لطيفيات

مونا طور سينا

هي ڪتاب فقير حاجن نظاماڻي جي مضمونن جو مجموعو آھي جيڪي ھن شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريء، راڳ، سُر ۽ ساز تي لکيا آھن. ساجد سنڌي لکي ٿو:
فقير حاجن نظاماڻي جي قلم جي تقويت ۽ رواني خاص طور مُرشد لطيف جي شاعريءَ کي مختلف پهلوئن جي حوالي سان آشڪار ڪرڻ جي مشق نهايت جاندار ۽ هينئين سان هنڊائڻ جهڙي ان ڪري به آهي جو سندس لکڻ جو ڏانءُ بلڪل منفرد ۽ انوکو آهي، هونئن به فقير حاجن جي مضمونن جو محور شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح ۽ لطيف جي لطيف ٻولي ئي رهيو آهي پر سندس لکڻين ۾ شامل سمجهاڻيون، اشارا ۽ اسلوب ايترا ته سهڻي نموني ۽ سادگي سان بيان ڪيا ويا آهن جن کي پڙهندي پڙهندڙ مٿان عجيب سحر جي ڪيفيت طاري ٿي وڃي ٿي، سندس لکڻيون لطيفي رمزن کي سمجهڻ جو آسان ذريعو به آهن ته لطيفي راڳ کي پروڙڻ جو بهترين حل به آهن.
Title Cover of book مونا طور سينا

