نائجيريا جو آخري سفر 1984ع
(خوش رہو اہل وطن ہم تو سفر کرتے ہیں)
چار مهينا موڪل ختم ڪري آئون ڊسمبر 1983ع ۾ نائيجريا اڪيلو موٽي آيو آهيان هن دفعي مان P.I.A. ۾ دبئي، اٿينس کان روم پهتس جتان اليٽاليا ۾ لئگاس موٽي آيو آهيان ۽ 9 مهينا هتي رهي مان پاڪستان موٽڻ جو سانباهو ڪري رهيو آهيان. مان جڏهن سنه 1968ع ۾ هتي 25 سالن جي عمر ۾ آيس ته ڏاڍو گهٻرايل ۽ پريشان هئس مگر اڄ پورن سورهن سالن کان پوءِ آگسٽ 1984ع ۾ جڏهن مان واپس پاڪستان وڃي رهيو آهيان ته به منهنجي دل ڪافي اداس آهي. 25 سالن جو جوان هئس جڏهن مان هتي آيس ۽ هتي جوانيءَ جا پورا سورهن قيمتي سال صرف ڪري اڄ 40 سالن جي عمر ۾ مان جڏهن پاڪستان وڃن چاهيان پيو ته منهنجي دل جي اها ئي ڪيفيت آهي جيڪا ان وقت هئي جڏهن مان پهريون ڀيرو اڪيلو پاڪستان مان هتي پهتو هئس. اڄ واپس وڃڻ وقت به مان اڪيلو آهيان ڇو ته هن دفعي مان پنهنجا ٻار پاڪستان ۾ ڇڏي آيو هئس.
مان گهٻراهٽ تي قابو پائڻ لاءِ هيڏي هوڏي نهاريان ٿو. زوريءَ اخبار پڙهان ٿو. مان بادل خواسته پنهنجي هن وطن ثاني کان جدا ٿي رهيو آهيان مان پاڪستان ڪلچرل ايسوسيئيشن طرفان ڏنل فيئرويل ۾ پنهنجي جذبات تي قابو پائي نه سگهيس. ڪاش نائجيريا جيڪر ايترو قريب هجي يا جيترو پاڪستان ۽ ڀارت ته مان هوند هر سال هتي گهمڻ اچان ها ۽ دوستن سان ملاقات ڪريان ها پر اهو ناممڪن آهي. هوائي اڏي تي P.C.A ۽ ڪجهه هندو دوست مون کي خدا حافظ چوڻ آيا آهن مان هوند ڪڏهن به هتان نه وڃان ها پر منهنجون پنهنجون گهريلو حالات ۽ ذميداريون مون کي جلد از جلد پاڪستان پهچڻ لاءِ آماده ۽ مجبور ڪري رهيون آهن. هن دفعي مان قاهره ۾ رات گذاري Egypt air ways ۾ سڌو ڪرچاي پهتو آهيان.
نائجيريا کي مان هميشه ياد رکندس ۽ هن وطن ثانيءَ جي محبت منهنجي دل ۾ هميشه قائم رهندي جنهن اسان کي ڪافي ڪجهه ڏنو. نائجيريا وارن جي مدد سان مون کي ڪيترا ڀيرا عمري ۽ حج جي سعادت نصيب ٿي ۽ پڻ انگلنڊ ۾ ڊاڪٽريءَ جي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جا موقعا مليا. منهنجي ته پٽن ۽ ڌيئن لاءِ نائجيريا جنم ڀومي آهي جنهن جي سڪ کين سدائين رهي ٿي. سندن ننڍپڻ جا ساٿي، اسڪول ۽ استاد هو ڪٿي ٿا وساري سگهن؟ منهنجا گهرو ملازم ۽ ميڊ ميري ۽ او وو جيڪي گويا اسان جي گهر جا ڀاتي ٿي ويا هئا اسان کي هميشه ياد رهندا.
نائجيريا اسان کي عزت شهرت رزق ۽ محبت ڏني اهو سڀ ڪجهه آهي جو اڄ اسان پهنجي ملڪ ۾ پنهنجي پيرن تي بيٺل آهيون ۽ عزت سان وقت گذاري رهيا آهيون.
”ويٺي جنين وٽ ڏکندو ڏور ٿئي،
تون تنين سين ڪٽ، اوڏا اَڏي پکڙا.“
(لطيف)
مان سمجهان ٿو ته نائجيريا جي ياد کي مان پنهنجي ذهن تان ڪڏهن به وساري نه سگهندس ڇو ته هر سال ڪرسمس ۽ نيوييئر جي موقعي تي، اتي جي پاڪستاني دوستن P.C.A جي عهديدارن، ڊاڪٽرن، هندو دوستن، فوجي ڊاڪترن ۽ خصوصاً جنرل اوييلولو ۽ سندس بيگم جا گريٽنگ ڪارڊ اسان جي ياد کي وري تازو ڪري ٿا ڇڏين.