يورپ جو سير (1974ع)
1974ع جي بهار ۾ موڪلون ملڻ واريون هيون اسان يورپ گهمڻ جي ارادي سان پروگرام رٿيو ۽ گهر واري ۽ ٻارن سان گڏ لئگاس کان روم پهتاسين موسم خوشگوار هئي تنهنڪري سفر سهوليت وارو پئي محسوس ٿيو.
روم: روم اسان چار پنج دفعا گهميا آهيون ۽ هر دفعي سيٽلائيٽ هوٽل يا ايئرپورٽ هوٽل ۾ ئي قيام ڪيو اٿئون روم بهادرن، صحتمند ۽ قدآور ماڻهن جو شهر آهي. هتي جا شهر ۽ عمارتون قديم تهذيب ۽ فن عمارت سازي، جا شاهڪار آهن. هي هيڏا تراشيل پٿر ۽ انهن جون عمارتون ٺهڻ ۾ ڪئين سال لڳا هوندن (Rome was not built in a day) هتي مهمانن ۽ پرديسين سان تمام سهڻو برتاءُ ڪيو وڃي ٿو.
ڪنهن زماني ۾ هتي حاڪمن جي تفريح لاءِ انسان کي بکايل ۽ خونخوار شينهن جي اڳيان اڇلائي مزو ڏسندا هئا. اڄ هتي جا حاڪم ۽ عوام نهايت مهذب ۽ انسان دوست آهن. صحتمند ۽ گول چهري حليم سڀاءَ ۽ انساني حسن ۽ وقار جو خوبصورت نمونو آهن. اسان هتي ٽي ڏينهن ٽڪياسين اسان جي رهائش ۽ هوٽل جا اخراجات ۽ کاڌي پيتي جو سمورو خرچ هوائي ڪمپنيءَ جي ذمي هو. البت اسان ٿوري گهڻي خريداري پنهنجي کيسي مان ڪئي ۽ ڪجهه ويو ڪارڊز خطن لکڻ لاءِ ورتاسين هتي انگريزي ڳالهائڻ ۽ سمجهڻ وارا گهڻا نه آهن. هتي جون ديولون فن تعميرات جو نادر نمونو آهن. سلطنت جي زوال جا آثار ۽ کندرات تمام سٺي نموني محفوظ (Preserve) ڪيا اٿن جيئن جپان وارن ناگاساڪي ۽ هيروشيما جي بمباري ۽ ائٽم بم جي تباهه ڪاريءَ کي حيرت انگيز نموني محفوظ ڪيو آهي.
اسان هتي (Vetican) ويٽيڪن ڏسڻ وياسين جيڪو دنيا جو ننڍي ۾ ننڍو ۽ خودمختيار ملڪ آهي. هتي هڪ ئي شهر روم ۾ ٻه جدا جدا دارالحڪومت ڏسي اسان کي ڏاڍو عجب لڳو جن جي وچ ۾ ڪا به حد فاضل (Demqrcation) ڪانهي ٽورسٽ گائيڊ هلندي هلندي اسان کي ٻڌايو ته هاڻ اسان ٻئي ملڪ ۾ اچي ويا آهيون، هي شهر رومن ڪيٿوليڪ ڪرسچنس لاءِ ائين پاڪ ۽ مرڪزي حيثيت رکي ٿو جيئن مسلمانن لاءِ ڪعبو شريف. پوپ سندن روحاني پيشوا ۽ سربراه مملڪت آهي. هتي جو سڪو، جهنڊو ۽ ترانو سڀ روم کان الڳ ۽ مختلف آهن. هتي جو مشهور چونڪ (St Peters square) آهي، جنهن ۾ مائيڪل ائنجلو ۽ سينٽ پيٽرس جا مجسما ۽ شاهڪار رکيل اهن، جنهن کي ڏسي اسان کي ڏاڍي حيرت لڳي ڇو جو اهي اهڙي ته قابليت سان تراشيل هئا جو حقيقت کي به شرمائي رهيا هئا. هنن مجسمن لاءِ اتي ٻڌايو ويو هنن جي سنگتراش فنڪار جڏهن هي بت تراشي تيار ڪيا ته خود کيس به يقين ڪو نه پئي آيو ته هي زنده آهن يا فرضي آهن ۽ مجسمي کي چيائين ته ”هاڻ ڳالهاءِ“ ۽ لوه جي ڇيڻي جنهنمان بت کي تراشيندو هو اها بت کي گوڏي ۾ زور سان ڦهڪائي چيائينس ته ”ڳالهاءِ“ جنهن ڪري بت جو گوڏو ٽٽي پيو ۽ اهو بت ان ڀڳل گوڏي سان اڃا تائين محفوظ آهي.
