مصنف جا ٻه ٽي لفظ
سو هي هڪ ڪتاب ٺهي پيو...
هن ڊائريءَ ۾ ڏيکاريل يادگيريون ۽ احوال ڪي تازا آهن ته ڪي وري 15 16 سال پراڻا. مان هي ڪتاب پريس جي سپرد نه ڪريان ها پر مون ڏٺو ته جڏهن مان مختلف ڪچهرين ۾ هتي نائجيريا جا تفصيل ٻڌائيندو هوس ته دوستن کي ڏاڍو عجب لڳندو هو ڇو ته هنن وٽ آفريقا جو تصور ڏاڍو ڀيانڪ هو. هنن جيڪي جاگرافي تاريخ، ڊائجسٽن يا ڪهاڻين ۽ ڪٿائن ۾ پڙهيو يا ٻڌو ۽ سُئو هو مان ته ان جي بلڪل برعڪس پيو ڳالهيون ڪريان!!
يقين ڄاڻو ته هاڻي نائجيريا اهو نائجيريا نه رهيو آهي جنهن کي ڪنهن وقت ڪتابن ۽ جاگرافين ۾ ”اونداهو کنڊ“ يا ”انگريز جي قبر“ چوندا هئا يا مهذب دنيا وارا ”بيلو فيور“ جو ٻڌي غش ٿيڻ وارا هوندا هئا. گرمي ۽ تپش، حبس ۽ نٽهڻ اُس جو تصور ڪري جانا ڀريندا هئا يا خونخوار شينهن درندن يا آدمخور ۽ وحشي شيدين جون ڏند ڪٿائون ٻڌي هانءُ ڏڪي ويندو هوَن اگرچ انهيءَ ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته اُتي گهاٽن جهنگلن ۾ اڄ به ڏينهن جو رات لڳي پئي آهي. پر ته به اهي ڳالهيون هاڻي اگرچه فرضي ڪٿائون نه به سڏجن ته به ياد رفتگان چئي سگهجن ٿيون. مان پاڻ پنهنجي ڪٽنب سوڌو هتي ڀار ڀريا سورهن سال رهي ڏسي آيو آهيان ته هينئر نائجيريا هڪ امير ترين ۽ آسودن ملڪن ۾ شمار ٿيڻ لڳو آهي. منجهس پيٽرول جا وڏا ذخيرا آهن جن نائجيريا وارن جي رات و رات قسمت بدلائي ڇڏي آهي، سال جا ست مهينا بارش پوڻ سبب هتي جي موسم ۽ آب و هوا معتدل آهي. زمينون سيراب ۽ زرخيز سر سبز ۽ شاداب آهن. ماڻهو مهذب ۽ لحاظ وارا آهن. پيٽرول نڪرڻ ڪري غير ملڪي فرمون، انجنيئر ۽ فني عملو هتي ڪافي تعداد ۾ مقيم آهي. هتي جون هوٽلون ۽ شهر رستا عمارتون ۽ پارڪ ۽ بازارون پُرشڪوه ۽ رونق واريون آهن. هتي جون ٻهراڙيون، ننڍيون ۽ ماٿريون دلفريب ۽ نظاريدار ٻهراڙين جا ماڻهو سادا ۽ سچار آهن، هتي جيڪو ماڻهو اسپتال مان چاق ٿي وڃي ته اهو ۽ ان جا مائٽ ڊاڪٽرن لاءِ ميوا ۽ تحفا کڻي اچن ٿا جيئن پاڻ وٽ ڇوڪرو پاس ٿئي ته استاد کي مٺائي ڏئي ايندا آهيون. اهڙيءَ طرح هونئن ته اسان وٽ ڪيڪ پيسٽرين جا ڍير هوندا آهن پر ڪرسمس يا نيويئر Newyear تي به چاق ٿي ويل مريض اسان کي ڪو نه وسارين.
هنن پنهنجي اسپتالن ۽ يونيورسٽين لاءِ دنيا مان چونڊي چونڊي قابل ۽ ماهر ماڻهو ڳرين پگهارن تي رکيا آهن.
