سعودي عرب
(زيارت خانه ڪعبه جولاءِ 1970ع)
نائجيريا مان پهريون ڀيرو موٽيو هئس. تنهن ڪري مائٽن دوستن جي دعوتن ڪچهرين ۽ سفر جي سرگزشتن ۾ موڪلون الاجي ڪيئن ختم ٿي ويون.
10 مئي 1970ع تي منهنجي شادي حيدرآباد ۾ ٿي گذري ۽ هاڻي اسان فيملي سميت واپس نائجيريا وڃڻ جي تياري ڪرڻ لڳاسين منهنجي سهري جناب سيٺ حاجي حسن علي ميمڻ جي خواهش موجب هن دفعي اسان جي پهرين منزل جده هئي. تاجپور جي نواب ۽ ممتاز بينڪار نواب حاجي عبدالعلي خان جي تعاون سان اسان جو هتي سفر خاصو دلچسپ ۽ آرامده گذريو. جدي ۾ جناب حاجي عبدالحڪيم اسان جو آڌر ڀاءَ ڪيو. جنهن جو هتي واچن جو وڏو ڪاروبار آهي. هن دفعي اسان P.I.A. جي فلائيٽ ۾ موٽيا آهيون ۽ هتي اسان جو ميزبان اسان جو ڳوٺائي ڊاڪٽر بشير ميمڻ صاحب آهي ( سعيدآباد وارو) آهي. سندس ڀائرن ۽ چاچن، حاجي عبدالهادي ميمڻ، ۽ حاجي عبدالرحمان ميمڻ وانگر وڏو سخي ۽ مهمان نواز آهي.
رات جو مديني شريف روانا ٿياسين عمرو ادا ڪيوسين. منهنجي گهر واري ته اڳ ۾ ئي حاجاڻي آهي ۽ پنهنجي والدين سان اڳ به هتي اچي چڪي آهي. باقي منهنجي لاءِ هن سعادت حاصل ڪرڻ جو هي پهريون موقعو هو. الحمدالله.
سعودي عرب مان رواني ٿيڻ کان پوءِ اسان جي ٻي منزل قاهره (مصر) هئي مصر ۾ هاڻ اسان بنا گائيڊ جي گهمي ڦري سگهياسين ٿي ڇو ته هتان ٻه ٽي ڀيرا گذرڻ ۽ گهمڻ بعد هاڻي اسان کي هتي جي هوٽلن ٽيڪسين ۽ تاريخي مقامات بابت واقفيت ٿي چڪي آهي. مون محسوس ڪيو ته مصر جي عربي لهجي ۽ سعودي عرب جي عربي لهجي ۾ (جتان اسان هاڻ هاڻ آيا آهيون) فرق آهي ۽ هتي جي اخبارن جي عربي صورتخطي ۽ سعودي عرب جي اخبارن جي صورتخطيءَ ۾ به فرق آهي. هتي جي صورتخطي ڪافي سهڻي آهي ۽ ائين پيو لڳي ته ڄڻ اهي سنڌي اخبارون آهن. الاحرام هتي جي مشهور اخبار آهي. جنهن جو ايڊيٽر حڪومت سان هميشه چوٽون کائيندو رهندو آهي ۽ حيدرآباد مان به گهمي ويو آهي جتي عبرت جي چيف ايڊيٽر قاضي عابد صاحب جو مهمان هو.
دراصل گهمڻ جو مزو ئي ان ۾ آهي ته پنهنجي مڙسيءَ سان گهمندو ڦرندو رهجي ۽ گهاٽو کائڻ لاءِ به ذهني طور تيار رهجي. نوان نوان دوست ڪجن نه ڪه رڳو ميزبان جي سر تي سيٽيو ويٺو هجڻي يا ايئرپورٽ تان ٽيڪسي ۽ ٽيڪسي مان هوٽل ۽ وري واپس ايئرپورٽ اهڙا ڊڄڻا مسافر ائين ٿيا ڄڻ ٽپال جو انشوئرڊ پارسل جيڪو حفاظت سان سڌو سڌو کڻجي ۽ هڪ هنڌان ٻئي هنڌ موڪلجي پر اهڙي خبرداريءَ سان متان ان جي سِيل نه ٽُٽي پوي!
