سفرناما

نائجيريا ۾ سورنهن سال

ڪتاب ”نائجيريا ۾ سورنهن سال“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب ڊاڪٽر احمد علي قريشي جو نائجيريا بابت لکيل سفرنامو آهي. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1987ع ۾ ڇپايو ويو هو. ٻيو ڇاپو ڊاڪٽر عبدالرحمان قريشي پاران 2017ع ۾ ساحل پرنٽر اينڊ پبليشر حيدرآباد وٽان ڇپايو ويو.

Title Cover of book Nijria mein 16 Saal

جاگرافيائي بيهڪ ۽ موسم

جاگرافيائي بيهڪ ۽ موسم

نائيجريا، اولهه آفريقا جو سڀ کان وڏو ملڪ آهي هن کي آفريقا جو ديوَ (Giant) به چوندا آهن ۽ آفريقا جو لبيا کان پوءِ ٻيو نمبر وڏي ۾ وڏو تيل پيدا ڪندڙ ملڪ آهي.
نائجير، چاڊ، ٽوگو، ڪئمرون ۽ گهانا جون سرحدون هن ملڪ سان ملن ٿيون. ڏکڻ ۾ سائوٿ ايٽلانٽڪ سمنڊ اٿس. نائجيريا، جو صدر مقام لئگاس پاڪستان جي شهر ڪراچي کان 7226 ميل پري آهي. آلجيريا، لبيا، نائيجر، ماريطانيا، سوڊان، مصر ۽ گبن هن جا ويجها مسلمان پاڙيسري ملڪ آهن.
نائيجريا جو ڏاکڻو علائقو، جتي مان گهڻو وقت رهيو آهيان سرسبز ۽ شاداب آهي. ان جي برعڪس وري اتر وارو علائقو گهڻو ڪري خشڪ ۽ ريگستان آهي. ڏکڻ نائيجريا ۾ بارش تمام گهڻي پوي ٿي. سال جو وڏو حصو اپريل کان آڪٽوبر تائين ست مهينا لاڳيتو اُتي ساوڻي رهي ٿي. ماڻهن وٽ ۽ اسڪولي ٻارن وٽ برساتي ڪوٽ ۽ ڇٽيون هر وقت هٿيڪيون هونديون آهن. سال جا باقي چار پنج مهينا اتي گرميون هونديون آهن. ان ڪري هتي 2 موسمون هونديون آهن. هڪ خشڪ موسم ٻي برساتي موسم. ۽ اهي چار مهينا غير ملڪي ماهر، ملازم موڪلن تي هليا ويندا آهن. پر هاڻ تيل نڪرڻ بعد اسپتالون سئنيما گهر، سپر مارڪيٽ، هتي ايئرڪنڊيشنڊ آهن.
مون نائجيريا ۾ اهو وقت به گذاريو جڏهن اڃا تيل برآمد ڪو نه ٿيو هو. تڏهن هنن جا اهي ٺٺ ڪو نه هئا. ان وقت هنن جي معيشت جو دارومدار زراعت، جانور، رٻڙ، ڪافي ۽ تاڙيءَ تي هو.
ايراضي ۽ آدمشماريءَ جي اعتبار کان نائيجريا ۽ پاڪستان ۾ گهڻي هڪ جهڙائي آهي. نائيجريا ۾ سنه 1975ع ۾ آبادي 70 ملين هئي جيڪا هينئر 1984ع ۾ هڪ سو ملين کان وڌي چڪي آهي ۽ ايراضي ٽي لک چورسس ميل اٿس.
جيئن مون ٻڌايو ته بارش جي ڪثرت جي ڪري ڏاکڻو علائقو سرسبز ۽ وڻندڙ نظر اچي ٿو، چوطرف ساوڪ ۽ وڻڪار ئي وڻڪار آهي. هتي جا مالهي صرف وڌندڙ گاهه ۽ ڇٻر کي ڪٽيندا رهندا آهن ڇو ته کين خبر آهي ته ٻوٽا برسات ۽ زمين جي زرخيزي سان وڌن ٿا جو انهن جي ڪٽائي ۽ ڇانگ ۾ ٻه چار ڏينهن ناغو وجهندا ته وري ڪڏهن به ڪٽي پڄي نه سگهندا. جيئن آفيسن ۾ ڪي سست ڪلارڪ اخبارن پڙهڻ ۽ ڪرڪيٽ جي ڪمينٽري ٻڌڻ ۾ ڪجهه ڏينهن ٽپال ۽ ريفرنس نيڪال ڪرڻ ۾ سستي ڪندا آهن ته پوءِ اها پينڊنگ ٽپال سندن مستقل روڳ بنجي ويندي آهي.
