نائجيريا جي بيمارين بابت
جيئن مون توهان کي پهرين ٻڌايو ته هتي جا ماڻهو حال مست، شاڪر، بي فڪر ۽ مگن رهن ٿا.
بي فڪري، دارونءَ جو عام استعمال، نچڻ، ڳائڻ ۽ موسيقيءَ سان عشق، سندن تهذيب ۽ روزمره جو معمول آهي جنهن جا سندن صحت تي به نمايان ۽ خوشگوار اثرات مرتب ٿين ٿا.
مان هتي سورهن سالن کان ملڪ جي وڏين وڏين شهري توڙي ٻهراڙيءَ جي سِول توڙي ملٽري اسپتالن ۾ رهيو آهيان مگر مون ڏٺو ته دل جي دوري جا ڪيس اسان وٽ ڪو ورلي رجسٽر ٿيا هوندا. تنهن کان سواءِ مان ملڪ جي طبي بليٽن به باقاعدگيءَ سان پڙهندو رهندو آهيان ۽ طبي ڪانفرنسن ۾ به شريڪ ٿيندو رهيو آهيان پر مون کي هتي دل جي بيمارين جا ڪيس بلڪل نه جي برابر ڏسڻ ۾ آيا. سواءِ انهن چند امير ترين ۽ اعليٰ تعليم يافته ماڻهن جي جيڪي هر سال ڪجهه مهينا يورپ ۾ تفريح لاءِ وڃن ٿا ۽ هتي به تمام عياش زندگي گذارين ٿا ۽ ايئرڪنڊيشنڊ گهرن ۾ رهن ٿا ۽ تمام ڳرو کاڌو (Refinedfood) کائين ٿا جنهن سان اعصابي ڪشيدگي ۽ دماغي ڇڪتاڻ (ٽينشن) پيدا ٿئي ٿي.
حالانڪ خون جي دٻاءُ جو وڌڻ (High blood pressure) به هتي ڪافي آهي. اڪثر چاليهن سالن کان وڏي عمر جي مردن توڙي عورتن ۾ B.P بلڊپريشر وڌيل رهي ٿو. زيابيطش D.M. به ڪافي آهي جيڪي ٻئي علامتون دل جي دوري جو سبب ٿي سگهن ٿيون.
جيتري قدر منهنجو خيال آهي هنن جي بي فڪريءَ سان گڏ هنن جي صاف سادي خوراڪ جو به اثر آهي جو هتي اها بيماري ڪو ورلي ٻڌڻ ۾ اچي ٿي.
هيلٿ ريسرچ وارا به ان بيماري جي گهٽ هئڻ جي اسباب بابت تحقيق ڪندا رهن ٿا. سگريٽ نوشي ۽ موٽاپو ۽ فڪرات جيڪي دل جي بيمارين جا محرڪ آهن تن کان هتي جا ماڻهو اڪثر بچيل آهن.
دل جي بيمارين جي بلڪل گهٽ هئڻ جو اندازو توهان هن واقعي مان لڳائي سگهندا ته ڊسمبر 1978ع ۾ هڪ خوشگوار ٿڌي صبح ۾ جڏهن هوا ۾ خشڪي محسوس ٿي رهي هئي ته مان پنهنجي آفيس مان ٽپال ڏسي هاڻي رائونڊ تي نڪرڻ وارو ئي هئس ته مونکي منهنجي پياري دوست ڊاڪٽر محمد عمر صديقيءَ کي دل جو شديد دورو پوڻ جو اطلاع پهچايو ويو.
ڊاڪٽر صديقي نه صرف منهنجو رفيق ۽ دوست هو مگر هڪ مقبول ۽ قابل ڊاڪٽر هو. هو اگبور جنرل اسپتال ۾ مون سان گڏ چيف ڪنسلٽنٽ سرجن هو. مان کيس فوراً بينن يونيورسٽيءَ جي ٽيچنگ اسپتال جي ميڊيڪل فيڪلٽي ۾ کڻائي ويس. جتي مان پاڻ به ملازمت ڪري چڪو آهيان ۽ ڊاڪٽر صديقي خود به هتي وارن لاءِ ڄاتل سڃاتل دوست هو هيءَ اسپتال ڊاڪٽريءَ جي جديد سامان سان آراسته آهي ۽ هتي جو عملو نهايت قابل ۽ مشهور ڊاڪٽرن تي مشتمل آهي.
