نائجيريا جون ٻهراڙيون
)اوبياروڪو ۾ ٻه سال 76 1975ع(
اڄ ڏينهن تائين تقريباً اٺ سال کن آئون واري ۽ بينن سٽي جهڙن وڏن تاريخي ۽ ماڊرن شهرن ۾ ڪم ڪندو رهيو آهيان جتي زندگيءَ جون تمام تر سهوليتون موجود هيون آفيس گهر اسپتال سڀ ايئرڪنڊيشنڊ هئا. وڏا وڏا شاپنگ سينٽر به ايئرڪنڊيشنڊ هئا اعليٰ درجي جون هوٽلون، جمخانه ۽ ڪلب هاءِ سوسائٽي ۾ اٿڻ ويهڻ جا موقعا ملندا رهيا.
هن دفعي مونکي هڪ ٻهراڙيءَ جي نئين تعمير ٿيل اسپتال ۾ مقرر ڪيو ويو. هتي اچڻ سان مون کي صحيح معنيٰ ۾ آفريقا کي ڏسڻ ۽ سمجهڻ جو موقعو مليو آهي ۽ هتي جي ماڻهن جي ريتن رسمن ۽ مزاج جو مطالعو ڪرڻ جو موقعو مليو آهي. توهان ڏٺو هوندو ته هاڻي منهنجا خط تمام طويل ۽ جذباتي هوندا آهن ڇو ته مان هتي اچڻ کان پوءِ هڪ ڊاڪٽر سان گڏوگڏ هڪ ريسرچ اسڪالر به بنجي پيو آهيان.
مان هن ڳوٺ ۾ پاڻ کي هتي جي سوسائٽيءَ جو هڪ فرد تصور ڪريان ٿو ۽ شايد هنن به مون کي اهڙيءَ ئي طرح Accept and Accomodate ڪري ورتو آهي.
هتي مون کي صرف ڊاڪٽري ڪرڻي نٿي پوي پر مونکي هن ڳوٺ جي باشندن جي ڏک سک ۾ شريڪ ٿيڻو ۽ اٿڻو ويهڻو پوي ٿو. هتي جي چڱي مڙس (Chief) کي اها ئي اهيمت ۽ عزت (Due respects) ڏيڻي آهي جيڪا کين اتي جا ماڻهو ڏيندا رهن ٿا.
مطلب ته هيءُ منهنجي زندگيءَ جو عجيب و غريب تجربو آهي جنهن کي ڪم از ڪم مان پنهنجي لاءِ ته هڪ خوشگوار تجربو چئي سگهان ٿو جو پنهنجي وطن کان ست هزار ميل پري مان هنن اوبياروڪو جي باشندن لاءِ سندن ويڄ طبيب سان گڏ ڪميونٽيءَ جو ميمبر به بنجي رهيو آهيان.
هنن جي شادين ۾ آئون مدعو ڪيو وڃان ٿو مگر هنن جي غمين ۾ آئون بنا گهرائڻ جي ازخود ۽ پڻ منهنجي گهرواري به ان ۾ شريڪ ٿيون ٿا. فرق رڳو اهو آهي ته انهن جي اصل باشندن کي غميءَ ۾ زالن توڙي مردن کي مٿو ڪوڙائڻو پوندو آهي پر اسان ائين ڪو نه ڪندا آهيون.
ٻهراڙين ۾ هتي به ميلا ملاکڙا لڳن ٿا جتي تنبوءَ وانگر خوبصورت سجايل دوڪان ميون، رانديڪن، ڪپڙن ۽ ٻين ڳوٺاڻن هنرن جا لڳائين ٿا. تماشبينن جي ڏاڍي پيهه هوندي آهي. هتي ڪنهن بزرگ جي مزار تي اهڙا ميلا ڪو نه ٿا لڳن پر اڪثر هر سال ڳوٺن ۾ اهڙا وندر جا شغل ٿين ٿا. جيئن پاڻ وٽ ملاکڙو لڳي ٿو تيئن هتي ڪشتي ۽ ٺونشي بازيءَ جا مقابلا ٿين ٿا. اهڙن موقعن تي ڳوٺاڻيون شيدياڻيون ڏاڍو ٺهي جڙي هار سينگار ڪري پيون گهمنديون آهن ڪٿي ڪٿي جوئا ۽ شراب هلي ٿو باقي ٻي فحاشي بلڪل ڪا نه ٿئي.
