بيافرا جي جنگ
(نائجيرا جي تاريخ جو هڪ ڀيانڪ باب)
ويندي شرط... (1968ع)
پس منظر:
1 آڪٽوبر 1960ع ۾ جڏهن هتي انگريزن جي حڪومت ختم ٿي ۽ نائجيريا آزاد ٿيو ته ان جو پهريون پرائيم منسٽر هتي جو عظيم مدبر ۽ مقبول شخصيت، سر ابوبڪر تفاوا بليوا ٿيو.
15 جنوري 1966ع ۾ جڏهن مان راولپنڊيءَ (آرمڊ فورسز ميڊيڪل ڪاليج) فوجي ميڊيڪل ڪاليج ۾ ٽريننگ وٺي رهيو هوس. اهو زمانو پاڪ ڀارت جنگ 66 1965ع جو زمانو هو، اسان اُتي ٻڌو ته نائجيريا ۾ سِول حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو ويو آهي جنهن ۾ پرائيم منسٽر ۽ نارٿ ويسٽ صوبي جي چيف منسٽر کي قتل ڪيو ويو آهي. بغاوت جو سرغنو هڪ فوجي ميجر هو جنهن جو نالو امانيل افيجوٽا هو. پر اها ظالمانا ڪارروائي ناڪام ثابت ٿي. ساڳي ئي رات ميجر ارونسي، وفادار فوجن جي مدد سان واپس حڪومت تي قبضو ڪيو. بغاوت جا ڪجهه اڳواڻ گرفتار ٿيا ۽ ڪجهه ملڪ مان فرار ٿي ويا ۽ ٻين ملڪن ۾ روپوش ٿي ويا.
جيئن ته پهرين بغاوت جا ليڊر تقريباً سڀ ايبو قبيلي جا هئا ۽ مارجي ويل ماڻهن ۾ اڪثريت اتر جي ماڻهن جي هئي جيڪي هئوسا قبيلي جا هئا ان ڪري اتر جي ماڻهن کي ان ناانصافيءَ ۽ خونريزيءَ گهڻو رنج رسايو.
ڇاڪاڻ ته هي قتل و غارت بنيادي طور قبائلي ڪشمڪش ۽ ڇڪتاڻ جو نتيجو هو اڳتي هلي جڏهن نقصانن جو جائزو ورتو ويو ۽ پريس کي جاري ڪيو ويو ته معلوم ٿيو ته جيئن ته ايبو قبيلي جا اڌ کان وڌيڪ ماڻهو فوج ۾ آفيسر هئا ۽ ملڪ ۾ به اهوئي قبيلو سڀ کان وڌيڪ تعليم يافته آهي تنهن ڪري ان جا گهڻا آفيسر انهيءَ بغاوت ۾ ملوث هئا ۽ پڻ جوان آفيسرن (جيڪي تقريباً ميجر جي رينڪ جا هئا) کي ملڪ جون حالتون رشوت خوري، افسر پروري، بليڪ مارڪيٽنگ ۽ ٻيون بيوروڪريسيءَ جون بد عنوانيون سخت ناپسند هيون.
اڃا ست مهينا ئي ڪو نه گذريا هوندا ته 28 جولاءِ 1966ع تي هڪ ٻيو خونريز انقلاب آيو ۽ جنرل ارونسيءَ کي ماريو ويو ۽ ملڪ ۾ افراتفري، لوٽ مار ۽ قتل و غارت جي بازار گرم ٿي وئي. ڪئين هزار ايبو اتر طرف هائوسن ماري وڌا.
مبصرين جي راءِ ۾ هن انقلاب جو مکيه سبب هڪ سرڪاري فرمان هو جنهن موجب حڪومت فيڊريشن کي ختم ڪري ”ريپبلڪ آف نائجيريا“ ملڪ جو نالو رکيو هو ۽ ريجنل ۽ صوبائي خودمختياريءَ کي تمام محدود بنايو ويو.
فيڊرل، ۽ صوبائي سول سروسز کي ختم ڪري نيشنل سول سروس قائم ڪئي وئي. هن فرمان مان اتر جي ماڻهن کي گهڻو نقصان پهتو ڇو ته اتر جا ماڻهو تعليمي پسماندگيءَ سبب ملازمتن ۾ اٽي ۾ لوڻ برابر هئا.