فزيشن (E.C.G) لاءِ لکيو مگر هتي جي اسپتال وارن کي صرف اهو معلوم ڪرڻ ۾ ئي ڪئين ڪلاڪ لڳي ويا ته E.C.G. مشين ڪٿي رکيل اهي ڇو ته سالن کان هن جي استعمال جي ضرورت نه پئي هين ۽ مشين تلاش ڪرڻ ۽ مشين آپريٽ ڪرڻ واري جي تلاش ۾ ڏاڍو وقت ضايع ٿيو.
جيڪڏهن اها ڳالهه منهنجي روبرو نه ٿئي ها ۽ ڪو ٻيو اها ڳالهه مون کي ٻڌائي ها ته مان جيڪر هن واري اسپتال بابت اها شڪايت ۽ اها ڳالهه ٻڌي اعتبار ئي نه ڪريان ها.
هاڻي اهو فقط ان ڪري ٿيو جو اها مشين عام استعمال ۾ ڪا نه ايندي هئي ۽ ڪٿي ڪنڊ ۾ بيڪار پئي هوندي. حالانڪ سڀني کي خبر آهي ته بينن جي هيءَ ٽيچنگ اسپتال ملڪ جي سڀ کان وڏي جديد اسپتال آهي ۽ سمورين جديد سهولتن (Modern facilities) سان ليس آهي.
ٻي بيماري جيڪا پنهنجي ملڪ ۾ عام آهي مگر هتي بلڪل نه آهي سا اهي پيشاب، مثاني ۽ گردي ۾ پٿري. هيتري ساري عرصي ۾ هڪ به اهڙو ڪيس اسان وٽ ڪو نه پهتو. هن مرض کان بچڻ لاءِ ماڻهن جي خوراڪ ۽ پاڻي گهڻو معاون ثابت ٿيا آهن.
اسان ٻاهريان ماڻهو ته سڀئي پاڻي ٽهڪائي ڇاڻي فلٽر ڪري پوءِ ڪتب آڻيون ٿا. هن بيماريءَ جو هتي نه هئڻ تنهن لاءِ به وڌيڪ کوجنا جي ضرورت آهي.
هتي جي ماڻهن کي جيڪي بيماريون ٿين ٿيون تن ۾ پيشاب ۾ رت اچڻ جي بيماري (Bilharziasis) گهڻي عام آهي.
هتي جا ماڻهو اڪثر تلاء نندي نالي يا واٽر ڪورس ۾ ونهجن ٿا جنهن ۾ ان بيماريءَ جا جيوڙا پيشاب رستي شامل ٿيا هجن. ٻي بيماري جيڪا نائجيرين لاءِ گهڻي پريشانيءَ جو سبب رهندي اچي ٿي سا آهي آنڊن جا ڪيڙا (Intestinal worms) هي ڪيڙا به ڪيترن ئي قسمن جا ٿين ٿا هن جي مريضن ۾ ٻارن جو تعداد وڌيڪ هوندو آهي. مون ڪيترائي ٻار ڏٺا جن جي آنڊن مان ٻه سو کان وٺي تي سو تائين ڪيئان نڪتا جيڪي ٽن انچن کان ڇهن انچن تائين ڊگها هئا.
مون کي ياد آهي ته جولاءِ 1971ع ۾ ملٽري اسپتال بينن ۾ مون وٽ هڪ فوجي آفيسر پنهنجي ڏهن سالن جي ڌيءَ داخل ڪرائي. هن ڇوڪريءَ کي آنڊي ۾ بلاڪ (Intestinal obstruction) جي تشخيص سان داخل ڪيم ۽ ان کي آپريشن لاءِ تيار ئي ڪيوسين ته نرس اچي ٻڌايو ته ڇوڪريءَ کي دست شروع ٿي ويا آهن ۽ پاخاني ۾ بيشمار ڊگها ڪيڙا نڪرڻ شروع ٿي ويا اٿس جن جو تعداد چار سو کان به مٿي ٿيندو ۽ سائيز پنجن کان ڇهه انچ.
ڇوڪري جڏهن آئي ته سندس پيءُ ٻڌايو ته کيس ڪيترن ڏينهن کان پيٽ ۾ سور رهي ٿو. هوءَ ڏاڍي ڏٻري ٿي وئي هئي.
