بيروت جون رنگين راتيون (عروج) 18 مارچ 1970ع
مصر جو سير ڪري چوٿين ڏينهن اسان ايجپٽ ايئر لائينس ۾ بيروت پتهاسين. واقعي جيئن چيو وڃي ٿو ته بيروت مڊل ايسٽ جو يورپ يا مڊل ايسٽ جو پيرس آهي ان ۾ ذرو به شڪ نه آهي. بيروت جون بازارون هوٽلون، دڪانن جي سجاوٽ ٽريفڪ جي گهما گهمي خوبصورت ۽ صحتمند ماڻهن جا هجوم هن شهر جي حسن ۾ اضافو آڻي رهيا آهن. بيشمار سياحن ۽ غير ملڪي ماڻهن جو رُخ هر موسم ۾ بيروت طرف هوندو آهي ۽ فائيوَ اسٽار هوٽلن جا ڪمرا بوڪ رهندا آهن.
اڄڪلهه (1970ع) بيروت پنهنجي عظمت ۽ شهرت جي بلندين تي آهي ۽ جديد رومانوي زندگيءَ جي عروج تي پهچي چڪو آهي جنهن کي يورپ ۽ عرب ورلڊ جو دروازو سڏين ٿا (Gate way of Europe and Arab world) جديد بيروت ۾ توهان زندگي حسن ۽ شباب ڪيف ۽ مستي، چنگ و رباب کي پوري رنگيني ۽ جوڀن ۾ ماڻي سگهو ٿا.
اسان هتي دنيا جي شهره آفاق نائيٽ ڪلب (Lido) ليڊو ۾ وڃي سڀ ڪجهه وساري ويٺاسين. هن ڪلب جون دلربا ۽ ڦڙتيليون نازنين رقاصائون انسان جو چين برباد ڪرڻ ۽ کيسا هلڪا ڪرڻ جا سمورا گُر ڄاڻن ٿيون مهذب ۽ بااخلاق گيشائن جي ياد تازي ڪن ٿيون. هن ڪلبن جي رندن ۽ مهمانن لاءِ زندگي جي ڪا به خواهش ۽ حسرت باقي نٿي رهي. جن لاءِ اختر هالائيءَ چيو آهي.
”بي پرده حسن و عشق جي مستي ۽ ڪشمڪش،
ابليس ٿو عجب ۾ گذاري تمام رات!!
وسري وڃنس هوند تمنائون خلد جيون،
بيروت جي ڪلب ۾ گذاري تمام رات!!“
هتي جون سپر مارڪيٽس ۽ ڊپارٽمينٽل اسٽور، دنيا جي جديد کان جديد شين ڪپڙي، ڪاسميٽڪس، عطرن ۽ اليڪٽرانڪ جي شين سان ٽٻيا پيا آهن هتي دنيا جي هر سڪي جي آزادانه لين دين (ڏي وٺ) رهي ٿي. ٻئي طرف اسان عرب دنيا جي ڪلچر جو نظارو ڪيو ۽ عربن جي قديم لباس مهمان نوازي ۽ مسجدن کي به ڏٺوسون.
هي شهر انساني حسن ۽ انساني هٿن جي سجاوٽ کان علاوه قدرتي مناظر جي فطري حسن جي ڪري به سياحن کي متوجه ڪري ٿو.
هتي جو بندرگاه ۽ هوائي اڏو ۽ هوائي ڪمپنيون خاص طور مڊل ايسٽ ائر لائنس گرائونڊ سروس توڙي فضائي سروس ۾ پنهنجي مهمان نوازي لاءِ پنهنجو نظير نٿيون رکن. بهترين جاگرافيائي بيهڪ جي ڪري دنيا جي هر ملڪ لاءِ هوائي جهاز ۾ سيٽ ملي سگهي ٿي. اسان چيو ته هن شاندار شهر جي يادگار طور هڪ اڌ مُنڊي يا چين وٺجي. ان ارادي سان اسان زيورات جي دوڪان ۾ لنگهي وياسين. دوڪاندار عجيب بي نيازيءَ سان پڇيو ته گهڻا پائونڊ سون گهرجي؟ ۽ اسان عافيت انهيءَ سمجهي ته فورن راهه فرار اختيار ڪريون.