پرديس جو پهريون سفر (1968)
فيبروري 1968ع ۾ جڏهن مان ڪراچيءَ جي انڪلسيريا اسپتال ۾ (R.M.O) ريزيڊنٽ ميڊيڪل آفيسر هوس، ته اتي ساڳي اسپتال ۾ مون سان گڏ منهنجو دوست ڊاڪٽر عظمت الله شيخ به ڪم ڪندو هو. اسان جي رهائش اسپتال جي ئي حدود ۾ گارڊن روڊ تي هئي. ڪم ڪرڻ ۽ سکڻ جو شوق هو. ٻيون ڪي گهرو ذميداريون به ڪونه هيون. عجب بي فڪريءَ جو ماحول هو.
آئون ۽ ڊاڪٽر شيخ هڪ ڏينهن نائجيرين ايمبسي ۾ انٽرويو ڏئي آيا هئاسين جيڪا ان وقت (1968ع) ۾ اڃان ڪراچيءَ ۾ قائم هئي.
اتي ڪيترن سينئر ڊاڪٽرن کي انٽرويو ڏيندي ڏسي مون ڊاڪٽر شيخ کي آهستي سڏي چيو: ”عظمت ورندو سرندو ڪجهه ڪونه البت شيدين جي سفارتخاني جا ٺٺ ته ڏسي آياسين.“
”ها، پنڊي يا اسلام آباد ۾ سفارتخانو هجي ها ته ٿوروئي هلون ها؟“ ڀلي جي سينيئر ڊاڪٽر وڃن ته هتي کوڙ چانسون ملي وينديون مڙئي دل کي وندرائڻ لاءِ ائين چيائين.
ٿورائي ڏينهن اڳ انگلنڊ ۽ سعودي عربيه ۾ موڪليل درخواستن جي جواب ۾ ايمپلائمينٽ ووچر (Employment Voucher) ۽ اپائنٽمينٽ آرڊر آيا پر مٽن مائٽن ٻاهر وڃڻ لاءِ حوصله افزائي نه ڪئي. جيئن ڪنواري ڇوڪري وڏي ٿيندي آهي ته ان جو گهر کان ٻاهر نڪرڻ به بند ٿيو وڃي تيئن ڪنواري نوجوان ڇوڪري جو به ملڪ کان ٻاهر وڃڻ سنڌي مائٽن کي وڏين فڪراتن ۽ انديشن ۾ مبتلا ڪريو ڇڏي.
ٻئي طرف مون پنهنجي دل کي هن طرح خوش ڪيو ته سعودي عرب ۾ عربي ٻولي نه ڄاڻندڙ ڇا ڪم ڪري سگهندو؟ ۽ هوڏانهن وري انگلنڊ جهڙي مهانگي ملڪ ۾ انهيءَ پگهار مان ڪهڙي بچت ٿيندي. ”مون اڃا ڪنهن کي به (Regrets) انڪاري جواب ڪو نه موڪليو هو.
بلڪ ڪڏهن ڪڏهن مائٽن تي رعب وجهڻ لاءِ به انهن اپائنٽمينٽ آرڊرن جو حوالي ڏئي وٺندو هوس ۽ جتي ڪو ٻيو انٽرويو ڏيڻ ويندا هئاسين ته وڏي فخر سان اهي آرڊر به ڏيکاري ايندو هوس، وري جي ڪٿي ڪم نه ٺهندو هو ته دوستن کي چوندو هوس ته ”مان ته رڳو تفريحاً انٽرويو ڏيڻ ويو هوس. مون وٽ اڳ ۾ ڪيترا آرڊر ۽ آفرون رکيون آهن.
”ها: تنهن کان سواءِ پٺيان تنهن جي هيڏي ساري زمينداري ۽ ڪاروبار سنڀالڻ وارو ڪو به هجي نه؟“ عظمت ٽوڪ هڻي چوندو هو.