ڪيڙن نڪرن کان پوءِ ڇوڪري بلڪل چاق ٿي وئي ۽ آپريشن جي ضرورت ڪا نه پئي ۽ ٻئي ڏينهن اسان کين اسپتال مان گهر وڃڻ جي اجازت ڏني. کيس اسان ڪا گهڻي مدد ڪا نه ڪئي پر ڇوڪريءَ جي پيءُ کي يقين ٿي ويو ته ملٽري اسپتال بينن جي مريضن تي تمام غير معمولي توجهه ڏنو ٿو وڃي ۽ مريض جلد شفاياب ٿيو وڃن جنهن لاءِ هو مختلف موقعن تي اسان جي تعريف ڪندو رهيو. تنهن کانسواءِ فليرئسيز (Filariasis) هڪڙي ٻي تڪليفده بيماري آهي، جيڪا اتر طرف ته وبائي صورت اختيار ڪندي پئي وڃي ۽ انساني نظر ۽ بصيرت ختم ٿيڻ جو ڪارڻ ٿي رهي آهي. اڪثر انڌا فقير هڪ ٻئي کي جهلي قطارن ۾ هلندا نظر ايندا آهن جيڪي هن بيماريءَ جو شڪار هوندا آهن.
هن حسين و جميل ۽ رنگين ڪائنات ۾ ڪنهن انسان جو بصيرت کان محروم ٿي وڃڻ ۽ هر ڳالهه لاءِ محتاج ٿي وڃن ڪيڏي نه تڪليفده ڳالهه آهي. مون کي جڏهن منهنجي وڏي ڀاءُ ڊاڪٽر عبدالرحمٰن قريشيءَ خط ۾ لکيو ته اسان جي پياري ۽ هر دلعزيز استاد جناب عبدالروف منصور ويراڳيءَ جي نظر آهستي آهستي ڪمزور ٿي رهي آهي ته مون کي ڏاڍو صدمو پهتو آهي ڇو ته هاڻي خدانخواسته اسان سندن موتين جهڙن اکرن ڏسڻ کان محروم ٿي وينداسين. (خدا نه ڪري) ۽ آئون هميشه مسجد ۾ سندن نظر جي بحاليءَ لاءِ خداوند تعاليٰ کان دعا گهرندو آهيان.
ان ڪري آئون اسان جي اسپتال جي اکين جي اسپيشلسٽ ڊاڪٽر حنا (Dr. Hanah) کي (گاڊ آف لائيٽ) روشنيءَ جو ديوتا سڏيندو آهيان.
ان جي برعڪس يلو فيور (Yellow fever) جيڪو آفريقا ۾ عام سمجهيو ويندو آهي ۽ هر ايئرپورٽ تي ان جي بچاءِ جا ٽڪا ضرور چيڪ ڪيا ويندا آهن سو هاڻ ايترو عام نه آهي بلڪ اهو مرض آهستي آهستي گهٽجي رهيو آهي ۽ مان سمجهان ٿو ته ڪم از ڪم نائجيريا مان اهو مرض مستقبل قريب ۾ نيٺ ائين ختم ٿي ويندو جيئن پاڻ وٽان خدا جي فضل سان ماتا (Small pox) جي بيماري ختم ٿي چڪي آهي.
ٽيٽانس (Tetanus) بيماري هتي عام آهي خاص طور نون ڄاول ٻارن ۾ (Treranatorum) جا ڪافي ڪيس ڏٺاسون اڪثر اهي جيڪي گهرن ۾ گندگي ۾ Septic حالتن ۾ ويم ٿين ٿا. يا اڻ ڄاڻ يا لالچي داين کان ٿين ٿا. هتي هر معمولي زخم لاءِ T. Anti Toxin ضروري هڻبو آهي.
هتي نائجيريا ۾ ٻي هڪڙي عجيب غريب بيماري مون عام ڏٺي آهي سا آهي گني ورم (Guinea worm) جنهن جي مادي جيوڙو ڪئي ميٽر ڊگهو ٿيندو آهي ۽ نرچهه سينٽي ميٽرن ۾ هوندو آهي. هي جيوڙو پينر ۽ ٽنگن ۾ چمڙي کي ٽوڙي نڪرندو آهي.