مهاڳ : کرڪڻا لاهي، سُک نه سُتا ڪڏهين

دنيا سنڌو تهذيب کي موهن جي دڙي ۽ سنڌو درياهه وسيلي سڃاڻي ٿي. ماڳن مڪانن کان سواءِ لباس ۾ اسان جي سڃاڻپ اجرڪ ۽ ٽوپي ڪرائن ٿا. شخصيتن ۾ شاهه لطيف جو نالو سڀني کان مٿانهون آهي. لطيف جي فڪر جي ڇاپ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن کي ڌرتيءَ تي نرالو بڻايون بيٺي آهي.
شاهه صاحب جو پيغام آهي ته سڄيءَ انسانذات لاءِ پر سنڌين لاءِ ان جي خصوصي حيثيت آهي. ڇاڪاڻ ته اهو سنڌي ٻوليءَ ۾ آهي. سنڌي ڳالهائيندڙ ئي شاهه سائينءَ کي صحيح طريقي سان پڙهي، سمجهي ۽ پروڙي سگهي ٿو. اسان جي بدقسمتي آهي جو اسان جيئن پوءِ تيئن هڪ ڪارائتي وکر کان پري ٿيندا پيا وڃون.
نه رڳو پري پر اسان جي ڪجهه دانشورن لطيف سائينءَ تي تهمتون مڙهي نئين نسل کي ورغلائڻ شروع ڪيو آهي. ڪي چون ٿا ته سنڌ ۾ ترقي نه ٿيڻ جو سبب شاهه لطيف جي ڪلام سان عوام جي محبت آهي. ڪي چون ٿا ته شاهه لطيف سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ کان روڪي ٿو، ڪي ڪجهه ٻئي قسم جون فتوائون جاري ڪري ڀٽائيءَ گهوٽ کي تڪراري بڻائي پنهنجا بيڪار مقصد حاصل ڪرڻ گهرن ٿا.
انهن سمورن سوالن جا جواب فقير حاجن نظاماڻيءَ پنهنجي فقيري انداز سان ڏنا آهن. حاجن انهن دانشورن سان سڌو سنئون مخاطب نه ٿيو آهي. هُن لطيف جي ڪلام جي روشنيءَ ۾ مختلف مونجهارن کي سُلجهائيو آهي. سندس هيءُ ڪتاب تحقيقي مقالن نه پر اخباري ڪالمن ۽ مضمونن جو مجموعو آهي، جيڪي هو ڪجهه سالن کان روزاني عبرت اخبار ۽ رسالن ۾ لکندو رهي ٿو.
فقير حاجن نظاماڻيءَ سان منهنجي ڏيٺ ويٺ ڪجهه سالن کان آهي. مان پندرهن ويهن سالن کان ڀٽ شاهه تي لڳ ڀڳ هر سال حاضري ڀريندو رهندو آهيان. خاص ڪري ميلي جي موقعي تي ثقافت کاتي پاران ٿيندڙ سگهڙ ڪانفرنس، عالمي لطيف ادبي ڪانفرنس ۽ راڳ رنگ جي محفلن ۾ پنهنجي حصي جي ڊيوٽي ڪندو آهيان.
سگهڙ ڪانفرنس ۾ سگهڙن سان ڪچهريءَ ۾ هڪٻئي کان حال احوال پيا وٺندا آهيون. اڪثر سگهڙ مون کي ٻڌائيندا هئا ته سائين هن ڪانفرنس جي پڄاڻيءَ کان پوءِ اسان جي ڪچهري رئيس علي ڏني خان نظاماڻيءَ جي اوطاق تي ٿيندي آهي، جتي ماني ٽڪيءَ ۽ رهائش جو بندوبست هوندو آهي. سالن کان وٺي اهي ڳالهيون ٻُڌي مون کي هڪ تجسس پيدا ٿيو ته جيڪر مان به ان اوطاق تي وڃان ۽ سنگت سان ملان. دوستن سان گڏجي هڪڙي ڏينهن ان اوطاق تي حاضري ڀريم جتي رئيس علي ڏني نظاماڻي صاحب، فقير حاجن نظاماڻي صاحب ۽ ٻين سان وڏي ڪچهري ٿي.
اهو ٻُڌي مون کي وڌيڪ خوشي ٿي ته هن اوطاق ۾ پنجاهه سالن کان لطيف سرڪار جي عرس جي موقعي تي وڏي سگهڙ ڪچهري ۽ هر مهيني پڻ ڪچهري ٿيندي آهي. فقير حاجن نظاماڻيءَ جو خاندان شاهه جو راڳائي آهي. حاجن فقير ان سلسلي کي قائم رکيون پيو اچي. هو پنهنجي ٽولي سان درگاهه تي هر هفتي راڳ ڳائيندو آهي. ننڍپڻ کان وٺي شاهه صاحب جي درگاهه، راڳ، ٻين رسمن ۽ طريقن سان عملي لاڳاپو شروع ٿيس. ان لکڻ ۾ وڌاءُ نه ٿيندو ته: حاجن فقير جي سکيا ۽ تحقيق جو عرصو ويهن سالن کان مٿي آهي.
ڪيترن ئي سالن جي تحقيق ۽ تجربو هن ڪتاب ۾ پڻ نظر ايندو. اسان جي اڪثر وڏن عالمن جڏهن شاهه لطيف تي تحقيق ڪئي ته لائبريرين کان سواءِ سر زمين يعني ڀٽائيءَ جي درگاهه تي سالن جا سال اچي رهيا. ڪجهه عالم ته پيدا ئي هن علائقي ۾ ٿيا جيئن: ٻانهون خان شيخ. فقير حاجن به هتان جي پيداوار آهي، جيڪو نه رڳو شاهه صاحب جي ڪلام جي ٻوليءَ کان واقف آهي پر درگاهه تي ٿيندڙ هر رسم، تقريب، ماڳ مڪان وغيره کان چڱيءَ ريت واقف آهي. کيس رسالي جا سوين بيت ياد آهن. هُو شاهه جو رسالو ته پڙهندو رهندو آهي پر بيتن جون پڙهڻيون ۽ لفظن جا اُچار ٻين فقيرن کان ٻُڌي ۽ ڳائي سکيو آهي. هُو لطيف جي دنبوري کان نه رڳو واقف آهي پر اُن کي مهارت سان وڄائي به ڄاڻي.