اهڙيءَ طرح ڪراچيءَ ۾ اسان جو کِل خوشيءَ ۾ وقت پيو گذرندو هو. ٻئي طرف منهنجو رڳو ڪراچيءَ ۾ نوڪري ڪرڻ به مائٽن کي ڄڻ وڏو وڇوڙو پئي لڳو. بقول الطاف شيخ جي ته: ”سنڌي ماڻهوءَ رڳو کٽ تان پير هيٺ ڪيو ته هن ويچاري لاءِ پرديس جا صدما شروع ٿيا سو مائٽ چوڻ لڳا: ”ابا ڪا حيدرآباد ۾ يا هالا ۾ نوڪري ملي ته ڏاڍو چڱو. رٻ جو وَٽو به پنهنجي گهر جو ڀلو!“
ٿورا ڏينهن مس گذريا هوندا ته اسان ٻنهي کي نائجيريا جي فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن طرفان اپائنٽمينٽ آرڊر جي ٽيليگرام پهتي جنهن ۾ اسان کي ڇهن هفتن جي اندر ڊيوٽي تي پهچڻ جو تاڪيد ڪيو ويو ۽ پنهنجا ضروري ڪاعذات ڪراچي ۾ سندن سفارتخاني مان وصول ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي. ڊاڪٽر عظمت ته ٻئي ڏينهن وڃي انڪلسيريا نرسنگ هوم جي چيف کي هڪ مهيني جو نوٽيس ڏئي آيو پر مون کي سوچڻ ۽ صلاح مشوره ڪرڻ ۾ ڏاڍا ڏينهن لڳي ويا. منهنجي ڪري ئي ڊاڪٽر عظمت پنهنجي روانگي ٻه مهينا ملتوي ڪئي. هيڏانهن منهنجو عجب حال هو. ڪو به مائٽ منهنجي آفريقا جهڙي گرم ۽ گهٽ ترقي يافته ملڪ ۾ وڃڻ جي حق ۾ نه هو جنهن کي اونداهو کنڊ (Dark Continent) ۽ ”اڇي ماڻهوءَ جي قبر“ ڪري سڏيو ويندو هو، تنهن کان سواءِ اتي انهن ڏينهن ۾ گهمسان جي جنگ هلي رهي هئي. صرف منهنجو وڏو ڀاءُ ڊاڪٽر عبدالرحمان قريشي منهنجي اُتي وڃن لاءِ همت افزائي ڪندو رهيو.
مون کي هن فيصلي ڪرڻ ۾ گهڻي ذهني دشواري محسوس ٿي. انڪلسيريا اسپتال ۾ اسٽاف سان تمام بهتر تعلقات پيدا ٿي چڪا هئا. ٻئي طرف ڊاڪٽر عظمت وڃڻ لاءِ بلڪل آتو ويٺو هو جنهن سان ڪراچيءَ ۾ سٺو وقت پيو گذرندو هو.
”يار، اسان کي ڪهڙيءَ کٽيءَ کنيو جو نائجيريا جي ايمبسيءَ ۾ انٽرويو ڏيئي آياسين! چڱا خاصا هتي لڳا پيا هئاسين.“
مون عظمت تي برهم ٿيندي چيو.
”هون ڳالهه دراصل ائين نه آهي.“ عظمت چيو ”ڳالهه هيءُ آهي ته شيدين جو اسپتالون پاڻ ٻنهي کان سواءِ هلنديون ئي ڪو نه تڏهن ته ڊيٽ ايڪسٽينڊ (Date extend) ڪندا ٿا وڃن تنهن ڪري انسانيت جي عظيم تر مفاد ۾ ۽ انساني همدردي جي لحاظ کان اسان کي هلڻو ئي پوندو!“
ان وچ ۾ اان کي ٻي ٽيليگرام به پهتي جنهن ۾ اسان کي پنڌرنهن ڏينهن جي اندر پهچڻ جو تاڪيد ڪيو ويو هو. ڊاڪٽر عظمت ته نيٺ آسرو لاهي جولاءِ ۾ روانو ٿي ويو. هُن اتان جيڪي خط لکيا سي ڪافي همٿائيندڙ هئا ۽ هن مون کي مخلصانه مشورو ڏنو ته مان اُتي پهچان ان وچ ۾ مون کي پنهنجي هڪ عزيز ۽ دوست ڊاڪٽر اسلم بروهيءَ جو خط به مليو جيڪو چئن پنجن سالن کان اتي لئگاس ۾ مقيم هو. هن پڻ مونکي فوراً وڃڻ جو مشورو ڏنو.
25 سالن جي عمر ۾ مان زندگيءَ جي پهرئين وڏي سفر تي روانو ٿيس (نائجيريا جو دارالحڪومت لائگوس ڪراچيءَ کان 7200 ڪلوميٽر مفاصلي تي آهي.)