پيرس: روم کان پوءِ اسان جي ٻي منزل پيرس هئي. چوٿين ڏينهن اسان K.L.M. جهاز ۾ پيرس پهتاسين پيرس فرانس جو تختگاهه آهي جتي فرينچ زبان مروج آهي انگلنڊ جي ويجهو آهي پر هتي انگريزي ڳالهائڻ سان ڪم نٿو هلي جيڪڏهن اسان کي فرينچ زبان اچي ها ته هنن ٽن ڏينهن ۾ گهڻو گهمي سگهجي ها.
پئرس دنيا جو صاف ۽ خوبصورت ترين شهر آهي اهو ئي سبب آهي جو دنيا جي ٻين صاف ۽ خوبصورت شهرن کي به اصطلاحاً پيرس سان تشبيهه ڏيندا آهن مثلاً نيروبيءَ کي آفريڪا جو پئرس سڏين ٿا ۽ بيروت کي مڊل ايسٽ جو پيرس سڏيو ويندو هو جيڪو هاڻ بدقسمتيءَ سان ايترو تباهه ۽ برباد ٿي چڪو آهي جو ان کي پيرس جي بدران موهن جي دڙي سان تشبيهه ڏئي سگهجي ٿي. اسان بيروت کي اوج جي زماني ۾ به ڏٺو ۽ وري زوال جي زماني ۾ به ڏسڻ جو اتفاق ٿيو. خير اسان پيرس جو ذڪر پئي ڪيو. هتي کاڌو ۽ ٻيون شيون تمام مهانگيون آهن. دڪانن کي ڏسڻ سان ئي دل خوش ٿي ويندي هئي ۽ وري قيمتون ڏسي پيٽ ڀرجي ويندو هو. هتي جون راتيون تمام خوبصورت ۽ روح افزا ۽ هتي جا نائيٽ ڪلب دنيا ۾ مشهور آهن هتي جا پبلڪ پارڪ انتهائي خوبصورت دلڪش ۽ دلفريب آهن جهرا اٿن خوبصورت ٻوٽا ۽ گل اهڙائي آهن، منجهن گهمندڙ ماڻهو سهڻا ۽ خوبصورت. هتي جي مشهور ۽ ڏسڻ جهڙي جاءِ هتي جو عجيب غريب ميوزم آهي جنهن جو تفصيل لکڻ لاءِ سوين صفحا درڪار آهن.
پئرس ۾ (Tuleri gardens)، (Concorde square) ۽ (Eiffel Towers) سڄي دنيا ۾ مشهور آهن ٽئي ڏينهن برٽش ايئرويز (BAW) جي جهاز ۾ لنڊن پهتاسين. هوائي اڏي تي محترم بشير احمد ميمڻ صاحب ۽ ڊاڪٽر اسماعيل جان صاحب اسان کي از راهه نوازش وٺڻ آيا پئرس کان هتي پهتاسين ته هڪ ته انگريزي ڳالهائڻ وارا هتي گهڻا بلڪه اردو ۽ سنڌي ڳالهائڻ وارا گهڻا مليا ته ائين پيا سمجهون ته ڄڻ ڪراچي ۾ آيل آهيون.