هي ڳوٺ جتي اسان رهون ٿا اٿيوپ نندي (River Ethiope) جي ڪناري تي اڏيل هڪ قديم ڳوٺ آهي. اسان جو گهر ته بلڪل ننديءَ جي ڪناري تي ٺهيل آهي. جنهن جو صاف ۽ شفاف پاڻي ۽ ماحول جي خاموشي، سانت ۽ سڪون هڪ رومانوي ماحول کي ترتيب ڏئي رهيو آهي.
نديءَ جي ٻئي ڪناري تي نائجيرين هارڊ ووڊ ڪمپني آهي جنهن جو جنرل مئنيجر مسٽر بليڪ بارڊ هڪ خوش مزاج انگريز آهي، جنهن سان ڪافي دوستي ٿي وئي آهي ۽ گهر اچڻ وڃڻ جا تعلقات ٿي ويا آهن. سندس گهاٽي ڏاڙهيءَ ۾ ڪٿي ڪٿي سفيد وارن جو ڇڳو ائين پيو لڳي ڄڻ بيگن ڦلي انب تي ساوا گهڪا. اسان ٻئي اٿيوپ نديءَ جي ڪناري چهل قدمي ڪندي ڪافي اڳتي نڪري ويندا هئاسين.
هنن انگريزن جا گهر سڄا ڪاٺ جا ٺهيل آهن ۽ فرش ڇتيون، فرنيچر، اسٽول، بينچون ائين پيون لڳن ڄڻ پوري وڏي ٿُڙ جون سلائيس ڪٽي اچي رکيون اٿن گهر جو سڄو يونٽ پورٽيبل آهي. جيئن پاڻ وٽ سينڊوز دوائن جي ڪمپني وارن جا بنگلا ۽ ميس پورٽيبل آهن.
هتي غير ملڪي انگريزن جا ڪافي گهر آهن جيڪي هن ڪمپنيءَ جا ملازم ۽ انجنيئر آهن. انهن فارينرز جي ڪلب به تمام صاف سٿري آهي، جنهن جا ڪافي يورپين ميمبر آهن. بيڊمنٽن ۽ ٽيبل ٽينس جا ڪورٽ ۽ سئمنگ پول به هن ڪلب ۾ موجود آهن.
هنن کي ڪمپنيءَ جي ڪم ڪار ۽ سروي ڪرڻ لاءِ پنهنجو هيليڪاپٽر به آهن جنهن ۾ هنن جا انجنيئر ۽ عملدار ٺيڪي ۾ کنيل جهنگلات ۾ هلندڙ ڪم جي نگراني ڪن ٿا ۽ لئگاس ۽ ٻين وڏن شهرن ۾ به ايندا ويندا رهن ٿا تنهن کانسواءِ هن ڪمپنيءَ جي ايئرڪنڊيشنڊ اسٽاف بس، هڪ مائڪرو بس ۽ ڪيتريون ئي جيپون آهن. ڪڏهن ڪڏهن اسان جي اپستال جي اسٽاف وارن کي پڪنڪ يا ڪم ڪار لاءِ بس کپندي آهي ته هن ڪمپنيءَ وارا گهڻي خوشيءَ سان مهيا ڪن ٿا. هو پنهنجي ملازمن کان ڪم چڱيءَ طرح وٺن ٿا مگر سندن هر قسم جون ضرورتون پوريون ڪرڻ کي به پنهنجو فرض سمجهن ٿا.
هن ڪمپنيءَ وارن انجنيئرن هتي وهندڙ اٿيوپ نديءَ جو هڪ حصو صاف ڪرائي هن ۾ هڪ قدرتي سئمنگ پول ٺهرايو آهي جتي اڪثر بوٽنگ (Boating) ڪشتيراني به ڪندا آهن.
