم، عيد ميلاد نبيﷺ جي ملهائڻ جو شايان شان اهتمام ڪري جنهن ۾ پاڪستاني سفير ۽ ٻين معززين کان علاوه ممتاز نائجيرين مثلاً وزير گورنر يا ميئر کي مدعو ڪجي ۽ انهن گڏجاڻين ۾ تفريحي پروگرام پيش ڪجن ۽ پنهنجي ملڪ جي ڪلچرل ۽ تهذيب جو عڪس پيش ڪجي ساڳئي وقت اسان جي ٻارن جيڪي نائجيريا ۾ ئي پيدا ٿيا ۽ نپنا آهن تن کي پنهنجي ملڪ جي تاريخ ۽ روايتن جو علم ٿئي ۽ پڻ اسلام جي اصولن جي خبر پوي ڇو ته جنهن رياست ۾ اسين رهندا هئاسين، اتي مسلمان تمام ٿورا هئا. بس اٽي ۾ لوڻ مثال.
هن ايسوسيئيشن جو اهو به فرض هو ته اسين پاڪستاني ڏک سک ۾ هڪ ٻئي جي مدد ڪريون جيئن ڊاڪٽر عمر صديقيءَ جي نائجيريا ۾ اوچتي وفات تي اسان جي ڪلچرل ايسوسيئيشن سندس ڪٽنب جي همدردي ۽ مالي امداد ڪئي ۽ تعزيتي گڏجاڻي ڪئي ۽ سندس فيملي کي سهوليت سان پاڪستان پهچائڻ جو بندوبست ڪيو.
انهيءَ نيڪ جذبي، نئين شوق ۽ ولولي سان اسان تنظيم جو ڪم شروع ڪيو. اليڪشن جي تاريخ مقرر ٿي. ڪجهه دوستن جي جذباتي طبيعت جي ڪري تنظيمي عمل ۾ ڪجهه رولو پوڻ جو انديشو هو مگر ٻين سنجيده ۽ همدرد دوستن جي مدد سان اختلاف رفع دفع ٿي ويا ۽ حالات وري خوشگوار ٿيا ۽ هڪ اليڪٽوريل ڪميٽي ٺاهي وئي جنهن جي ٽن ڄڻن ۾ مان به شامل هئس.
1981ع جي شروع ۾ اوبينميا گرامر هاءِ اسڪول جي آڊيٽوريم (هال) ۾ اسان هڪ گڏجاڻي سڏائي هي شهر بينڊل اسٽيٽ جي تقريباً وچ ۾ واقع آهي. سڄي اسٽيٽ مان ٻارين ٻچين سان ٻه سو کن فيمليز اچي جمع ٿيون. جن جي رهائش ۽ کاڌي ۽ ٽرانسپورٽ جو به معقول بندوبست رکيل هو. هو اسان لاءِ هڪ تاريخي ۽ يادگار ڏينهن هو. ائين ٿي لڳو ڄڻ ڪنهن پاڪستاني شهر ۾ آهيون. هن موقعي تي معزز ميزبان جناب وسيم شيخ نهايت وڏي دل سان مهمانن جي آجيان ڪئي.
تلاوت ڪلام پاڪ کان پوءِ اليڪشن ڪميٽيءَ جي چيئرمن جناب رضوي صاحب جي مرحبائي تقرير کان پوءِ باقاعدي اليڪشن شروع ٿي جيڪا اڍائي ڪلاڪ جاري رهي. ان کان پوءِ چونڊيل اميدوار جا نتيجا ظاهر ڪيا ويا جن وري حلف نامو کنيو. اسان جي هن مخلصانه ڪوشش کي سڀني گهڻو اساراهيو. اسان سڀني پاڪستانين جي هڪ ٻئي سان واقفيت ٿي ۽ ڏاڍي خوشي ٿي.
اهڙيءَ طرح اها پاڪستان ڪلچرل ايسوسيئيشن وجود ۾ آئي ۽ 1984ع تائين هن جماعت طرفان چار پنج تمام شاندار ۽ يادگار گڏجاڻيون ٿي چڪيون جنهن جي ڪري هتي نائجيريا ۾ رهندڙ سڀ پاڪستاني هڪ ٻئي جي قريب اچي وياسين. جنهن کي اسان خيرسگاليءَ جي پخته عمارت جي پيڙهه جو پٿر تصور ڪريون ٿا.
هيترن سارن دوستن مان ڪو دوست پاڪستان موٽندو آهي ته هو ازخود اسان کي ٻڌائيندو آهي. ڪلچرل ايسوسيئيشن طرفان ٽيليفون ڊائريڪٽري سڀني کي مهيا ڪيل آهي جنهن ۾ سڀني ميمبرن جا فون نمبر ۽ ايڊريسون لکيل آهن.
ڪو به ميمبر پاڪستان موٽي ٿو ته اسان کي ڪي شيون مائٽن کي موڪلڻ يا اتان گهرائڻ ي ڏاڍي سهوليت هوندي آهي. بلڪ ڪي ميمبر ته پنهنجا ٻار ۽ پٽ به انهن جي هٿان پاڪستان موڪلين ۽ وري موڪل تان واپسيءَ تي اهي به ساڻن گڏ موٽن ٿا.
جيئن هتي جي حڪومت هوم ريميٽنس جي رقم محدود ڪندي وڃي ته اسان وٽ پگهارن مان خاصي بچت هوندي آهي جنهن مان اسان پاڪستان ڪلچرل ايسوسيئيشن کي ڪافي چندا ۽ امداد ڏيندا آهيون. تنهن ڪري P.C.A هاڻ مالي اعتبار کان ڪافي مستحڪم ٿي رهي آهي. تنهن ڪري اسان هتي تمام معياري اسڪول کولڻ جي منصوبه بندي ڪري رهيا آهن جتي نائجيريا جي نصاب سان گڏوگڏ اردو، پاڪستان اسٽڊيز ۽ اسلاميات لازمي طور سيکاريندا جئين جڏهن اسان جا ٻار واپس وطن موٽن ته کين اُتي مزيد تعليم جاري رکڻ ۾ ڪا دشواري نه ٿئي.