لطيفيات

مونا طور سينا

هي ڪتاب فقير حاجن نظاماڻي جي مضمونن جو مجموعو آھي جيڪي ھن شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريء، راڳ، سُر ۽ ساز تي لکيا آھن. ساجد سنڌي لکي ٿو:
فقير حاجن نظاماڻي جي قلم جي تقويت ۽ رواني خاص طور مُرشد لطيف جي شاعريءَ کي مختلف پهلوئن جي حوالي سان آشڪار ڪرڻ جي مشق نهايت جاندار ۽ هينئين سان هنڊائڻ جهڙي ان ڪري به آهي جو سندس لکڻ جو ڏانءُ بلڪل منفرد ۽ انوکو آهي، هونئن به فقير حاجن جي مضمونن جو محور شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح ۽ لطيف جي لطيف ٻولي ئي رهيو آهي پر سندس لکڻين ۾ شامل سمجهاڻيون، اشارا ۽ اسلوب ايترا ته سهڻي نموني ۽ سادگي سان بيان ڪيا ويا آهن جن کي پڙهندي پڙهندڙ مٿان عجيب سحر جي ڪيفيت طاري ٿي وڃي ٿي، سندس لکڻيون لطيفي رمزن کي سمجهڻ جو آسان ذريعو به آهن ته لطيفي راڳ کي پروڙڻ جو بهترين حل به آهن.
Title Cover of book مونا طور سينا

نه ڪنھن ڄائو ڄام کي، نڪو ڄام ويا

شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جن جي شاعري انسان کي ڀلائي جي راهه ڏيکاري وئي آهي. لطيف سائين جن جي شاعري موضوعاتي آهي. انھن موضوعن کان هٽي ڪري به آهي. جن ۾ سورميون، سورما، مذهبي ڪلام، انسانيت جو درس، انسانن سان گڏ ٻي خدائي مخلوق جي مدد ڪرڻ جا به اهڃاڻ موجود آهن، پر پاڻ عشق جي شاعري تي ڪمال جو بحث ڪيو اٿن. جنھن به سورمي جو پاڻ ذڪر ڪن ٿا، سڀ کان پھرين انھي جي عشق جي باري ۾ لکن ٿا. عشق جي باهه هڪ اهڙي راهه آهي جنھن کي لڳي وڃي ان کي ماڻھو بي راهي چون ٿا. پر حقيقي لحاظ کان اهُو ئي صحيح واٽ تي هوندو آهي. ڪنھن عشق کي آفت چيو، ڪٿي نانگ سان مشابهت ڏني، ڪٿي زهر جي تشبيهه ڏني وئي. ڪنھن عشق کي باهه به چيو آهي پر هن جذبي جو ڪو به ماپو نه ڏئي سگھيو آهي، نه وزن، نه ويڪر، نه مٿاهون، نه هيٺاهون، نه ننڍو نه وڏو، نه روشني نه ڪاراڻ، بس عشق ته عشق آهي. ان جو مطلب اوهان جي ذهن ۾ ٻيو ڪجھه به ٿي سگھي ٿو. عشق جي بادشاهي هن دنيا جي بادشاهي کان اعلى مرتبي واري سلطنت آهي. عاشق هميشه محبوب جي تلاش ۾ محو رهندو آهي. عام زندگي کان عاشق بيگانا هوندا آهن. عاشق جو مطلب ۽ مقصد سندس محبوب هوندو آهي. اسان اڄ هڪ داستان جو مختصر مطالعو ڪنداسين جنھن بابت لطيف سائين تمام اعلى نموني سان ڳالھه ڪئي آهي. ظاهري طور سائين جن جنھن به سورمي بابت ڳالھائين ٿا ته ان ۾ خود سمائجي هڪ ذات ٿي ٻولين ٿا يا ڳالهائين ٿا. لطيف سائين جن فرمائين ٿا ته
تون سمون آئون، گندري مون ۾ عيبن جُوءِ
پسي راڻين روءِ، متان مانڱر مٽين