1960ع ۾ اتر طرف صرف 41 هاءِ اسڪول هئا، جيتوڻيڪ ايراضي ۽ آدمشماريءَ جي اعتبار کان اهو سڀ کان وڏو آهي. ان جي مقابلي ۾ ڏکڻ ۾ جنهن جي آبادي ۽ آدمشماري به گهٽ آهي اتي 842 هاءِ اسڪول هئا. انهيءَ صورتحال ۾ عدم توازن اتر جي ماڻهن ۾ احساس محروميءَ کي جنم ڏنو ۽ منجهن بي چيني ۽ غير يقيني حالات پيدا ٿيڻ لڳا. جنهن جي نتيجي ۾ ايبوز ملڪ جي اوڀر ۾ جمع ٿيڻ لڳا جتي انهن جي خاصي اڪثريت آهي. 1 آگسٽ 1966ع تي ميجر يعقوبو گوون کي ڪامپرو مائيز ڪينڊيڊيٽ (Compromise candidate) طور قبول ڪري ملڪ جو سربراهه بنايو ويو جيڪو ان وقت 31 سالن جو نوجوان هو.
انهيءَ وچ ۾ اوڀر وارن آهستي آهستي پنهنجي جدا آزاد حڪومت ٺاهڻ ۽ علحدگي اختيار ڪرڻ جون تياريون شروع ڪري ڏنيون.
هنن پنهنجو الڳ جهنڊو ٺاهيو جنهن تي ڪاري سائي ۽ ڳاڙهي ليڪ ۽ اڀرندڙ سج سونهري ڪرڻن سان ڏيکاريل هو. انهن پنهنجو الڳ سِڪو ۽ قومي ترانو به ٺاهيو.
30 مئي 1967ع، آفريقا جي تاريخ جي اها تاريڪ رات هئي جنهن هڪ نئين آزاد مملڪت کي جنم ڏئي بيشمار خونريزين بدگمانين ۽ خانهءِ جنگين کي جنم ڏنو. انهيءَ بدقسمت رات جو 3 بجي ملڪي ۽ غير ملڪي اخبار نويسن کي ڪرنل اجوڪو جي حڪم تي گهڻي عجلت ۾ اسٽيٽ گيسٽ هائوس ۾ طلب ڪيو ويو جتي ڪرنل اجوڪو پنهنجي ملڪ جي خودمختياري ۽ مڪمل علحدگيءَ جو جرائت مندانه اعلان ڪيو ۽ انهيءَ نئين مملڪت جو نالو ”ريپبلڪ آف بيافرا“ رکيو ويو هِن نئين ملڪ کي نائجير ندي باقي نائيجريا کان الڳ ٿي ڪيو. جنهن سان هڪ پل جي ذريعي بيافرا نائيجريا سان مليل هو. جنهن کي جلد ئي سرڪاري فوجن بند ڪري ڇڏيو هو.
ان وچ ۾ ميجر جنرل يعقوبو گوون ملڪ کي چئن ريجنس مان ڦيرائي 12 رياستن ۾ تقسيم ڪيو (جيڪي ڏهن سالن کانپوءِ 19 رياستون ٿي ويون ۽ اڃا به وڌيڪ رياستن ٺاهڻ جا مطالبا وڌي رهيا آهن.)
انهيءَ علحدگيءَ کي نائيجيريا جي حڪومت بغاوت سان تعبير ڪيو ۽ علحدگيءَ جي چند ڪلاڪن بعد ئي مزاحمت شروع ٿي جنهن 6 جولاءِ 1967ع تي خونريز جنگ جي صورت اختيار ڪري ورتي.
اگرچه حڪومت ان کي بغاوت ۽ خانه جنگي ٿي سڏيو. مگر اها دراصل هڪ بين الاقوامي لڙائيءَ جو روپ وٺڻ لڳي. جنهن ۾ ڪيترائي پاڙيسري خواه ڏوراهان ترقي يافته خواه ترقي پذير ملڪ ظاهر ظهور ملوث هئا. روس ۽ زيڪوسلاويڪيا، نائيجريا کي هٿيار مهيا ڪيا ته ٻئي طرف چين، فرانس، تنزانيه ۽ زمبيا بيافرا جي امداد ڪئي.
