اداري پاران محترم غلام نبي گل جو ”گگن گونگو ٻڌائي ڇا“ ويهون ڪتاب آهي. گگن گونگو ٻڌائي نه ٿو مگر اوهان پڙهندڙ، پڙهي پنهنجي راءِ ڏيندا ته اوهان کي ڪيئن لڳو. راءِ ۾ ڪا به رعايت، ۽ روايت نه هجي. اوهان جي اهڙي راءِ ليکڪ لاءِ اتساهه ڏياريندڙ آهي. اميد آهي ته محترم غلام نبي گل جي ٻين ڪتابن وانگر هن ڪتاب کي به پڙهندڙن کان پذيرائي ملندي، اوهان جي راءِ جو منتظر. وجاهت ٻرڙو