مون کي 17 سيپٽمبر 1967ع ۾ جي اها گهم آلوده رات اڃا ياد آهي جڏهن مان ڪراچيءَ ۾ پنهنجي پياري دوست ڊاڪٽر عبدالقادر شيخ، موجوده پرنسپال چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻو جي جڳهه تي پهتس جيڪو ان وقت جناح پوسٽ گريجويئٽ ميڊيڪل سينتر ڪراچي ۾ زير تعليم هو؛ ڪراچيءَ ۾ آئون لاڳيتو ڪافي مهينا رهيو آهيان پر اڄ ڪراچي مون کي عجيب غريب محسوس ٿي رهي هئي. ائين پئي محسوس ٿيو ڄڻ ڪا شيءِ مون کان زوريءَ کسجي رهي آهي. مون کي خبر ناهي ته ڪيئن شام کان رات ٿي ۽ رات جا ٻه وڳا جڏهن مون پاڻ کي برٽش ايئرويز جي ديوهيڪل هوائي جهاز جي سيٽ تي ويٺل ڏٺو. منهنجي سيٽ جي آسپاس ڪيترا غير ملڪي مسافر هئا، جن ۾ مرد ٻار ۽ مکيل ڏکيل خواتين هيون ڪي سجاڳ، ڪي ننڍا کڙا ڪي نيم خوابيده، ۽ ڪي منزل تي پهچڻ لاءِ بيچين، هيتري هجوم ۾ به مان پاڻ کي تنها محسوس ڪري رهيو هوس ۽ آئنده سفر ۽ پرديس جي تڪليفن کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڻ کي ذهني طور تيار ڪري رهيو هوس. مون کي ادي فهميده حسين جا اهي لفظ ياد اچڻ لڳا جن ۾ هن سنڌي لفظ ”سفر“ کي انگريزي لفظ ”سفر“ (Suffer) سان تشبيهه ڏني آهي.
اسان جي پهرين منزل روم (اٽلي) هئي. (اگرچه هي منهنجو پهريون هوائي سفر ڪو نه هو) روم ۾ سارو وقت ايئرپورٽ تي ويهي گذاريم. هڪ نئون ملڪ ٻيو ڪو انگريزي سمجهڻ وارو نه ملي. ان ڪري شهر گهمڻ جو خيال لاهي ايئرپورٽ تي ويو ڪارڊس تي خط لکڻ ۾ لڳس.
ٻئي ڏينهن اسان جو جهاز خدا جي فضل سان لئگاس جي هوائي اڏي تي لٿو. اُن وقت رات ٿيڻ واري هئي پر ايئرپورٽ تي ڪٿي به روشني نظر نه آئي. سمورو ايئرپورٽ ٻاهران تاريڪيءَ ۾ غرق هو. مون کي ايئرپورٽ هوٽل ۾ ترسايو ويو.
مان جڏهن پهريون دفعو نائجيريا اڪيلو ويو هئس ته اتي لئگوس ايئرپورٽ تي مون کان Yellow Faver جي ٽڪن جي سرٽيفڪيٽ متعلق پڇيائون، عام طور تي جي ڪنهن کي اهي ٽڪا لڳل نه هوندا آهن ته انکي ٻن هفتن لاءِ Quarantine ۾ بند ڪري ڇڏيندا آهن، پر مون وٽ اهڙو سرٽيفڪيٽ موجود ڪو نه هو پر مون کي ڏسي هنن کي يقين ڪو نه پيو اچي ته آئون ڊاڪٽر آهيان، بار بار ورائي پڇن پيا. ان جو سبب اهو هو جو آئون 26 25 جو نوجوان هئس بحرحال انهن مون کي وڌيڪ ڪو نه روڪيو پاسپورٽ تي ٺپا هڻي وڃن جي اجازت ڏني.
لئگاس جي هوائي اڏي تان نڪري هوٽل ۾ پهتس ته برسات پئجي رهي هئي. ڪارا قداور ماڻهو، ٿلها چپ ۽ چپيل نڪ، وٽيل وار: هن برسات ۽ بليڪ آئوٽ کان قطعاً بي نياز هلي گهمي رهيا هئا. ڪن زالن جي پٺن تي ٻار ٻڌل هئا جن کي آئون گهڻي حيرت ۽ دلچسپي سان ڏسڻ لڳس ساڳئي وقت هو مون کي ۽ ٻين غير ملڪين کي عجب مان ڏسڻ لڳا.
لئگاس، نائجيريا جي گاديءَ جو هنڌ ۽ مشهور تاريخي شهر آهي جيڪو هڪ ٻيٽ آهي ۽ جنهن جي آبادي ڏيڍ ملين آهي. تقريباً پنجن چورس ڪلوميٽرن ۾ پکڙيل جديد عمارتن جو شهر آهي ۽ تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي. لئگاس جو سامونڊي بندرگاهه، جنهن کي ”اپاپا“ سڏيو وڃي ٿو، سو ڪافي مشهور آهي. ان کان علاوه ٻيا هي به بندر گاهه واري، پورٽ هارڪورٽ، ساپيلي ڪالابار ۽ ڪوڪو غير ملڪي واپار جا وڏا مرڪز آهن.