لئگاس ۾ ڪارن سانورن ۽ مشڪي ماڻهن کان موڪلائي روم ۾ آياسين. جتي ميٽائين ۽ ڪريم ڪلر جا مرد ۽ مايون جهڙا دادوءَ جا دلا ۽ گهگهيون صحراحيون. اتان پيرس پهتاسين ڪريم ڪلر بدلجي سفيدي مائل ٿيڻ لڳو. وري اڄ جڏهن اسان لنڊن ۾ موجود آهيون ته اها سفيدي سرخي مائل پئي محسوس ٿئي ۽ چوطرف اڇا ڳاڙها ڳٽا چهرا ڦڙتيلا ۽ روايت پرست گول ٽون ۽ لهجي واري انگلش جا اچار اسان کي ڏاڍا وڻيا. اگرچه اها ٻي ڳالهه آهي ته هنن انگريزن جي نظر ۾ دنيا بس ٻن گروپن ۾ وراهيل آهي، هڪڙا گورا ۽ ٻيا ڪارا. لنڊن جي اصلي انگريزن کانسواءِ باقي ساري دنيا هنن جي نظر ۾ ڪاري Black آهي. جنهن ۾ پاڻ پاڪستاني ايشين مصري وغيره سڀ شامل آهيون. جيئن عربن وٽ به فقط ٻه مکيه گروپ هڪڙا عرب جيڪي هو پاڻ آهن ۽ باقي ٻي ساري خدائي جنهن کي عجمي (گونگا) چون.
لنڊن ۾ اسان شاهي محل برمنگهم پيلس ۽ ميدم ٽساڊ (Madom Tussad) جون موم مان ٺهيل دنيا جي، ليڊرن ۽ مشهور شخصيتن جا مجسما ڏٺا جن اسان کي ڏاڍو حيرت ۾ وڌو هي مجسما حقيقت ۽ اصليت کي ايترو ته قريب هئا جو پهرين نظر ۾ انسان ڌوکو کائي ٿو وڃي ۽ چند گهڙين لاءِ محو حيرت بنجي ٿو وڃي.
ڪيترا ماڻهو انهن مجسمن سان گڏ پنهنجو تصويرون ڪڍرائي ويندا آهن ته فوٽو ڏسندڙن کي هرگز گمان نه ايندو ته ڪو اسان صدر ريگن سان بذات خود بنفس نفيس ملي آيا آهيون يا فقط سندس مجسمي سان گڏ بيهي فوٽو ڪڍائي آيا آهيون. واقعي هي انساني فن جو معراج ۽ شاهڪار آهي.
ان کان علاوه لنڊن جو چڙيا گهر (Zoo)، ميوزيم، هائوس آف لارڊس هائوس آف ڪامنس پارليامينٽ هائوس، آڪسفورڊ سرڪس ۽ آڪسفورڊ اسٽريٽ جا شاندار شاپنگ سينٽر جيڪي خريداريءَ کان وڌيڪ ڏسڻ وٽان آهن، ڏٺاسون. ٻارن جي تفريح لاءِ لنڊن زُو وڊيو گيمس جيڪي ان وقت نيون نڪتيون هيون ڏٺيوسيون، زو ۾ دنيا جي تقريباً هر جانور ۽ پکيءَ کي سندس قدرتي ماحول ۾ رکڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي. مون کي اهو ڏسي تعجب لڳو ته شهر جي ٻارن بلڪه وڏن لاءِ به اهو معلوم ڪرڻ هڪ نهايت حيرت انگيز ڳالهه هئي ته کير جيڪو انهن کي بوتلن ۾ صبح جو سوير در تي رکيل ملي ٿو اهو اصل ڪٿان ٿو اچي ذو ۾ هڪ کير ڏيندڙ ڳئون کي اسٽيج تي مٿي آڻي بهاريو هئائون ۽ هيٺ ڪئي ٻار ۽ وڏا وڏي غور سان ڏسي رهيا هئا ڳئون جي ٿڻن ۾ مشين لڳائي کير حاصل ڪن ٿا جيڪو وري شفاف نلين جي ذريعي شيشي جي بوتلن ۾ گڏ ٿيئ ٿو ۽ هڪ محترمه ان تي ڊمانسٽريشن ڏيئي ٻڌائي رهي هئي. ان لاءِ باقاعده ٽڪيٽ وٺي اندر وڃڻو پوندو آهي، جتي رهڻ وڏن شهرن ۾ رهندڙ ٻارن کي اها خبر نه آهي ته کير اصل ڪٿان اچي ٿو.
ان کان علاوه ٻار ۽ وڏا وڏي شوق سان گڏهه ۽ اٺن جي سواري ڪري رهيا هئا. منهنجي ٻارن به گهوڙي ۽ گڏهه جو سير ڪيو، جنهن کي انگريز دوشيزائون هلائي رهيون هيون، اهڙيون تصويرون هن ڪتاب ۾ ڏسي سگهندا.