پاڪستاني به هتي ڪافي آهن. رڳو اسان واري بينڊل اسٽيٽ ۾ ئي لڳ ڀڳ ٻه سو پاڪستاني فيمليون رهن ٿيون. اها ڳالهه قابل ذڪر آهي ته هتي مقيم پاڪستانين ۾ آئون سڀ کان پراڻو رهندڙ آهيان جو سورهن سالن کان رهندو اچان ٿو نه ته هونئن هتي ٽن چئن ڪانٽريڪٽس کان وڌيڪ (اَٺ سال) ڪو ڪو نه رهي. هتي سنڌي هندو ڪٽنب واپار تي ڇانيل آهن. سندن برتاءُ (ڊيلنگ) ۽ ساک (ڪريڊٽ) جي ڪري کين حڪومت توڙي عوام ۾ سٺي نظر سان ڏٺو ٿو وڇي جيئن پاڻ وٽ خواجه يا ڪاٺياواڙي واپاري ساک وارا سمجهيا وڃن ٿا.
نائجيريا جي حڪومت ۽ ماڻهو، قابل ۽ محنت ڪندڙ جا قدردان آهن ۽ اهڙن ڊاڪٽرن جي تجويزن ۽ مشورن تي به غور ڪن ٿا هيءُ ڪيڏي عجب جي ڳالهه آهي جو هنن بينن (Benin) جي نئين ملٽري اسپتال ٺهرائڻ، هلائڻ ۽ اسٽئبلش ڪرڻ جو سمورو ڪم منهنجي سپرد ڪري ڇڏيو. حالانڪ مان نه ته ڪو انجنيئر هوس ۽ نه ئي هنن جي فوج جو عملدار هوس تڏهن به هنن مون کي هن اسپتال جو پروجيڪٽ ڊائريڪٽر مقرر ڪري ڇڏيو. انهيءَ ڪري ميٽنگون اٽينڊ ڪرڻ، ٽينڊر گهرائڻ اسٽاف رڪروٽ ڪرڻ ۽ بيروني ملڪن مان لئباريٽريز لاءِ سامان گهرائڻ چلڊرين ڊي جي ملهائڻ جو بندوبست ڪرڻ وغيره ۽ پڻ وچڙندڙ بيمارين کان بچاءُ لاءِ گشتي دواخاني ذريعي ويڪسينيشن ڪرڻ جو بندوبست ڪرڻ لڙائيءَ جي وقت امرجنسي ۾ اونده ۾ ۽ اوور ٽائيم ڪم ڪرڻ ۾ مونکي ڏاڍي خوشي محسوس ٿيندي هئي. بعضي ڳوٺ خط لکڻ ۾ به مهينا لڳي ويندا هئم.
هنن مون کي ڊاڪٽريءَ جي اعليٰ تعليم لاءِ پنهنجي خرچ تي لنڊن به موڪليو ۽ پڻ اسپتال جي ايڊمنسٽريشن جي سکيا بابت ٽريننگ لاءِ موڪليو ان طرح مصروف زندگيءَ ۾ مون تمام گهڻو تجربو حاصل ڪيو ۽ سورهن سالن جو طويل عرصو اک ڇنڀ ۾ گذري ويو. اهڙيءَ طرح ٻين ٻهراڙين جي نين اسپتالن جي کولڻ ۽ هلائڻ ۾ به مون سندن دل و جان سان مدد ڪئي. هو پنهنجي اسپتالن بابت اهم ميٽنگن ۾ مونکي شريڪ ڪندا هئا ۽ مان هنن جي صحت عامه جي پاليسيءَ ۽ پروگريس بابت پريس ڪانفرنس کي به خطاب ڪندو هوس بعضي مون کي اسپتال جي طرفان عدالت ۾ به راءِ ڏيڻ يا شاهدي ڏيڻ لاءِ وڃڻو پوندو هو.
پاڪستان سان نائجيريا وارن جا خوشگوار ناتا آهن. انهن سڀني ڳالهين جي ڪري مون کي هي ڪتاب تيار ڪرڻو پيو آهي، جنهن جو ڪجهه حصو تازين ڊائرين تان نقل ڪيو اٿم ۽ ڪجهه تمام پراڻين ڊائرين خطن ۽ اخبارن جي ڪٽنگ تان ورتل آهي، ڪجهه ڳالهيون مون کي تصويرن جا البم ڏسڻ سان ياد آيون سي به شامل ڪيون اٿم. ڪي ڊائريون سنڌيءَ ۾ لکيل هيون ته ڪي انگريزيءَ ۾ هوٽلن ۾، هوائي سفر دوران ۽ اسپتال ۾، آفيس ۾ ويٺي لکيل ڊائريون آهن. انهن سڀني کي گڏائي ورتم ته هڪ ننڍڙو سفرنامو ٺهي پيو آهي.