مان ڪئين دفعا ملازمت خواهه موڪلن دوران هنن بندرگاهن ۾ ايندو رهندو آهيان ان ارادي سان ته شايد ڪڏهن PNSC جو ڪو جهاز هتي لنگر انداز ٿئي ۽ ان جي انجنيئر ۽ سنڌ جي واسڪوڊيگاما، الطاف شيخ سان ملاقات ٿي سگهي.
لئگاس جي وڪٽوريا آئلينڊ جي هوپ ويل اسٽريٽ ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي خوبصورت عمارت مون لاءِ هر وقت محبت ۽ ڪشش جو باعث پئي رهي.
هڪ رات هتي ٽڪي ٻئي ڏينهن هوائي جهاز رستي بينن (Benin) پهتس جيڪو مڊويسٽ اسٽيٽ جنهن کي هاڻ بينڊل اسٽيٽ چون ٿا، جو صوبائي ڪيپيٽل (هيڊڪوارٽر) آهي. هتي منسٽري آف هيلٿ جا آفيسر مون کي وٺڻ آيا هئا جن سان گڏجي آئون گورنمينٽ ريسٽ هائوس پهتس جيڪو تمام وڏو آرامده هائوس آهي. هتي مان ٽي هفتا ٽڪيس. رهائش، کاڌو، نوڪر ۽ گاڏي سڀ سرڪاري طور مهيا ڪيل هئا.
انهن ڏينهن ۾ بيافرا جي جنگ پنهنجي عروج (Climax) تي هئي. ان ڪري اگرچه ريسٽ هائوس ۾ ٽي هفتا واندو هوندو هوس پر لڙائي، ڪرفيو ۽ بليڪ آئوٽ جي ڪري، گهمڻ ڦرڻ لاءِ ڪيڏانهن گهڻو نه ويندو هوس ڏاڍو بور پئي ٿيس.
”بينن ايئرپورٽ تي جيئن ئي لٿس ته ڪن سريلن ۽ صحتمند ۽ خوش لباس چهرن جي بدران ڪئين زخمي سولجرس، اسٽيچرن تي قطارن ۾ ليٽيل ڏسڻ ۾ آيا غالبن انهن کي علاج لاءِ لئگاس موڪلي رهيا هئا، ڇاڪاڻ ته بينن ۾ ميڊيڪل اسٽاف ناڪافي هو ۽ اسپتالن ۾ بسترن جي گنجائش به گهٽ هئي.
بليڪ آئوٽ ۽ مسلسل بارشون هتي جي باشندن لاءِ ته ڪا نئين شيءِ نه هئي پر مان جو بقول طارق عزيز، روشنين ۽ خوبصورتين جي شهر ڪراچيءَ مان هتي پهتو هوس، البت بيچيني محسوس ڪري رهيو هوس.
”يا خدا، چڱو خاصو پاڪستان ۾ ويٺو هوس، هي مون کي ڪهڙي کٽيءَ کنيو؟“ هڪ ته ماڻهو اڳي ئي ڪارا بليڪ آئوٽ ۾ ويتر ڪارا هيڪاري برسات ۾ ڪاريون ڇٽيون سندن هٿن ۾ ڄڻ ڪاري بورڊ تي ڪو استاد اڱار سان ڪو ٿيئرم سمجهائي رهيو هجي. جنهن کي ڪارو گائون پيل هجي. بعضي سندن سفيد سفيد ڏند ڏسي ائين لڳندو هو ڄڻ ڪارن ڪڪرن ۾ وڄ جو چمڪاٽ ٿيو.
بيافرا جي باغي فوج ڪا ڌارين فوج ته ڪانه هئي، اها ته هنن جي چپي چپي جي واقف هئي گهر جا ڀيدي هئا تنهنڪري باوجود ڪيموفليجنگ (دشمني کي ڀلائڻ لاءِ رنگ روپ بدلائڻ) جي باغين هنن جي اهم تنصيبات ۽ پوائنٽن تي چونڊي چونڊي ڀرپور حملا ڪيا. منهنجي اڳيان به بينن ايئرپورٽ تي ڪئين ڀيرا ايئر ريڊس (هوائي حملا) ٿيا.