روزانو شام جو ۽ خاص ڪري آچر جي ڏينهن ته هن ڪمپنيءَ جا ملازم ۽ سندن انگريز زالون هتي اچي ٻيڙين ۾ سير ڪنديون آهن ۽ ائين لڳندو آهي ڄن سنڌ جو حاڪم ڄام تماچي پنهنجي منظور نظر نوريءَ سان ڪينجهر جو سير ڪري رهيو هجي جنهن لاءِ لطيف گهوٽ فرمائي ٿو ته:
”هيٺ جَرُ، مٿي مڃَرُ، پاسي ۾ وڻراه،
اچي وڃي وچ ۾، تماچيءَ جي ساءَ،
لڳي اتر واءَ، ته ڪينجهر هندورو ٿئي.“
عجب جي ڳالهه اها آهي ته هنن جا ٻار اڪثر موڪلن ۾ يورپ کان هتي سرديون گذارڻ ۽ ڳوٺاڻي ماحول کان لطف اندوز ٿيڻ ايندا آهن. اسان اوبياروڪو ۾ ئي هئاسني ته 1976ع ۾ هڪ دفعو وري ملڪ ۾ فوجي انقلاب آيو ۽ جنرل يعقوب گوون کي هٽائي جنرل مرتلا محمد حڪومت سنڀالي، جنهن جي نالي سان لئگاس جو نئون تعمير ٿيل ايئرپورٽ سڏجي ٿو. پر چند مهينن ۾ ئي هڪ ٻئي فوجي انقلاب جي ڪوشش ڪئي وئي جنهن ۾ جنرل مرتلا محمد قتل ٿي ويو. مگر جنرل مرتلا محمد جي ساٿين انقلاب کي ناڪام بنائي ڇڏيو ۽ سندس ئي دست راست چيف آف اسٽاف جنرل اولو شيگون اوباسنجو ملڪ جو سربراهه بنيو آهي. جنهن اڳتي هلي سنه 1979ع ۾ صدارتي چونڊون ڪرائي اقتدار عوامي چونڊيل نمائندن جي سپرد پروقار ۽ بارونق تقريب ۾ جنرل اوباسنجو، چونڊيل صدر عثمان علي شگاري کي پاڻ مٿاهين چبوتري مان ڪرسيءَ تان اٿي هيٺ لهي اچي صدر شگاري کي سئليوٽ ڪيو ۽ کيس وٺي وڃي مٿي صدارتي ڪرسيءَ تي وهاريو ۽ پاڻ واپس موٽي اچي مهمانن جي قطار ۾ خالي ٿيل صدر شگاريءَ جي ڪرسيءَ تي ويٺو. ان طرح هن جمهوريت جي اعليٰ روايتن جو ذکر مان مٿي ڪيو ۽ عوام کي صحيح معنيٰ ۾ طاقت جو سرچشمو تسليم ڪيو.
اڄڪلهه هو صاحب پنهنجي زمينداريءَ ۾ مشغول آهي ۽ زمين تي ٽريڪتر هلائڻ ۽ ٻيو ڪم ڪار سمورو پاڻ پنهنجي سر ڪري ٿو ۽ سياست کان بلڪل رٽائرڊ ۽ ڪناره ڪش آهي.
شروع ۾ جو اسان وڏن وڏن ماڊرن شهرن ۾ ست اٺ سال گذاري آيا هئاسين ته عارضي طور اسان هتي ڪجهه (Uneasy) پئي محسوس ڪيو پر پوءِ جلد ئي اسان جو وقت تمام سٺو گذرڻ لڳو.
هتي جا سڀ ماڻهو انگريزي ڳالهائي سگهندا آهن. اسپتال ۽ رهائش جون جايون تمام جديد ۽ آرامده آهن. بجليءَ جي موجودگيءَ ڪري ايئرڪنڊيشنڊ آهن. پاڙي ۾ پڙهيل ڪڙهيل انگريز فيمليون به رهن ٿيون جن جو اسان سان تمام بهتر سلوڪ آهي.