لطيف سائينءَ جا سمورا راڳائي ۽ فقير وڏا محترم ۽ قابل آهن پر منهنجي خيال ۾ تمام ٿورڙا فقير بيتن کي سمجهائي ۽ انهن بابت وضاحت سان لکي سگهندا هوندا. ان ڏس ۾ فقير حاجن نظاماڻي گهڻن کان اڳتي نڪري ويو آهي. فقير جنهن انداز سان راڳ ڳائن ٿا، ان ۾ لفظن جي چٽائي ناهي، ذڪر وارو طريقو وڌيڪ آهي. ڪجهه ماڻهن جو چوڻ آهي ته ان انداز وسيلي لطيفي فڪر پکيڙڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي. ڪي ته ان انداز تي اعتراض به ڪن ٿا. فقير حاجن ان سوال جو جواب هن ڪتاب ۾ ڏنو آهي. هو لکي ٿو ته: “عام راڳيءَ جو آواز هرڪو سمجهي ٿو پر ڪنهن ڪلاسيڪل راڳيءَ جو راڳ سڀڪو نه ٿو سمجهي. ان ۾ ٻڌندڙ جو قصور آهي راڳائيءَ جو ڪوبه ڏوهه ناهي. اسان کي گهرجي ته پنهنجيءَ سمجهه جو معيار وڌايون. ان لاءِ محبت ۽ استاد جي ضرورت هوندي آهي. سڪ، محبت ۽ جذبو گهربل آهي. سائينءَ جو راڳ ايترو ڪو مشڪل ناهي، جيترو عام طور هر نئين ٻڌندڙ کي ڊيڄاريو وڃي ٿو.”
حاجن لطيف سرڪار جي راڳ جي نظام تي تفصيل سان لکيو آهي، شاهه جي راڳين تي به لکيو اٿائين. راڳ سان لاڳاپيل ٽولين، انهن جي وارن/ ڏينهن ۽ راتين، درگاهه جي رسمن ۽ واين جي قسمن تي به لکيو اٿائين. اها سڄي معلومات ڪا عام ڄاڻ ناهي.
ان ۾ فني جزا به شامل آهن. جيئن دنبورو ۽ ان جون تارون، وائي ۽ ان جا قسم وغيره. سندس کوجنا موجب وائيءَ جا چار قسم آهن (1) ڏيڍي (2) دوتالي (3) ڇيڙ واري (4) ذڪر واري. هن شاهه جي راڳ جا اصول ۽ قانون به ڏنا آهن. وائي فقير گڏجي ڳائيندا آهن. هو لکي ٿو ته: “وائيءَ ۾ وقفا هوندا آهن، جيڪي عام ٻڌندڙ جي سمجهه کان ٻاهر هوندا آهن، جيئن : وائيءَ جو کڻڻ هڪ فقير ڪندو، ٻيا فقير “سَڏُ” هڻائين ٿا، ان سان گڏ وائيءَ ۾ “گِرام” جي هڪ وڏي جاءِ آهي. ان ڪري گِرام ڪندڙ فقيرن کي “گرامڙيو” فقير چوندا آهن، انهيءَ جو آواز ڳرو هوندو آهي. سنهڙي آواز ۾ جيڪي فقير آلاپيندا آهن، انهن کي “سڏڙيو” فقير چوندا آهن. هي منصب انهن فقيرن جا هوندا آهن، جيڪي پاسڙيا هوندا آهن. انهيءَ ۾ وائي کڻندڙ فقير به انهيءَ سلسلي کي نڀائي سگهي ٿو. سڏ سنهي آواز ۾، گرام ڳري آواز ۾. وائيءَ جو ورائڻ يعني ورجائڻ به هوندو آهي. جيڪي ٿلهه کي ورائي ڳائيندا آهن. اهڙيءَ ريت ڪجهه وائين ۾ مصراعون به ورائبيون آهن”.
فقير حاجن دنبوري جي پنجن تارن جا نالا به ڏنا آهن. (1) تند زبان (2) تند ٽِيپ (3) تند اڳين يا پهرين جاڙي (4) تند پوئين جاڙي (5) تند گهور. “هي تندون آهن، جن جي ميلاپ ۽ سنگم سان وائيءَ جا ماترا ٺهندا آهن، ياد رهي ته ذڪر جي وائي اڪثر دنبوري کان سواءِ ڳائبي آهي.”
ڪتاب ۾ اڪثر مضمونن جو عنوان شاهه سائينءَ جي بيت جي هڪ سٽ /بند سان ڏنو ويو آهي. مختلف ماڳن مڪانن جهڙوڪ: وڏيءَ اوطاق، قُبي واريءَ مسجد وغيره تي پڻ لکيو ويو آهي. لطيف جي ڪلام ۾ جانورن ۽ پکين جو ذڪر ۽ خصلتون به واضح ڪيون ويون آهن. مطلب ته شاهه سائينءَ جي ڪلام جي مختلف پاسن تي روشني وڌي وئي آهي. عام پڙهندڙ کي لطيف جو ڪلام سهڻي نموني سمجهايو ويو آهي.
لطيف سائينءَ جي ڪلام مان هدايت ۽ نصيحت پکيڙڻ سان گڏ ان مان سائنسي نُڪتا ڪڍڻ جي به ڪوشش ڪئي وئي آهي. لطيف پنهنجي دور جو تمام وڏو داناهه ۽ ڏاهو ماڻهو هو. دنيا جي هر موضوع ۽ مامرن کان واقف هو. تڏهن ئي ته اهڙو ڪلام چئي ويو، جو اڄ به اسان جي رهبري ڪري ٿو. فقير حاجن سائنسي سوچ جي حوالي سان شاهه صاحب جو هيءُ بيت ڏنو آهي:

