سفرناما

نائجيريا ۾ سورنهن سال

ڪتاب ”نائجيريا ۾ سورنهن سال“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب ڊاڪٽر احمد علي قريشي جو نائجيريا بابت لکيل سفرنامو آهي. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1987ع ۾ ڇپايو ويو هو. ٻيو ڇاپو ڊاڪٽر عبدالرحمان قريشي پاران 2017ع ۾ ساحل پرنٽر اينڊ پبليشر حيدرآباد وٽان ڇپايو ويو.

Title Cover of book Nijria mein 16 Saal

انساني حسن و خوبصورتي:

انساني حسن و خوبصورتي:
”گند جنين جي گوڏ ۾ ۽ پاٻوڙا پوشاڪ،
انهن جي اوطاق، راجا ريجهي آئيو.“
(شاهه عبداللطيف)
هتي جي حسن ۽ خوبصورتيءَ جا معيار ئي نرالا آهن. وڌيڪ کان وڌيڪ ڪاري دانگيءَ جي پٽ، چمڙي جهڙا ڏامر مان چمڪاٽ پيا نڪرن جيئن حضرت مخدوم طالب الموليٰ جو غزل آهي.
”رشڪ بخت سياه ۽ رشڪ تاريڪ شب،
هن جا زلف دوتا، خوشنما خوشنما.“
ٿلها چپ جن تي ڳاڙهاڻ جي بدران چن جي چاڪ جهڙي اڇاڻ، نڪ بلڪل ويڪرو ٽنگون جانٺيون ۽ جامڙد، مٿي جا وار ائين جيئن ماڪوڙا پيا سُرن اهڙي جسماني نزاڪت رکندڙ دوشيزا هتي جي قابل رشڪ حسينه تصور ڪئي وڃي ٿي.