مقامي ماڻهو ۽ ڳوٺاڻا هنن جيوڙن کي ڏاڍي هوشياري سان بنا ٽٽڻ جي ماچيس جي تيليءَ تي آهستي آهستي روز ٿورو ٿورو ويڙهي ڪڍندا ويندا آهن.
هتي هڪ ٻي زهريلي مک به ٿيندي آهي جيڪا ماڻهن جي چمڙيءَ جي اندر آنا لاهي وڏي ٿيندي آهي. هتي جا پوڙها ماڻهو انهيءَ مک کي سُئيءَ سان کوٽي ڏاڍي هوشياريءَ سان ڪڍندا آهن. مٿيون ٻئي بيماريون ماڻهن کي ڪم ڪار کان نڪمو ۽ جڏو بنائي ڇڏين ٿيون.
باقي ٻيون بيماريون آهن، جيڪي پاڪستان ۾ ٿينديون رهن ٿيون، موروثي يا وبائي يا وچڙندڙ ٻيون بيماريون جيڪي هڪ ٻئي مان ڦهلجن ٿيون سي به هتي ڪي گهٽ نه آهن. منهنجي ذاتي راءِ ۽ آزمودي موجب هتي ماڻهن کي جيڪڏهن متوازن غذا ڪافي مقدار ۾ هجي ۽ پڻ صحت جي اصولن جي تعليم ۽ تربيت جو معقول بندوبست هجي ته ٻارن جي پيدائش جو ريٽ به محدود هجي پڻ ٽوڻن ڦيڻن ۽ جادو ڪندڙن ۽ نيم حڪيم ماڻهن کي کين نجات ڏيارجي ته اسپتالن مان هيءَ هيڏي ساري رش ازخود گهٽجي ويندي.
هتي 80 سيڪڙو عورتون اسپتالن ۾ ويم ڪن. ويم لاءِ اسپتال ۾ بيگاهه وقت داخل ٿيڻ يا اهڙي ويم جي ڪم لاءِ گهر جي ڀاتين کي پريشان ڪو نه ڪن هرڪا عورت پنهنجي چيڪ اپ ڪرائيندي رهندي آهي ۽ کين وقت ايترو ساريو پيو هوندو آهي جو صرف چند ڪلاڪ پهرين اچي داخل ٿين ۽ ويم جي ٻئي ڏينهن اسپتال مان هليون وڃن ۽ هڪ ٻار ڪڇ ۾ کير پيو پيئندو ۽ ٻيو ٻار هڪ سال کن جو پٺيءَ تي پٺيان ٻڌل هوندو.
اندازو ڪريو ته هتي هر هڪ ماڻهوءَ کي چار پنج زالون هجن ته هتي جي اسپتالن ۾ ۽ ويم گهرن ۾ ڪيڏي رش هوندي ليڊي ڊاڪٽرس هتي تمام گهٽ آهن هتي جي معاشري ۽ رواجن موجب عورتن جو مرد ڊاڪٽرن کان ويم ڪرائڻ قطع معيوب ڪونهي پر ان کي پاڻ وڌيڪ ترجيح ڏين ٿيون.
اهري طرح جيڪڏهن ڪجهه ليڊي ڊاڪٽرس آهن ته آهي به عورتن سان گڏ مردن جو به علاج ڪنديون رهنديون آهن. انهن رواجن جي ڪري مون کي هتي ويم ڪرائڻ ۽ عورتن جي بيمارين جي علاج ڪرڻ جا تمام گهڻا موقعا ملندا رهن ٿا.
اڄ تائين هزاررين ويم منهنجي نگرانيءَ ۾ ٿي چڪا هوندا. ائين چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ ڪونهي ته هتي نوڪري ڪندڙ ڊاڪٽرن کي زنانين بيمارين ۽ ويم بابت جيترو تجربو ۽ معلومات هوندي سا ٻين ملڪن ۾ ۽ خاص طور پاڪستان ۾ مرد ڊاڪٽرن کي نه هوندي جتي مذهبي ۽ معاشرتي آداب ۽ پابنديون مرد ڊاڪٽرن کي ان برانچ ۽ شعبي ۾ تجربو حاصل ڪرڻ کان باز رکڻ جا اسباب پيدا ڪن ٿيون.
