نائجيريا ۾ پاڪستاني:
هتي ڪيترا پاڪستاني رهن ٿا جيڪي يونيورسٽين ڪاليجن ۽ اسپتالن ۾ ملازم آهن جن سان آهستي آهستي واقفيت ۽ پوءِ دوستي پيدا ٿيندي وئي.
هتي پاڪستان انڊيا بنگلاديش ۽ سري لنڪا (سلون) جا ماڻهو پاڻ کي هڪڙي ئي ڪٽنب جا ڀاتي تصور ڪن ٿا ۽ هڪ ٻئي سان گهڻي سڪ ۽ پيار سان ملن ٿا.
شروع شروع ۾ 1968ع ۾ يا 1970ع ۾ ايترا پاڪستاني ۽ انڊين ڪو نه هئا ته انهن ڏينهن ۾ جيڪڏهن خبر پوندي هئي ته ڪو پاڪستاني يا انڊين يا سنڌي ڳالهائڻ وارو اسان کان اڍائي سو ڪلوميٽر پري رهي ٿو ته به ويڪ اينڊ تي (آچر تي) خاص طور ڏوري وڃي کيس ڏسبو هو ۽ ان ملاقات ۾ ڏاڍي خوشي ۽ راحت ملندي هئي. اگر اتفاق سان هو گهر ۾ موجود نه هوندو هو ۽ اسان کان سندس گهر جو دروازو کلي سگهندو هو ته اهو در کولي وڏي حجت مان وڃي بالم ٿي ويهي رهندا هئاسين. جيسين هو واپس موٽي، پاڙي جا ماڻهو ٻڌائيندا هئا ته (Your brother) ڪيڏانهن ويو آهي.
ان جي برعڪس حيدرآباد ۾ يا پاڪستان ۾ انهن ساڳين دوستن سان ٽن مهينن ۾ هڪ ڀيرو به ملاقات مشڪل ٿئي ٿي. مسٽر دارا ابڙو ڪانو (Kano) ۾ اسان کان 1500 ميل پري رهي ٿو ته به نائجيريا ۾ هن سان سگهي سگهي ملاقات پئي ٿئي مگر جڏهن اسان ٻئي موڪل تي پاڪستان آياسين ته چئن مهينن ۾ ڪو هڪ اڌ ڀيرو مس مليا هونداسين حالانڪ ابڙو صاحب لطيف آباد ڇهين نمبر يونٽ ۾ رهي ٿو ۽ آئون سندس ئي ويجهو لطيف آباد جي ٻئي يونٽ ۾ رهان ٿو.
ائين ڇو آهي؟ شايد محبت جو ذخيرو گهڻن محبت ڪرڻ وارن دوستن ۽ مائٽن ۾ ورڇجيو وراهجيو وڃي؟ شايد ان ڪري جو پنهنجي ملڪ ۾ ٿوري وقت ۾ اسان کي گهڻا ڪم اڪلائڻا هوندا آهن.
مذهب، ۽ زبان، عام طور ملندڙ جلندڙ شڪل شبيھ ۽ کاڌ خوراڪ، عادات و اطوار جو انساني ميل جول ۽ تعلقات تي ايترو اثر پوي ٿو جو نارٿ انڊين جيڪي اردو ڳالهائين ٿا اسان کي وڌيڪ ويجها ۽ پيارا لڳن ٿا بنسبت سائوٿ انڊين جي حالانڪ آهن ته سڀ هڪڙي ملڪ جا مگر رسم و راج، کاڌ خوراڪ رنگ روپ ۽ لهجي ۾ بلڪ مختلف ۽ اوڦٽا ۽ اوپرا پيا لڳن.