ڇنڊ ڇاڻ ٿي رهي آ. ڇنڊ ڇاڻ ٿي رهي آ. ڪجهه ڄاڻ ٿي رهي آ. منظر ۾ ۽ نظر ۾، ڇڪتاڻ ٿي رهي آ. خود کان هي بي خيالي، ڇاڪاڻ ٿي رهي آ. ڇت تي آ چنڊ، چهرو! چانڊاڻ ٿي رهي آ. هر شهر رت ۾ ڳاڙهو، رت ڇاڻ ٿي رهي آ. جيئن شام لام لاڙي، لالاڻ ٿي رهي آ. گل تنهنجي هر سخن ۾، سرهاڻ ٿي رهي آ.