قاهره مان اسان نائجيريا پهتا آهيون. لئگاس جي هوائي اڏي تي منهنجا پيارا دوست ساپرا ديو داس روپچنداڻي اسان کي وٺڻ آيا آهن. اسان سڌو سندن ئي گهر وڃي لٿا آهيون. هاڻي مونکي هتي ڪا به اجنبيت محسوس ڪا نه پئي ٿئي البت منهنجي وائيف کي هوائي اڏي تي ڪجهه منجهيل ڏٺم. هتي ساپرا جي گهر وارن اسان کي شاديءَ جون واڌايون ڏنيون ۽ منهنجي وائيف کي جوڙا ۽ موڙا ڏنا ۽ ٻين دوستن جن کي مون سپرائيز ڏيڻ لاءِ شاديءَ جي نينڊ نه ڏني هئي تن ڏاڍا ڏوراپا ڏنا جن کان مون معذرت ۽ معافي گهري ٻئي ڏينهن کان ئي شاديءَ جون دعوتون شروع ٿي ويون آهن.
ٻن سالن کان پوءِ اسان وري چئن مهينن جي موڪل تي پاڪستان اچڻ جون تياريون شروع ڪيون هينئر اسان جي مختصر فيمليءَ ۾ هڪ ننڍڙي ڀاتيءَ جو به اضافو ٿي چڪو هو. اسپتال جي طرفان اسان کي شاندار پارٽي ڏني وئي ۽ ٻين مهربان دوستن ذاتي دعوتون به ڪيون.
منهنجي بيگم پهريون ڀيرو گهر اچي رهي هئي تنهنڪري ڏاڍي خوشي پئي لڳي. مگر ان کان پوءِ جڏهن به اسان موڪل تي پاڪستان ايندا هئاسين ته هوءَ هتان روئي نڪرندي هئي ڇو ته اتي پاڙيسرين، اسٽاف وارن ۽ اتي جي سنڌي ڪٽنبن سان ايترا ته گهرا ناتا جڙي ويا آهن جو مختصر عرصي جي جدائي به طرفين لاءِ ڏک ڏيندڙ پئي لڳي.
ڪيترا دوست جن ۾ خواتين به هودنيون آهن، اسان کي هوائي اڏي تائين ڇڏڻ به ايندا آهن. سندن اهي تڪليفون ۽ نوازشون سچ ته اسان کي ڏاڍو شرمندو ڪنديون آهن. اُهي قرب ۽ سڪ جا ناتا طرفين ۾ هڪ جهڙائي Resiprocal مخلصانه آهن.
ساڳيو ئي حال پاڪستان مان موڪل ختم ڪري موٽڻ تي ٿيندو آهي. مطلب ته سفر جي شروعات ٻنهي پاسن کان اچڻ وقت خواهه وڃڻ وقت ڏاڍي جذبات انگيز هوندي آهي. نيٺ مون ان جو اهو حل ڪڍيو آهي جو پاڪستان مان هتي اچڻ وقت هفتو کن اڳ ۾ غير رسمي طور ڳالهه ڪري موڪلائي ڇڏيندو آهيان ۽ بعضي فلائيٽ کان ٻه ڏينهن پهرين ئي چپ چاپ حيدرآباد مان نڪري ڪراچي اچي رهندا هئاسين.
اسان پاڪستان موٽڻ وقت پنهنجي ٽڪيٽ اهڙيءَ طرح بوڪ ڪرائيندا هائسين جو موڪل جي دوران سهولت سان پاڪستان جي مکيه شهرن لاهور، پنڊي اسلام آباد، مري، ڪوئيٽا جو به سير ڪري وٺندا آهيون.