مهاڳ: آ سفر جي نظر مسافر ۾
توهان ايمانداري سان پاڻ کان سوال ڪريو ته جيڪڏهن توهان کي اُهو سڀ ڪجهه لکڻ نه ڏنو وڃي ها ته توهان ائين ئي زندهه رهو ها؟
۽ سڀ کان اهم ڳالهه ته رات جي خاموش ترين لمحن ۾ پنهنجو پاڻ کان اهو سوال ڪيو ته ڇا منهنجي لاءِ لکڻ ناگزير آهي.
سنجيده جواب جي لاءِ پنهنجي دل جي گهرائين ۾ لهي وڃو ۽ جيڪڏهن جواب هاڪار ۾ هجي ته مون کي لکڻ گهرجي. پوءِ توهان جي زندگيءَ جي معمولي ۽ غير اهم لمحن ۾ به ان ضرورت جو عڪس هجي. سڀ کان پهريان انسان جيان هي چوڻ جي ڪوشش ڪريو ته ڇا ڏٺم، ڇا محسوس ڪيم، ڇا چاهيم ۽ ڇا وڃايم“
ائين سوچڻ پنهنجي اندر تخليق جو ٻج ڦٽندي محسوس ڪرڻ آهي. اِهو ئي زندگيءَ جو نزديڪ تر احساس آهي. اِها ئي شاعري آهي. شاعري زندگي جو سهارو آهي.
جيڪڏهن ڳالهه شاعريءَ جي آهي ته ان کان وڌيڪ ڇا ٿو چئي سگهجي غلام نبي گل ڪيئي ورهه پاڻ ۾ پيهي شاعريءَ سان نينهن نڀايو آهي ۽ غزل جهڙي روايت پسند صنف مان اُهو ڪم ورتو آهي، جيڪو اسان جي ادبي تاريخ ۾ وڏي عرصي تائين ياد رکيو ويندو.
محدود شعري لسانيات کان مانوس اسان جو ادبي ماحول زندگيءَ جي گونا گونيت، رنگيني ۽ هم عصر معاشرتي، معاشي ۽ نفسياتي عوامل سان پنهنجي شعر ذريعي مُنهان مُنهن ٿيڻ يا زندگيءَ کي حقيقت پسنديءَ جي اک سان ڏسڻ بدران جناتي قسم جي خيال آرائي، تُڪ بندي ۽ بي روح شعرن جي ڀر مار تي انحصار وڌيڪ ٿو ڪري. ان جي بر عڪس غلام نبي گل جديد سنڌي شاعري جو(Ground Breaking) شاعر آهي. هن فارسي آميز تغزل کان اڳتي نڪري جديد لب و لهجي ۾ نهايت درد منديءَ سان غزل جي (Craftness) ٿو ڪري.
نگاهن مان ڪيئي ويا رنگ گذري،
ڏٺو تو ڏي رڳو گل، پل هڪڙو.
پنهنجي هن زندگيءَ کي ڇا ڪريان،
پاڻ سڌري نه ئي سڌاري ٿي.
ڪلاسيڪي غزل جي شعريات جن تصورن تي قائم آهي، سي هينئر به غزل سان گڏوگڏ هلن ٿا. ٿلهي ليکي انهن کي ٻن قسمن ۾ ورهايو ويو آهي هڪ جي نوعيت علمياتي (Epistemological) آهي، ”يعني ڪنهن شعر مان اسان کي حاصل ڇا ٿو ٿئي“ ۽ ٻئي جي نوعيت وجودياتي (Ontological) آهي. ”يعني شعر جو وجود بحر وزن يا قافيي وغيره تي قائم هجڻ“.
غلام نبي جي هنن غزلن ۾ ڪلاسيڪي شعريات، غزل جي ڀرپور ماحول ۽ منفرد اسلوب سان سامهون اچي ٿي. هِن جي شعرن ۾ شاعريءَ جي مروج اظهار جو تصنع نه آهي.
وطن پنهنجي کان بي وطن ڪيئن ٿجي،
هجر کان سوين بار هجرت ڏکي.
هونئن بظاهر ڪنهن به ڳالهايو نه پئي،
چپ چپ گل هئي لڳي چؤ ٻول جان.
ٿي ويا ڌار دور هڪ هڪ ٿي،
سڪ هاڻي لڳي سمورن جي.
سيڪ آيو نه پاڙيوارن کي،
منهنجي اندر آ آڳ کورن جي.
هڪ شاعر جي لاءِ سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته جنهن دؤر ۾ هُو جيئي پيو ان دؤر جي سياسي ۽ سماجي، معاشي ۽ معاشرتي لاڙن جو ادراڪ رکي.
غلام نبي گل زندگي جي سفاڪ حقيقتن سان اکيون اکين ۾ ملائي ڏسي ٿو پنهنجي تخليقي شعور جو برملا اظهار ٿو ڪري ۽ پنهنجي دؤر جي سياسي ستم ظريفي ۽ نڪمي پڻ کي وائکو ٿو ڪري.
مليو ڪپڙو نه روٽي ۽ نه ڪوگهر،
سوين ڀيرا ٿيو اعلان آهي.
هُو لمحي ۾ جيئڻ وارو شاعر آهي. غافل ناهي وقت جي جبر کان، زندگيءَ جي لطافتن ۽ حسناڪين کان.
عُمر جي جنهن حصي ۾ هو آهي ان ۾ ڪوئي به فرد وقت جا کڻايل بَار پنهنجي مٿي تان لاهي واپس وقت کي موٽائي ڏيڻ لاءِ تيار هوندو.
موجوده حالت ۾ اڄ اسان زندگيءَ جي هر شعبي ۾ زوال آماده آهيون غلام نبي گل وٽ اِن زوال جو سفاڪانه ادراڪ آهي، هُو معاشرتي بگاڙ ۽ منافقانه طرزِ زندگيءَ ڏانهن مائل ماڻهن کي هڪ درد مند دل سان ڏسي ٿو ۽ هلڪي حزنيه انداز ۾ سماجي حقيقت پسنديءَ جو تخليقي جهان جوڙي ٿو.
چنڊ ايڪهين جو ائين اڌ گول جان.
تنهنجي اڻ پوري ڪيل ڪنهن قول جان.
ڇو اڃا تيار ئي ٿيو ناهي،
آ سفر جي نظر مسافر ۾.
خدا کي خط کڻي لکجي،
مگر ڪنهن کان پتو پڇجي.
هيءَ زندگيءَ ڏانهن وٺي ويندڙ شاعري آهي. وقت جي سفاڪين ۽ رعنائين سان متعارف ڪرائيندڙ شاعري آهي. جنهن جي تخليقي تازگي پڙهندڙ جي دل ڇُهي وٺي ٿي، پنهنجي بيساختگيءَ ۽ درد منديءَ سميت.
پيار سان ڀرپور اکيون.
مڌ ۾ مخمور اکيون.
اکين مان ٿي من ۾ اتريون،
من ڪيون منظور اکيون.
يا
وجود جي ڪرب سميت،
تو ڇو اوندهه ۾ آهه اڇلايو.
منهنجو مون کان جدا ڪيو سايو.
احمد آزاد