پاڪستان وانگر هتي جي به 80 سيڪڙو آبادي ٻهراڙين ۾ رهي ٿي ۽ مينهوڳيءَ جي ڪري گهرن جون ڇتيون لهواريون هونديون اٿن جيئن پاڻ وٽ ڳوٺن ۾ لانڍيون هونديون آهن.
گهڻو ڪري سڀ گهر هڪ منزله ۽ ڪشادا وڏن دالانن ۽ اڱڻن وارا ۽ هڪ ٻئي کان پري پري جوڙيل آهن ڇو ته زمين گهڻي ۽ سستي اٿن.
اسپتالن جا وارڊ به هڪ ٻئي کان پري پري آهن ۽ بارش کان بچڻ لاءِ وچ ۾ چڪيل ڪاريڊورن سان هڪ ٻئي سان مليل آهن. جيڪي جدا جدا واردن ۽ بلاڪن کي پاڻ ۾ ڳنڍين ٿا.
هر نئين عمارت بلڪل نئين زمين تي جهنگل ۽ وڻ ڪٽي پوءِ اڏين ٿا. البت شهرن ۾ خاص طور گهرن جو نمونو يورپ وانگر جديد ۽ آرام ده آهي ۽ جن ۾ ورانڊا ۽ اڱڻ نه آهن.
هتي جون مندون رڳو ٻه، هڪ ساوڻ جي رُت ۽ ٻي خشڪ رُت. هرارت هِتي ڏکڻ ۾ ستر کان پنجاسي ڊگريون فيرانائيٽ تائين پڄيو وڃي وري اُتر ۾ ڏينهن جو هڪ سو ڏهه ڊگريون فيرانائيٽ تائين به ٿئي مگر رات جو خاص ڪري (Harmatan) جي ٿڌي هوا جي لهر جيڪا صحرا جي بيابان مان جنوري فبروري ۾ اچي ٿي ان ڪري رات جو گرميءَ جو درجو چاليهه ڊگريون فيرانائيٽ کان به گهٽ وڃيو بيهي. بارش هتي ڏکڻ ۾ جتي اسان رهون ٿا 70 کان 150 انچن تائين پوندي آهي هفتن جا هفتا لڳاتار تيز بارش پوندي رهي ٿي مگر ان سان هتي جي روزمره جي ڪاروبار ۾ ڪو به خلل ڪو نه پوي. باقي اتر ۾ مينهن ٿورا پون وڏو ڇيهه ته ويهه انچ مس. هتي جا وڏا ۽ تاريخي شهر گهمڻ جهڙا آهن جن ۾ لئگاس، اِبادان، ڪَدُونا، ڪانُو، بينِن، جاس، اِنُوگو، اِلورِن، مَدو گِري، سَڪوٽو، پورٽ هارڪوٽ، ڪالابار، اونِيشا، واري ۽ آبا قابل ذڪر آهن جتي دنيا جي ماڊرن شهرن وانگر اعليٰ درجي جون هوٽلون ۽ جديد ۽ مهذب زندگيءَ جون سموريون آسائشون ۽ رعنائون موجود آهن. جتي ٽريفڪ جي ڀيڙ ۽ گهما گهمي آهي. ٽريفڪ پهرين ڏائي پاسي کان هلندي هئي پر اپريل 1974ع کان ساڄي پاسي کان هلڻ جو رواج پيو آهي.
مون کي اهو ڏينهن ياد آهي جڏهن آچر جي ڏينهن اسان گاڏيءِ ۾ ٻاهر نڪتاسين ته ڊرائيور هڪ ٻئي کي ڏسي مسڪرائي رهيا هئا. مون پهرئين ئي ڏينهن گاڏي بيهارڻ وقت روڊ جي ساڄي پاسي جي بدران کاٻي پاسي وڃي پارڪ ڪئي، ٻاهر نڪتس ئي مس ته ڀرسان گذرندڙ هڪ ڪار مان هڪ محترمه اچي مون کي ياد ڏياريو ته پارڪ ساڄي پاسي ڪريو.
پبلسٽي تمام گهڻي ڪئي هوائون تنهن ڪري ڪو اهڙو ناخوشگوار واقعو پيش ڪو نه آيو. البت جڏهن اسان پاڪستان موڪل تي ايندا آهيون جتي اڃا کاٻي پاسي واري ٽريفڪ جو رواج آهي ته ڊرائيونگ ڪندي پهريان هڪ ٻه ڏينهن ڀلجي پوندا آهيون ۽ وري جڏهن موڪل تان موٽي نائجيريا ايندا آهيون ته به شروع جو هڪ ٻه ڏينهن اها ڳالهه وسري ويندي اٿم.