هاڻي ته سنڌيءَ ۾ دنيا جي سڀني ملڪن جا سُٺا سٺا سفرناما ڇپجي چڪا آهن. الطاف شيخ جا بيشمار سفرناما ڇپيل آهن. الطاف شيخ جي سفرنامن لکڻ جو پنهنجو منفرد انداز آهي، جنهن کيس نئين نسل جي مقبول اديبن جي صف ۾ آڻي بيهاريو آهي. تنهن کان سواءِ ڊاڪٽر سليمان شيخ، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي، ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ ۽ ماهتاب محبوب جا سفرناما به پڙهندڙن گهڻو پسند ڪيا آهن. اهي سڀ مڃيل اديب ۽ ليکڪ آهن پر منهنجو ادبي دنيا ۾ هي پهريون قدم آهي، تنهن ڪري ممڪن آهي ته پراڻيون يادون سهيڙيندي ۽ سنڌي ۽ انگريزيءَ ۾ لکيل پراڻين ۽ نين ڊائرين جي ورقن کي سميٽيندي منهنجون هي يادون ۽ سفر پڙهندڙن کي ڪجهه بي ربط محسوس ٿين، پر مون ويهي انهن کي ايڊٽ ڪو نه ڪيو. ائين ڪرڻ سان ان جو نيچرل اِمپريشن غير موثر ٿي پوي ها، ظاهر آهي ڪٿي ڪجهه وڌائڻو پويم ها ۽ ڪٿي ڪجهه ڪاٽي ڇڏڻو پوي ها مصلحتن کي ملحوظ رکڻو پوي ها. ٻوليءَ کي ادبي ۽ مڪلف رنگ ڏيڻو پوي ها. پر پوءِ ڊائريءَ جي اها فطري صورت درهم برهم ٿي پوي ها جيڪا مون نه پئي چاهي.
”زيب ادبي مرڪز“ جي مهتمم جناب احمد شيخ جنهن سنڌي ادب کي معياري ۽ بهتر ڪتاب مهيا ڪيا آهن، تنهن جي تعاون سان هي ڪتاب پڙهندڙن تائين پهچي سگهيو نه ته آهستي آهستي اِهي سڀ يادون ڌنڌلا ڌنڌلا خواب ۽ سپنا بنجي منهنجي ذهن جي ڪينويس تان ميسارجي وڃن ها.
سنڌ جي سدا بهار ليکڪ الطاف شيخ ازراه نوازش مون کي سنڌي ادب ۾ افريقا جي سفرنامي جي ضرورت طرف ڌيان ڇڪايو ۽ مفيد مشورن جا خط لکيا ۽ هن ڪتاب لاءِ پيش لفظ لکيا جنهن لاءِ مان سندس ٿورائتو آهيان .
هن هيڏي ساري عرصي جي ياد، منهنجي ذهن ۾ سواءِ خوشگوار يادن جي خوشنما گلدستي جي ٻيو ڪجهه به نه آهي. اڄ به اسان هنن يادن جي تازگي لاءِ پنهنجي گهر جو نالو ”بينڊل هائوس“ رکيو آهي ۽ جڏهن به اُس جي تڙڪي ۾ لطيف آباد ۾ باغ ۾ ڪٽنب جي ڀاتين سان ويهي ڳالهيون ڪندا آهيون ته منهنجي ڌيئن ۽ بيگم کي اتي جا گهر (اتي اسان ڪم از ڪم 12 13 گهر بدلايا) اتي جا باغ ۽ اتي جا مالهي اتي جون برساتون ياد اينديون آهن. اهي يادون ڪڏهن به وسرڻ جون نه آهن.