ملڪ ۾ ٻنهي طرفن ۾ بليڪ آئوٽ، ناڪا بندي، ڪرفيو، راشن بندي، تلاشي، هوائي اڏن ۽ ٻين تنصيبات جي غير معمولي حفاظت ۽ ڪيمو فليج ۽ ٻئي طرف برساتن جي ڪثرت هڪ سدا بهار ملڪ کي سخت افراتفري ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو ۽ انهن ڏينهن ۾ آئون ملڪ کان ست هزار ميل دور هتي پنهنجي زندگيءَ جا عجيب و غريب تجربا حاصل ڪري رهيو هوس. آهستي آهستي فيڊرل ٽروپس ٽن طرفن کان حملو ڪري بيافرا جا ڪيترا وڏا شهر ۽ ٻه هوائي اڏا پنهنجي قبضي ۾ ڪري ورتا.
ڪيترن امن پسند ملڪن ۾ انسان دوست ۽ صلح پسند تنظيمن جون صلح ڪرائڻ جون ڪوششون رائگان ثابت ٿيون.
بدقسمت بيافرا جا ماڻهو جيڪي تيل جي ذخيرن جي آسري ۾ اڀرندڙ سورج ۾ آسرا اميدون رکيو ويٺا هئا بک بيمارين جو شڪار ٿيڻ لڳا.
خاص طور ٻارن ۾ مراسمس (Marasmas) ۽ ڪواشيارڪور (Kwasharkore) گهڻو ڦهلجڻ لڳو.
جيئن مون توهان کي اڳي لکيو هو، جولاءِ جي پهرئين هفتي ۾ جيئن لڙائي شروع ٿي ته بيافرا جي فوج نه صرف مزاحمت ڪندي رهي مگر اها پيشقدمي به ڪندي فيڊرل گورنمينٽ جي هيڊڪوارٽر لئگاس (Lagos) جي ويجهو اچي پهتي. جنهن لاءِ سرڪاري فوجون ذهني طور تيار نه هيون مگر جلد ئي صورتحال بدلجي وئي ۽ آهستي آهستي سرڪاري افواج پنهنجون سموريون توانايون يڪجا ڪري بيافرا جي فوجن کي پٺتي ڌڪڻ شروع ڪيو.
حالتن جڏهن انتهائي سگنين رخ اختيار ڪيو ته ريڊڪراس ۽ چرچ آرگنائيزيشن (Church organization) ۽ I.C.R.C دوائون ۽ کاڌو موڪلڻ شروع ڪيو.
ان وچ ۾ انٽر نئشنل آبزرويشن ٽيمس به سرگرم نظر آيون ڇاڪاڻ ته بيافرا وارن دنيا جي آڏو اهو واضح ڪرڻ پئي چاهيو ته هيءَ جنگ ايبو ٽرائيب کي مڪمل نيست و نابود ڪري ڇڏيندي جنهن کي جينوسائيڊ سڏبو آهي.
مان سمجهان ٿو ته نائجيريا جي حڪومت جي بدحواسي ان ڪري به هئي جو نائجيريا جون نوي فيصد %90 آئل فيلڊز (تيل جا زير زمين ذخيرا) بيافرا طرف هئا جن جي هٿان نڪري وڃن سان نائجيريا اقتصادي بحران ۾ مبتلا ٿي وڃي ها جنهن جا نتيجا هن جنگ کان به وڌيڪ ڀيانڪ ۽ ديرپا هجن ها.
پر هي حسن اتفاق چئجي يا قدرت جي خاص نوازش جو انهن ئي ڏينهن ۾ نائجيريا جي ٻين پاسن ۽ مڊويسٽ ۾ به تيل جا وڏا ذخيرا دستياب ٿيا جتان حڪومت کي روزانو ٻه ملين بئرل تيل ملڻ لڳو.
تيل جي ڪثرت سان دستيابيءَ جو وري اهو نتيجو نڪتو جو نائجيريا جي حڪومت لڙائيءَ تي بي پناهه خرچ ڪرڻ لڳي ۽ نهايت بي پرواهيءَ سان اسلح جو استعمال ڪرڻ لڳي.
