بارش جي هلڪي ڪڻ ڪڻ آ. بارش جي هلڪي ڪڻ ڪڻ آ. پايل جي ڄڻ ڪا ڇڻ ڇڻ آ. ٻالڪ جي هٿ ۾ رانديڪو، ڦيرائڻ سان ٿي جهڻ جهڻ آ. ريس کٽي آ رئيس جي گهوڙي، وه وه ٿي جهر جهنگ وڻ وڻ آ. ماڻهو ڊوڙن هيڏي هوڏي، شهر ۾ ڇو وٺ سٺ هڻ کڻ آ. پيلي رُت جي پهرين ڀيٽا، گلشن گلشن ٿي پن ڇڻ آ.