هتي ريڊ برج ايسيڪس Red bridge essex ۾ توراقي گارڊن (Toraqi Garden) الفورڊ لنڊن ۾ اسان جو قريبي رشتيدار محمد بخش بلوچ پنهنجي ڪٽنب، پٽ طارق ۽ ڀائيٽي محمد علي بلوچ سان گڏ ڏهن ٻارهن سالن کان مقيم آهي هتي سندس جنرل اسٽور آهي لنڊن جي هو شربا ماحول ۾ رهڻ جي باوجود سندس مزاج ۾ پاڪيزگي ۽ اسلامي رنگ غالب نظر اچي ٿو.
نائجيريا ۾ سورهن سالن جي انتهائي مصروف شب و روز ۾ مون کي اتي جي موسم ۽ آب و هوا ايتري ته موافق اچي وئي جو اتي مونکي ڪڏهن به زڪام يا مليريا ته ٺهيو پر ٺلهي ٿڪاوٽ به محسوس ڪا نه ٿيندي هئي مگر هتي جڏهن لنڊن پهتاسين ته چار پنج ڏينهن لاڳيتو رات ڏينهن بارش ۽ برفباريءَ ۾ گهمڻ سان قوت مدافعت (Resistance) متاثر ٿيو ۽ منهنجي انديشي موجب پنجين ڏينهن شام جو دير سان مون جسم ۾ ڳاموڙ محسوس ڪئي ۽ رات جو اويري مون تي فئلسيپيرم مليريا جو شديد حملو ٿيو. بيگم کي (Chloroqnine) ۽ ٻيون دوائون گهرائڻ لاءِ موڪليم جيڪا اڌ ڪلاڪ کن کانپوءِ بغير دوائن جي موٽي آئي ڇو ته اتي سواءِ برٽش رجسٽرڊ ڊاڪٽر جي پرچيءَ جي ائين عام طور ڪنهن ٻئي کي دوائون ڪو نه ڏيندا آهن.
آخر بخار تيز ٿي ويو. نيٺ مون نه پئي چاهيو ته آڌي رات جو ڪنهن شريف ماڻهوءَ جي آرام ۾ خلل وجهان پر منهنجي گهر واري مونکي ٻڌائڻ کان سواءِ منهنجي هڪ دوست مسٽر قاسم عليءَ جي پٽ کي فون ڪئي. هي دوست اصل ته انڊيا جا آهن مگر هاڻ ٻن پيڙهين کان تنزانيا جي دارالحڪومت دارالسلام ۾ مستقل طور آباد آهن ۽ مسٽر قاسم عليءَ جو پٽ اڄڪلهه لنڊن ۾ رهي ٿو هن صاحب جي فوري تعاون سان ڊاڪٽر صاحب ۽ ايمبولنس جو انتظام ٿيو ۽ مون پاڻ کي هوٽل جي بستري جي بدران اسپتال جي بستري تي ليٽيل ڏٺو ۽ ويا رت ڪڍندا ۽ ٽيسٽون وٺندا ڇو ته هتي رواج آهي ته جيستائين ڪنهن بيماريءَ جي صحيح تشخيص نه ٿئي، ڪو به علاج نه ڪندا آهن ۽ وري بيماري به اهڙي جيڪا انهن وٽ عام نه آهي ۽ اتي جي ڊاڪٽرن کي ان جو گهڻو تجربو نه آهي، سو منهنجو رت هنن ٽراپيڪل اسڪول آف لنڊن (Tropical School of London) جي لئباريٽري ۾ چڪاسڻ لاءِ موڪليو مون کين گهڻ ئي سمجهايو پر همراه ڪٿي ٿا ٻڌن؟ نيٺ جڏهن لئباريٽري جي رپورٽ آئي ۽ پڪ ٿين ته مليريا آهي ته پوءِ علاج شروع ڪيائون اهڙيءَ طرح ٻن ڏينهن کان پوءِ مس مس وڃي جان ڇٽي جنهن کي ٻهراڙيءَ جي ٻوليءَ ۾ چوندا آهن ته گگر گگر پِنڊا اَڙيا. پنهنجي مهربان دوستن محترم بشير ميمڻ ۽ ڊاڪٽر اسماعيل جان جي ميزباني اسان کي هميشه ياد رهندي جن اسان جي سڄي ڪٽنب کي لنڊن جو سير ڪرايو.