اڍائي سالن جي لڳاتار ڇتي جنگ بيافرا لاءِ بيشمار تڪليفون ۽ مونجهارا پيدا ڪيا ۽ ڪرنل اجوڪو جهڙي حوصلي مند تجربيڪار ۽ پنهنجي قبيلي جي مقبول آفيسر محسوس ڪيو ته هنن حالتن کي هان مزيد اينگهائڻ بي سود ۽ ناممڪن آهي.
تنهن پنهنجي اتحادين جي خواهش جي برعڪس گهڻي سوچ ويچار کان پوءِ اهو حقيقت پسندانه فيصلو ڪيو ويو ته ڪرنل اجوڪو عارضي طور ملڪ ڇڏي وڃي ۽ باقي ٻيا فوجي فيبروري 1970 تي هڪ اعليٰ سطحي ڪانفرنس طلب ڪئي اڳواڻ ڪجهه ٽرمز (شرائط) رکي هٿيار ڦٽا ڪن. ڪرنل اجوڪو ملڪ کي مزيد خونريزيءَ کان بچائڻ لاءِ نهايت دانشمنديءَ سان انهي فيصلي کي قبول ڪيو. مگر ويندي ويندي پاڻ سان ٽنهي مسلح افواج جا ڪمانڊر، پوليٽيڪل صلاحڪار، چيف سيڪريٽري ۽ گهرو معاملات جو وزير به پاڻ سان وٺي ويو.
اهڙيءَ طرح بقول انور هالائيءَ جي ”هن فقير پر تفصير جي سواري شاندار ڪاميابيءَ سان رواني ٿي.“
۽ هي سڀ فيصلا نهايت مخفي رکيا ويا ۽ پڻ انهن تي عملد درآمد ڪرڻ جو طريقو به حيرت انگيز ۽ غير جذباتي ۽ حقيقت پسندانه هو. هٽلر جي پاليسين وانگر، سندس قريبي ساٿين کي به خبر نه پئجي سگهي ته ڇا ٿيڻ وارو آهي.
اهڙيءَ طرح ڪرنل اجوڪو هڪ پادريءَ جي لباس ۾ اسٽريچر تي ليٽيل بظاهر طبي معائني جي غرض سان غير ملڪي رپورٽرن ۽ نامه نگارن ۽ ريڊ ڪراس وارن کي سرمو پائي، 12 جنوري 1970ع تي آچر ڏينهن فجر جو آئيوري ڪوسٽ جي ڪئپيٽل (تخت گاهه) ڏانهن فرار ٿي ويو ۽ ملڪ تان ڏلائو دور ٿيو.
جيئن لطيف سائين فرمايو آهي ته:
”لاٿو سڀ لوڪ تان هاڙهي ڌڻيءَ هوڙهه.“
سومر 12 جنوري 1970ع تي نائجيريا جي فوجن هنن ڳالهين کان بي خبر، بيافرا جي آخري ايئر اسٽرپ ”اُولي“ تي به قبضو ڪري ورتو. انهيءَ ئي ڏينهن ساڍي چئين بجي شام ريڊيو بيافرا تان اعلان ڪيو ويو ته ڪرنل اجوڪو اڄ ڪنهن به وقت ريڊيو تان هڪ اهم اعلان ڪرڻ وارو آهي.“ هڪ ڪلاڪ ئي مس گذريو هوندو ته ڪرنل اجوڪو جي جانشين ميجر جنرل فلپ ايفانگ جو مختصر اعلان ريڊيو بيافرا جي هڪ خصوصي نشريه ۾ گونجڻ لڳو هن اعتدال پسند فوجي اڳواڻ چيو:
”آئون هاڻي پوريءَ طرح مطمئن آهيان ته مزيدخونريزي فوراً بند ڪئي وڃي. جيڪي اڳواڻ صلح جي ڪوششن جي برخلاف هئا اهي ملڪ مان هليا ويا آهن. ان ڪري اسين ملڪ جي عظيم تر مفاد ۾ جنگ جاري رکڻ جي بجاءِ هٿيار ڇڏيون ٿا.“
ٻئي ڏينهن شام جو نائجيريا ايئرويز جو هڪ غير فوجي چارٽر جهاز بيافرا جي باغي اڳواڻن کي کڻي لئگاس پهتو. فوراً انهن مهمانن کي هڪ هوٽل ۾ باعزت طور رهايو ويو جتي هو پنهنجي قسمت جي فيصلي جو انتظار ڪرڻ لڳا.