جهنڊو:
هن ملڪ جو جهنڊو ٽن هڪ جيترين اُڀين پٽين مان تيار ڪيل آهي. جن مان پهرين ۽ ٽي پٽي سائي رنگ جون آهن ۽ وچواري پٽي سفيد رنگ جي آهي. سائو رنگ شادابي ۽ سڪار جي علامت آهي ۽ سفيد رنگ امن و آشتي جي نشاندهي ۽ خواهش جو نشان آهي.
هتي بلڪل اڻ پڙهيل ماڻهو گهرو نوڪر چاڪر مالهي چوڪيدار واڍا رازا سڀ ٻاهرين ماڻهن سان توڙي پاڻ ۾ به انگريزي ڳالهائين ان جو وڏو سبب اهو به آهي ته انهن جون پنهنجون بيسمار ٻوليون ۽ ننڍا لهجا آهن ۽ 15 20 ميلن کان پوءِ ٻي زبان يا بدليل لهجو مروج آهي. ان ڪري ماڻهو پاڻ ۾ هر هنڌ انگريزي ڳالهائين ٿا. اسڪولن ۾ گهڻو ڪري انگريزي ميڊيم آهي. ان ڪري غير ملڪي ماڻهن کي ۽ ڊاڪٽرن کي هتي نوڪري ڪرڻ، شاپنگ ڪرڻ، نوڪر رکڻ، ٻار پڙهائڻ ۽ ٽيڪسي واري سان ڳالهائڻ ۾ آساني ٿئي ٿي. انگريزي اخبارون هتي گهڻيون وڪامن ٿيون.
پئسو هتي جام آهي. غير ملڪي گهڻا رهن ٿا. رستن تي تيز رفتار ڪارن جا نت نوان ماڊل ڏسي منهنجو دوست عظمت چوندو آهي ته ”هنن جي ٽريفڪ کان ”بچائيو ميري موليٰ“ جو وڻن تان لهي اچي مرسڊيز ۾ ويٺا آهن.
اسان جو دوست هنن کي چوندو ئي آهي جيهو ڊرائيورس (Jee Ho Drivers) جيهو ڊرائيورن بابت فضل احمد بچاڻي پنهنجي ڪتاب (رٽرن آف شي) (Return of She) ۾ لکي ٿو ته ”جيهو پنهنجي رٿ هلائڻ وقت ايتري ته لاپرواهيءَ کان ڪم وٺندو هو جو هميشه ڪيترائي ماڻهو سندس رَٿَ جي هيٺان اچي چيڀاٽجي چپجي مري ويندا هئا. يورپ ۾ اڄ به لاپرواهه ڊرائيورس کي ”جيهو ڊرائيورس سڏيو ويندو آهي.“
18 عيسوي صديءَ ۾ نائجيريا کي ”نائجيريٽيا (Nigeritia) سڏيو ويندو هو يا ٻين لفظن ۾ نيگرولينڊ (Negro Land) يعني ڪارن جو ملڪ هتي ڀرسان هڪ ٻيو ملڪ به آهي جنهن کي نائيجر چون ٿا، پر اهو ننڍو ملڪ آهي ۽ ايترو امير به نه آهي.
نائجيرياتي اهو نالو نائيجر نديءَ جي ڪري پيو آهي جنهن تي هن ملڪ جي معيشيت جو دارومدار آهي (يا هو) جيئن مصر جو ملڪ جو دارومدار نيل نديءَ تي آهي.
نائيجر ندي اڍائي هزار ڪلوميٽر ڊگهي آهي ۽ انيٽلانٽڪ سمنڊ مان سيراليون (Seraloene) وٽان نڪري ٿي ۽ اتر اوڀر ڏکڻ مان ٿيندي بينن تائين پهچي ٿي.
هتي مسجدون ۽ ديولون خوبصورت نظر اينديون. هندو ڌرم جا مندر به آهن هتي جي حڪومت ۽ عوام مذهبي تعصب ۽ ڇڪتاڻ کان بچيل آهي. تازو هري راما هري ڪرشنا وارن جي مندر ۽ پرچار جو گهڻو چرچو آهي. گهڻا ماڻهو ان ۾ ڌرمي اعتقاد سان گڏ ان ڪري به شامل ٿين پيا جو انهن جون شاخون دنيا جي سڀني وڏن وڏن ملڪن ۾ قائم آهن جتي ٻين ملڪن يا ٻين شهرن کان آيل ساڳئي ڌرم ۽ عقيدي وارن کي مفت رهائش ۽ کاڌو مهيا ڪيو وڃي ٿو. اتر ۽ ڏکڻ نائجيريا هڪ ٻئي کان تمام مختلف آهن. ائين لڳي ٿو ته ٻه جدا جدا ملڪ آهن. مذهب، زبان، شڪل صورت، رسمون رواج، رهڻي ڪهڻي، کاڌ خوراڪ، موسم آب و هوا ۽ پوشاڪ مطلب ته هر ڳالهه ۾ مختلف آهن، ائين لڳندو، آهي ڄڻ ڪراچيءَ کان ڪڙئي گهنور آيا آهيون.