نديءَ جي قدرتي مناظر هڪ فطري حسن پيدا ڪيو آهي. هي ڳوٺ هڪ پختي سڙڪ سان شهر سان ڳنڍيل آهي. نائجيريا جي هن ڳوٺ جي ماڻهن اسان کي جيڪو پيار ۽ محبت ڏني آهي سان اسان ڪڏهن به وساري نه سگهنداسين.
ٻه سال اسان هن ڳوٺ ۾ ائين گذاريا جو وقت گذرندي خبر ئي نه پئي. هن ڳوٺ جي باشندن سان شادي غميءَ ۾ اٿڻ وهڻ سان اسان هن سماج جو هڪ حصو بنجي چڪا آهيون. هن ڳوٺ جا وڏا مرد ۽ عورتون ته ڇا پر ننڍا ٻار به اسان کي سڃاڻن ٿا ۽ عزت ڏين ٿا. ٻارن جي وارڊ ۾ اسان جي اسپتال ۾ هڪ مقامي ڇوڪرو ڪيتري وقت کان داخل هو. مان ڪجهه ڪڏهن سندس بيڊ تي ساڻس ليوڊو ويهي کيڏندو هئس. هو مون سان ڏاڍو هري ويو هو ۽ راند ۾ مون سان ڏاڍو ڦڏو به ڪندو هو هاڻ جڏهن هو چاق ٿيو آهي ته ٻه چار ڏينهن پنهنجي مائٽن وٽ رهي مون وٽ منهنجي گهر موٽي آيو آهي. هن جي ماءُ مون کي به پٽ ڪري ڪوٺيندي آهي. سندس مڙس هتي هڪ اسڪول ٽيچر آهي.
ٻن سالن کان پوءِ جڏهن اسان موڪل تي پاڪستان اچي رهيا هئاسين ته اپستال جي اسٽاف وارن کان علاوه نائجيرين هارڊ ووڊ ڪمپنيءَ وارن اسان جون دعوتون ڪيون اسان هتي وارن جو هي قرب ۽ خلوص ڏسي ائين پيا سمجهون ته ڄڻ اسان ڪن ايامن ۽ جنمن کان هن ڳوٺ جو هڪ حصو آهيون.هارڊ ووڊ ڪمپنيءَ وارن اسان کي سندن هيليڪاپٽر ۾ نهايت سهوليت سان ايئرپورٽ تائين پهچايو. جنهن لاءِ اسان سندن شڪر گذار آهيون. منهنجي گهر واري ۽ اتي جي عورتن هڪ ٻئي کان روئي موڪلايو ۽ خود مون به اشڪبار اکين سان کين خدا حافظ چيو. خدا ڪري اوبياروڪو جا باشنده سدا خوش خورم ۽ خوشحال هجن. هو ڊسمبر جي ڪرسمس ۽ جنوريءَ جي نئين سال تي اڃا به ياد ڪندا رهندا آهن. هن ڳوٺ جي باشندن جو خلوص ۽ پيار اسان لفظن ۾ بيان ڪري نٿا سگهون هتي جي ماڻهن لاءِ منهنجي سدائين اها دعا آهي ته:
”منهنجو ته وار وار ٿو هر هر دعا ڪري،
ڪوسو لڳي نه واءُ سڄڻ کي خدا ڪري.“
(طالب الموليٰ)
هتي به اسان جي پيارن هندو دوستن چيلارما ڊپارٽ مينٽل اسٽور وارن جا اڪثر فون ايندا هئا ۽ حال احوال خير خيريت دريافت ڪندا هئا. منهنجي بيگم چوندي هئي ته نائجيريا وارن سان ايڏا گهرا ناتا رکون ٿا ڄڻ ته ڪڏهن پاڪستان موٽڻو ئي ڪو نه اٿوَ. جيئن ڪنوار کي سندس سهيليون ائين طعنا ڏيندوين هيون ته ”ايڏو ٿي هار سينگار ڪرين ڄڻ ته چنيسر سان چت لڳائڻو اٿئي“. هيلوڪي سفر ۾ اسان کي جدائيءَ جو ايترو ته ڏک ٿيو جو رستي تي گهمڻ ڦرڻ بدران سڌو روم کان ٿيندا ڪراچي آياسين.