ويا جي عميق ڏي، مُنهن ڪائو ڏيئي
تن سپون سوجهي ڪڍيون، پاتاران پيئي
پسندا سيئي، اَمُلهه اکڙين سين.

فقير حاجن ان بيت جي سمجهاڻي هن ريت لکي ٿو؛ “هيءُ تڏهن جو بيت آهي، جڏهن آڪسيجن ۽ ماسڪ جو تصور ئي نه هو پر شاهه سائينءَ ٻڌايو ته ؛ جي بحر عميق ۾ موتي پرکڻا آهن ته مُنهن تي ڪائو ڏيئي توهان موتين کي ڏسي سگهو ٿا.”
ان بيت جو هڪ اهو به مفهوم آهي ته؛ لطيف سائينءَ سائنسي علم حاصل ڪرڻ جي اسان کي ترغيب ڏني آهي. هو فرمائي ٿو ته تتيءَ ٿڌيءَ محنت ڪرڻ ۾ هر علم کي/هر حاصلات کي شامل ڪريو. جديد گهرجن مطابق پنهنجيءَ جاکوڙ ۽ جدوجهد جو مُنهن موڙيو.
لطيف جا عاشق لطيف سائينءَ جي پيغام کي پکيڙڻ لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪن پيا. هُو سُک سان سمهن ئي نه ٿا. فقير حاجن نظاماڻي به انهن عاشقن منجهان آهي، جن لاءِ شاهه صاحب فرمايو آهي ته ؛

کرڪڻا لاهي ، سُک نه سُتا ڪڏهين
اوسيئڙو آهي، کاهوڙين کي پنڌ جو.

لطيفي فڪر اسان جي سڄي سماج لاءِ ڪارائتو آهي. ڀٽ شاهه ئي امن، پيار ۽ محبت جو مرڪز آهي. هن مرڪز مان ئي سڄي عالم کي سک، امن ۽ شانتيءَ جو پيغام ملي ٿو. خاص ڪري دنيا جي سمورن سنڌين جي سوچ سُڌارڻ وارو ڀٽائي گهوٽ آهي. انتها پسنديءَ ۽ نفرت جو خاتمو اسان لاکيڻي لطيف جي ڪلام ذريعي ڪري سگهون ٿا. بس رڳو ڌيان ڌرڻ جي ضرورت آهي. فقير حاجن نظاماڻيءَ جي هن ڪتاب ۾ تمر فقير جو ڏنل بيت ان سلسلي ۾ اسان جي وڏي رهنمائي ڪري ٿو؛

جي تون آسائو آهين، ته ڪر ڀٽ تي ڀيرو
سونهاري سيد جو، ديک اچي ديرو
تُرت ۾ تيرو ، مطلب مڙيوئي ٿئي.

مون کي پڪ آهي ته؛ لطيفي فڪر کي پکيڙڻ ۾ هيءُ ڪتاب هڪ اهم ڪردار ادا ڪندو. خاص ڪري اسان جي نئين ٽهيءَ کي شاهه لطيف سمجهڻ ۾ مددگار ڪتاب ثابت ٿيندو.
ڪتاب شايع ٿيڻ تي، مان فقير حاجن، رئيس علي ڏني نظاماڻيءَ ۽ ڇپائيندڙ اداري کي واڌايون ڏيان ٿو.


ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو
چيئرمين
سنڌي شعبو، وفاقي اردو يونيورسٽي
0301-2399345