مون هتي سورهن سال سروس ڪئي 1968ع کان 1983ع تائين هر ٻن سالن کان پوءِ اسان کي چار مهينا فل پگهار ۽ فيملي ٽڪيٽ سان موڪل ملندي هئي جن مان ٻه مهينا اسان پاڪستان ۾ گذاريندا هئاسين ۽ باقي ٻه مهينا دنيا جي سير و سفر ۾. جيئن ته لئگاس کان ڪراچي ڊائريڪٽ پرواز نه اهي تنهنڪري اسان کي هميشه نئين نئين روٽ تي سفر ڪرڻ ۽ نوان ملڪ گهمڻ جا وجهه مليا. هن سير کي مفيد آسان ۽ مزيدار بنائڻ ۾ اسان جي مهربان دوستن، ڊاڪٽرن ۽ مائٽن جو تعاون خلوص ۽ حُسن اخلاق به شامل آهي. جيڪي جدا جدا ملڪن ۾ اسان جا ميزبان ٿي رهيا جن ۾ اقوام متحده ۾ پاڪستان جي اڳوڻي مستقل نمائندي جناب اقبال آخوند جو نالو سرِ فهرست آهي جيڪو ان وقت مصر ۾ (قاهره) پاڪستان جو سفير هو، جنهن جي مهربانيءَ ۽ ميزبانيءَ ۾ اسان ڪٽنب سوڌو ۽ سهولت سان مصر جو سير ڪيو.
نائجيريا ۾ اسان جي ڪيترن سنڌي هندو ڀائرن سان ڄاڻ سڃاڻ ٿي جيڪا پوءِ پڪي دوستي ۽ گهريلو لاڳاپن ۾ هميشه لاءِ رهندي اچي ٿي. هنن پيارن دوستن ۾ مسٽر ڏاسواڻي، مسٽر آسنداس، مسٽر جيوت لالواڻي ۽ ٻيا به اهڙا ئي ڪروڙ پتي سيٺيون شامل آهن ڌڻي شال کين آسودو ۽ سک ۽ شانتي ۾ رکي.
هن سفر جي دوران اسان جو پيارو ساٿي ڊاڪٽر محمد عمر صديقي اسان کان وڇڙي ويو جنهن جو ڏک اڄ به دل کي ملول ڪري ٿو. هو نه صرف قابل سرجن هو پر عظيم انسان ۽ مخلص دوست به هو شال ٻاجهارو ڌڻي کيس مغفرت ڪري!
آئون جڏهن نائجيريا ويس ته اتي جنگ پئي هلي سڀني منهنجي (بقول سندن) اٻهرائيءَ تي افسوس ڪيو ۽ چيائون ته اجهو ٿو موٽي. پر خدا جي فضل سان مان اتي مستقل طور رهڻ لڳس. اِتي اسٽئبلش ٿيڻ ۾ ڪيترن دوستن ۽ هندو ڀائرن جي ساٿ ۽ تعاون ۾ جنرل ٽي اي اوييلولا جو نالو قابل ذڪر آهي، جيڪو نائجيريا جي مسلح افواج ۾ جنرل جي عهدي تي فائز آهي ۽ هڪ قابل ڊاڪٽر آهي. هن خوشمزاج انسان سان اڄ سوڌو خطو ڪتابت جو سلسلو جاري آهي.
نائجيريا منهنجو وطن ثاني آهي منهنجي ٻارن جي جنم ڀومي آهي، جتي مون پنهنجي زندگيءَ جا بهترين سال گذاريا آهن، جنهن کي ڀلا مان ڪيئن وساري سگهندس!
سنڌ جي ممتاز ادبي شخصيت ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي جي چيئرمن پروفيسر ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جي هن ڪتاب بابت راءِ کي پڻ مان پنهنجي لاءِ وڏي عزت افزائي محسوس ڪريان ٿو.
مون کي ياد آهي ته پنهنجي عزيز محترم سعيد شيخ جن جي مهرباني ۽ مدد سان فيملي سان گڏ جڏهن مان ڀارت گهمڻ ويس ته اتي جي ادبي حلقن ۾ به ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي کي گهڻي عزت سان ياد ڪيو ٿي ويو خاص طور تي سندس لکيل ڪتاب ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“ جو گهڻو چرچو هو.
احمد علي قريشي