مون کي ياد آهي ته 1964ع پاڪستان ۾ جڏهن اسان جي ڊيوٽي LMC لياقت ميڊيڪل ڪاليج اسپتال ۾ عورتن جي (Obst and Geyn) وارڊ ۾ لڳي هئي ۽ اسان کي ڪجهه مقرر تعداد ۾ ويم جون ڪيس رپورٽون لکڻيون هيون ته وارڊ جي انچارج رجسٽرار جيڪا ليڊي ڊاڪٽر هوندي آهي اسان کي وڏا سفيد گائون پارائي عينڪ ۽ ماسڪ سان منهن لڪائي ويم ڏسڻ لاءِ اندر موڪليندي هئي ۽ اسان کي ڪجهه ڳالهائڻ يا پڇڻ جي سخت تاڪيد ڪيل هوندي هئي ۽ هٿن تي دستانا چڙهيل هوندا هئا ته متان مريضن يا زچه کي اهو معلوم نه ٿي سگهي ته اسين مرد آهيون. ان مان توهان اندازو لڳائي سگهيا هوندا ته ماڻهو عملي طور (Practically) ڇا سکي سگهندو. سواءِ صرف ڪتابن پڙهڻ جي. مگر هتي نائجيريا ۾ اچي هتي عملي طور اهڙن بيمار مريضن جو علاج (Deal) ڪرڻ مان ڪافي وسيع تجربو حاصل ٿي سگهيو آهي. هتي جون عورتون مرد ڊاڪٽرن کان ڪو به حجاب ڪو نه ڪن بلڪه مرد ڊاڪٽر کي ليڊي ڊاڪٽر تي ترجيح ڏينديون آهن. ڇو ته نائجيريا جي معاشري ۾ مرد جو خاصو تسلط (Dominating Role) آهي. هيڪاري ڪو مرد جي ڊاڪٽر غير ملڪي به آهي ته ان وٽ علاج لاءِ وڃڻ اڃا به بهتر سمجهن ٿيون ۽ سندن مقامي ڊاڪٽرن کي چاهي اهي وڌيڪ تجربيڪار ۽ قابل ڇو نه هجن تن کي ايتري اهميت ڪو نه ڏين.
1979ع ۾ واري جنرل اسپتلا ۾ ڊاڪٽر اوبڊياسي (Odiase) مون سان گڏ ڪم ڪندو هو ۽ ڪئاليفائيڊ ماهر سرجن هو (جيڪو هن وقت U.B.T.H يونيورسٽي ۾ پروفيسر ۽ سرجريءَ جو هيڊ آف دي ڊپارٽمينٽ آهي) ان ڏي آئون ڪو ڪيس ريفر ڪندو هوس ته مريض ان ڏي وڃڻ پسند نه ڪندا هئا ۽ مون کي چوندا هئا ته تون ئي اسان جو علاج ڪر. تنهن ڪري مون کي ڪافي مريضن سان واسطو پوندو هو ۽ جدا جدا قسم جي بيمارين بابت وسيع عملي تجربو ۽ واقفيت حاصل ٿيڻ لڳي آهي.
تنهن کانسواءِ مون کي هتي آپريشن ۽ سرجيڪل ڪم جو به اڪيلي سر (Independent) ڪم ڪرڻ جو تجربو ٿيڻ لڳو آهي. منهنجو اڪيلي سر (Independent) آپريشن ڪرڻ جو جيڪو پهريون (C.S) سرجيڪل ڪيس هو تنهن ۾ ٻه جاڙا ڇوڪرا پيدا ٿيا جيڪي واريءَ جي اسپتال جي ڊائيور جا ٻار هئا. هينئر اهي 15 سالن جا آهن ۽ H.S.C هاير سيڪنڊري سرٽيفڪيٽ امتحان پاس ڪري چڪا آهن ۽ هر ڊسمبر ۾ ڪرمس ۾ مون لاءِ گلدستا آڻيندا آهن.
هتي جي ماڻهن توڙي ٻارن ۾ ڏندن جون بيماريون به تمام گهٽ ٿين ٿيون. ان جو غالباً هڪڙو سبب اهو به ٿي سگهي ٿو ته مٺاڻ ۽ برف بلڪل پسند ڪو نه ڪن ۽ پان کائڻ جو رواج ته هتي بلڪل ڪونهي.