ٻئي ڏينهن صبح جو هنن باغي اڳواڻن کي جنرل گوون سان ملڻ لاءِ ايوان صدر ۽ سخت حفاظتي پهري ۾ پهچايو ويو جتي هو بيشمار اخباري رپورٽرس ۽ ڪئمرائن جي موجودگيءَ ۾ پنهنجي ملڪ جي طرفان رسمي طور پيش پيا.
نوجوان مدبر سربراهه مملڪت نهايت فياضي ۽ بردباريءَ سان ساڻن هٿ ملائي سڏي مٿي پاڻ سان وهاري دنيا جي صحافين کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو.
اتي موجود ملڪي ۽ غير ملڪي اخبار وارن ٻڌايو ته ماحول ايترو ته سنجيدو ۽ سنگين هو جو ڪجهه به سمجهه ۾ نه پئي آيو ته هاڻ ڇا ٿيڻ وارو آهي.
هوڏانهن بيافرا ۾ سرڪاري فوج جي اڳواڻ ڪرنل اولو شيگون اوباسنجو جيڪو اڳتي هلي ملڪ جو سربراه بنيو، تنهن ريڊيو بيافرا تان هڪ فرمان جاري ڪندي چيو ته ”لڙائي ختم ٿي چڪي آهي. سمورا ايبو سولجر فوري طور هٿيار ڇڏين. ملڪ جو نظم و نسق پوليس ڪمشنر جي سپرد ڪيو ويو آهي“ ان کان پوءِ نائجيريا جو قومي ترانو نشر ڪيو ويو ۽ بيافرا جو جهنڊو لاهي نائجيريا جو جهنڊو لهرايو ويو.
ڪرنل اجوڪو جي فرار ۽ لڙائيءَ ۾ بيافرا جي شڪست جو ٻڌي بيافرا جي عوام جو هانء کاڄي ويو ۽ هنن کي يقين هو ته هاڻ کين ڳولي ڳولي ماريو ويندو پر صدر يعقوب گوون جي فياضي ۽ حڪمت عملي کين گهڻي تسلي ڏني.
فيڊريشن ۾ سرڪاري طور فتح جي ڪا به خوشي ڪانه ملهائي وئي البت بليڪ آئوٽ جي خاتمي روڊن ۽ سڙڪن تي نئين رونق ۽ گهما گهمي سان هڪ جشن جو سمون معلوم ٿي رهيو هو.
سڀني عبادتگاهن ۾ ٽي ڏينهن لاڳيتو شڪراني جي عبادت ادا ڪئي وئي جنرل گوون پنهنجي مختصر نشري تقرير ۾ چيو ”ته ڪو به فاتح ۽ ڪو به مفتوح نه آهي. غلط فهميون هميشه لاءِ ختم ٿيون. سڀني جون دليون صاف ٿي ويون. سڀني ايبو آفيسر ۽ فوجين کي ساڳي عهدن ۽ ساڳين رينڪن تي ساڳئي اعزاز سان فائز ڪيو ويو آهي ۽ سڀني جنگي قيدين کي آزاد ڪيو ويو آهي.“
اهريءَ طرح نائجيريا جي حڪومت هڪ دانشمندانه قدم کڻي انهن بيروني قوتن جي اميدن تي پاڻي ڦيري ڇڏيو آهي، جيڪي هن زرخيز ملڪ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ کان پوءِ ڳجهن وانگر ڳڙڪائڻ جي تاڪ ۾ ويٺا هئا.
هن همدردانه سلوڪ جو ايبوز قبائل تي به بهتر رد عمل ظاهر ٿيو جن کي وفاقي حڪومت ۽ فاتح فوجن کان قتل و غارت کان سواءِ ٻي ڪا توقع نه هئي.
اهڙيءَ طرح بيافرا جي هن خانئه جنگيءَ جو خاتمو ٿيو آهي ۽ دنيا جي نقشي تان انهيءَ نئين ملڪ جو وجود هميشه لاءِ ختم ٿي ويو جيڪو گنيز بوڪ آف رڪارڊز موجب دنيا سڀ کان ٿوري دير (اڍائي سال) قائم رهيل ملڪ هو.