اهڙي دلربا دانگي نما جڏهن ڪتاب ڪڇ ۾ کڻي ڪالابار يونيورسٽي يا بينن يونيورسٽيءَ جي فيڪلٽيز ۾ يا لان تي ٽهلندي ته اتي جا جوانڙا شيدي ٻلهار پيا ٿيندا پر هوءَ کين لفٽ ڪٿي ٿي ڏئي!! بقول اختر هالائي:
”ڪڇ ۾ ڪتاب، چشمو اکين تي بصد خرام،
مائٽ انهيءَ ۾ خوش ته ٿي نينگر پڙهڻ وڃي!
ڪنهن جو رهي ٿو ڪنهن کي سر راهه انتظار،
ڪاليج جي ڪڪي ڀلا ڪنهن سان گهمڻ وڃي؟“
سفيد فام يا اسان ايشين کي هتي گهڻي خوشفهميءَ ۾ مبتلا رهڻ جي ضرورت ڪانهي جن کي هتي جا مقامي شيدي ڪاغذي گل يا فارمي بيضا سڏين ٿا. خود سندن شيدياڻين ۾ به جن جو رنگ ڪجهه صاف گندمي مائل هوندو آهي يا گڏوچڙ نسل (Mixed race) جون هونديون آهن تن کي هو گهٽ نظر سان ڏسن ٿا ۽ نهن جو حليو سمجهائيندي ائين به چوندا آهن ته فلاڻو جيڪو ڪارو آهي؟ ان مان هنن جي مراد پنهنجي برتري ۽ پنهنجائپ ۽ اپنائيت جو اظهار ڪرڻ آهي.
ويتر جو اهڙي حسينه جو شرمائڻ! هتي ماڻهن لاءِ قتل جو سامان مهيا ڪري ٿو.
”هائي اُس زود پشيمان کا پشيمان هونا!“
نائجيريا جو مقبول صدر (يعقوبو گووان) جيڪو پاڻ به ڪافي سمارٽ آهي ٽيهن سالن جي عمر ۾ اقتدار ۾ آيو. مائٽن جڏهن ڏٺو ته نينگرو ساماڻو به آهي ۽ کيس چڱي نوڪري به ملي آهي. ماشاء الله روزگار وارو ٿي پنهنجي پيرن تي بيٺو آهي ته ماءُ، ماسي، پڦي سڀ سهڻي سلوڻي ۽ سدوري نهن جي تلاش ۾ ڏيئا ٻاري نڪتيون يا بقول انور هالائيءَ جي گوڏ ٻڌي نڪتيون.
انڌن وڃي ملتان لڌو 14 ئي رياستن ۾ سهڻين شهزادين شيدياڻين جي جانچ پڙتال هنگامي بنيادن تي شروع ٿي وئي. جيڪا به ڇوڪري ڏسن سا پنهنجي پنهل جي پير برابر به نه سمجهن ڳوليندي ڳوليندي، ڏوريندي ڏوريندي جيئن لوڪ ڪهاڻين ۾ چوندا آهن ته هلندا وڃن هلندا وڃن، نيٺ (قضا سان) هنن هڪ اهڙي ڇوڪري وڃي هٿ ڪئي جيڪا هنن سڀني جي خوابن جي تعبير هئي بلڪ سپنن کي به شرمائيندڙ هئي.
اسان جو ٻڌو ته صدر مملڪت جي هٿن تي مهندي لڳڻ واري آهي ته اسان به پنهنجون موڪلون ملتوي ڪرايون شاعرن قصيدن لکڻ لاءِ قافين جا انبار کڻي قيد ڪيا.
اخبار اورن ڪئميرائون هٿيڪيون ڪرائي رکيون. غير ملڪي مهمانن جي رهائش جو بندوبست ڪرڻ لاءِ وڏيون رقمون مختص ڪيون ويون. غير ملڪي سربراهن کي سگهرا دعوت ناما جاري ڪيا ويا. فائيوَ اسٽار هوٽلن جا ڪمرا ۽ فلورن جا فلور بوڪ ٿي چڪا. غير ملڪي رپورٽر هفتا اڳي اچي لئگاس ۾ خيمه زن ٿيا.
ڪنوار لاءِ ڪن چيو ته آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندي آهي، ڪنهن چيو يورپي سفارتخاني ۾ آفيسر آهي ڪنهن چيو فائين آرٽس ۾ ايم. اي. ڪئي اٿس. پر ڪن ته ائين به چيو ته ڇوڪري ڏاڍي مغرور آهي جڏهن ڪو ريجهي! جيئن جيئن ڏينهن ويجها ايندا ويا سڀني جو اشتياق ۽ سسپينس (Suspense) ڪلائيميڪس تي پهتو.
نيٺ اها شڀ گهڙي آئي جنهن لاءِ گهوٽ ماءُ سوين سکائون ڪيون ۽ پير ڏوريا هئا.
جيئن ته مان به ان وقت فوجي اسپتال ۾ اهم عهدي تي فائز هوس تنهنڪري مدعو ڪيل مهمانن ۾ شامل ٿي ويس.
شادي ٿي. ڏٺي سين کاڌي سين، دل پڪي ڪري موٽياسين بقول انور هالائيءَ جي ”اکين مان ڳوڙها تري آيا.“
جيڪي دعوت ۾ شريڪ ٿيڻ کان محروم رهيا تن جي به حسرت پوري ٿي جو ٽي.وي. تي پوري چاليهن منٽن جي فلم ۾ سڀني جي سنڌ لٿي.
”پارٽنر لٿي سَڌ؟“ خوام مخواه موڪل ڪينسل ڪرائيسين نه ته هينئر گهمندا گهمندا گهر به پهچي وڃون ها.“ ڊاڪٽر عظمت چيو.
مون چيومانس ته ٻڌو ڪو نه اٿئي ته،
”خود بخود کود پڑا آتش نمرود میں عشق،
عقل ہی محو تماشائی لب بام ابھی!!!“
ٻيو ڀلا ڇا چوانس ها؟
اخبارن ۾ فوٽو ۽ تفصيل شايع ٿيا ۽ اتي جي ماڻهن وڪٽوريا گوون (ڪنوار) جي حسن جواني ۽ شوخ ادائن جي دل کولي تعريف ڪئي، واقعي هو آفريقي حسن جي مٿي بيان ڪيل مسلمه معيارن تي پوري ٺهڪندڙ دوشيزه هئي.
پارٽنر ڇاپيو سوچين؟ صدر يعقوبو جي ڀاڳ تي توکي رشڪ پيو اچي ڇا؟
”بابا پنهنجي پنهنجي قسمت آهي.“ مون عظمت کي چيو ”الاجي گهوٽ ماءُ جون متيون خدا منجهايون الاجي اسان جي يعقوبو جي ڦٽي؟“ عظمت چيو.
”ڦٽي ڪنهن جي به ڪا نه رڳو اک اک جو ڦير آهي. ليلا کي جيڪر مجنون جي اک سان ڏسين ها ته تون به ديوانو هجين ها. ٻڌو ڪو نه اٿئي ته:
”عشق ڪارو نانگ، خبر کاڌن کان پوي!“
آرائش ۽ زيبائش:
”جهڙا گل گلاب جا تهڙا مٿن ويس،
چوٽا تيل چنبيليا، هاها هو، هميش،
پسيو سونهن سيد چئي، نينهن اچن نيش،
لالن جي بيس، آتڻ اکر نه اُجهي.“
(شاهه لطيف)
دنيا ۾ هر خطي ۾ هر دور ۾ آرائش حسن ۾ ڪارن ۽ گهاٽن وارن کي بنيادي حيثيت حاصل رهي آهي. ساڳي سوچ هتي جي زالن جي به آهي هو پنهنجي وارن کي سنوارڻ سينگارڻ ۾ پنهنجي تهذيب ۽ ڪلچر موجب وڏا وس ڪن ٿيون. هنن جون ڦڻيون ڪاٺ جون ٺهيل مضبوط ڏندن واريون هونديون آهن، جن مان وارن کي جدا جدا نمونن سان سينگارينديون آهن جن کي پليٽنگ (Platting) چيو ويندو آهي. هر عورت اهو هنر ڄاڻي ٿي زالون هڪ ٻئي جا وار ٺاهينديون آهن. ڪارا گهنڊيدار وار سنواري ڪجل پائي هي مشڪي محبوبڙيون جڏهن مِسي ماڳس ڪري گهمڻ نڪرن ته انقلاب مچايو ڇڏين. بقول اختر هالائي:
”سياهه زلفن ۾ آيو ماهه تابان،
ته ڄڻ بتخاني ۾ اسلام آيو.
بدلجي مٿي مان پيو خون جگر ٿي،
جڏهن هن جي لبن تي جام آيو.“
ڪي ڪي عورتون ته هن هنر جون ڏاڍيون ماهر (Specialist) آهن ۽ شادين مرادين ۾ گهڻا ڏوڪڙ ڪمائين وڏن وڏن عملدارن جون بيگمات کين قيمتي ڪار موڪلي سڏرائين. هنن کان توهان پنهنجي پسنديده ڊزائين جا وار ٺهرائي سگهو ٿا. هن ڪم ۾ ڪافي محنت ۽ وقت لڳي ٿو مگر وار ٺهڻ کان پوءِ ٻه هفتا کن وار خراب ڪو نه ٿين. غسل ڪرڻ سان به خراب ڪو نه ٿين. وارن ٺاهڻ لاءِ ڪاري رنگ جي مضبوط ڌاڳن جو ريل استعمال ڪن. هنن وٽ ڪجهه اهڙيون ڪريمون (Creams) به آهن جن جي استعمال سان انهن جا وار ڪجهه نرم ۽ ڪجهه وقت لاءِ سڌا رهن ٿا.
پر هتي جي عورتن جي بدقسمتي اها آهي جو منجهن جڏهن به ڪو ماڻهو وفات ڪري ٿو وڃي ته مرحوم جا سڀ مٽ مائٽ عورتون مرد ۽ ٻار سڀ مٿو ڪوڙائيندا آهن. ان ڪري اڪثر عورتن جا وار ننڍا هوندا آهن، ۽ بعضي سندن مٿو ڪوڙيل هوندو آهي جنهن کي لڪائڻ لاءِ هو خوبصورت رومال مٿي تي ويڙهين ٿيون. هاڻ ته اهڙا نقلي وار (Wigs) هتي به نڪتا آهن جو توهان بيوٽي پارلر (Beauty Parlar) ۾ وڃي جنهن نموني جا وار چاهيو، سيٽ ڪرائي سگهو ٿا. ۽ حجامڪو ڪم جنهن کي ڪنهن وقت معاشري ۾ معيوب يا ڪمتر سمجهيو ويندو هو سو هان ڪمائي ۽ روزگار جو وڏو ذريعو بنجي پيو آهي. هيئر ڊريسنگ جا ايئرڪنڊيشئڊ دوڪان ۽ باوردي صاف سٿرا ورڪر خوبصورت انگريزيءَ ۾ توهان سان گفتگو ڪندا. اخبارون پيش ڪندا ۽ ڪيترا ته هن فن جي ڊپلوما پاس ڪيل به آهن هاڻ ته پاڻ وٽ پاڪستان ۾ به ٽيڪنيڪل ايڊيوڪشن جي پاليٽيڪنڪ ادارن ۾ مردن ۽ عورتن کي هيئر ڊريسنگ جي تربيت ۽ ڊپلوما ڏني وڃي ٿي.
هتي نائجيريا ۾ به هيئر ڊريسنگ جا خوبصورت دوڪان آهن فرق رڳو ايترو آهي جو وار ڪترڻ سان گڏ کيسو به ڪتريو وٺن!!
جيئن پاڻ وٽ عورتون پنهنجي وارن کي گهنڊيدار ۽ ڇلي دار بنائڻ جي ڪوشش ڪنديون آهن تهڙي طرح هِتي وري عورتون پنهنجي وانر کي گهنڊي ڪڍي سڌو ڪرڻ جي ڪوشش ڪنديون آهن ۽ نئين نسل ۾ اهو رواج ڪافي عام ٿيندو وڃي اِن لاءِ نيون نيون ڪريمون ۽ تيل استعمال ڪن ٿيون.