هتي هن بيت تي ٿورڙو غور ڪرڻ ضروري آهي. لطيف سرڪار جن فرمائين ٿا ته تون سمون آهين، آئون گندري آهيان. بس هن نقطي ۾ هڪ سبق سمايل آهي. سسئي هجي، مومل هجي، هر سُر ۾ لطيف سائين هڪ داستان ڀري ڇڏيو آهي، جيڪو انسان جي ڪم جو داستان آهي. پاڻ فرمائين ٿا ته آئون گندري آهيان، يا سسئي ۾ پاڻ فرمائين ٿا ته “ڀڄي جان ڀنڀور کان ڏونگر ڏوريو مون” پاڻ هن بيت ۾ فرمائين ٿا ته ڏونگر ڏوريو مون، مون جو مطلب ڇا آهي؟ هي صنف سائين جي ڪامل هئڻ جي صفت آهي. هن لازوال پيغام جي لاءِ اعلى دماغ واري ذهنيت گھربل آهي.

تو در آيس ڄام، سمان سام تنھنجي
نه سمي نه سومري، آهيان گندري غلام
آهي منھنجي منھن ۾، مڇي بوءِ مدام
مڙيون گندريون پاڻ ۾، سمي ڪن سلام
سمي بنا سرتيون، ڪينجھر ڀانئيان قيام
الله عبداللطيف چئي، مون تان لاهه ملام

سائين هن وائي ۾ فرمائين ٿا ته ڄام تنھنجي در تي آئي آهيان، تنھنجي سام پئي آهيان، اوهان جي ڇانءِ ۾ آهيان، آئون نه سمي آهيان نه سومري آهيان، آئون ته هڪ عام آهيان. هتي سمي ۽ سومري سان گڏ لطيف سائين فرمائين ٿا ته انسان خساري ۾ آهي. ضعيف به آهي. اسان جا حيلا سڀ خيالي آهن. هن وائي جي نسبت ڄام تماچي سان ظاهري توڙي باطني طور بلڪل ڪو نه ٿي ملي. مرشد سرڪار فرمائين ٿا ته مالڪ سائين آئون اوهان جي اڳيان آهيان، منھنجي حال کان اوهان واقف آهيو.
مالڪ سائين اوهان کان سواءِ سُڃ آهي. ٻيو ته ڪير به ناهي جنھن کي آئون چوان. آخري سٽ ۾ مرشد سرڪار انھي ڳالھه کي واضح ڪري ڇڏيو آهي ته ”الله عبداللطيف چئي، مون تان لاهه ملام“ يعني سرڪار جن فرمائين ٿا ته مون تان، پاڻ ڏانھن اشارو ڪن ٿا. فڪر لطيف جي سوچ جو پرو پاند اسان جي اڄڪلھه واري سوچ کان اڃان مٿي آهي، هي راز آهي جنھن کي فڪر لطيف سان پيار ڪرڻ وارا ماڻھو جيڪي آهن سي سڀئي سمجھي سگھن ٿا. باقي اڃا لوچين پيا، پر لوچ وارا ئي منزل ماڻي سگهن ٿا يا پنهنجا مقصد حاصل ڪري سگهن ٿا. اُهي ڪڏهن نه ڪڏهن پرين تائين ضرور پهچن ٿا.

سڀ سميون، سڀ سومريون، سڀني ڳچيءَ هس
پسڻ ڪارڻ پرين جي، وڏا ڪيائون وس
ڍول تنين جي گس، هيٺايون هلن جي

مالڪ سائين جي اڳيان ويس وڳن جي ڪا به ضرورت ناهي هوندي. هر ڪو وڏا وس ڪري ٿو پر مرشد سائين جن فرمائين ٿاته ڍول انھن جي ڍار. ڍول انھن سان پيار ڪري ٿو جيڪي هيٺائين واري واٽ وٺن ٿا. هتي هن بيت ۾ سمي ۽ سومري جو ذڪر ته آهي پر سائين جن هتي هي بيت چٽو فرمايو آهي. اُها گندري ڪير آهي. اُهي سميون ڪير آهن. سومريون ڪير آهن. لطيف سائين پنهنجي مٿين بيتن ۾ انسان جو تعلق مالڪ سائين سان ٻڌائين پيا. لطيفي فڪر جو مقام ايترو اوچو آهي، جو اڄ انهي سوچ کي تمام گھڻو ڳولڻون پوندو، ڏسڻو پوندو. هادي سرڪار جن جي فڪر کي اڄ جو معاشرو ڪيئن ٿو ڏسي، ان کان سرڪار گهڻو مٿي ٿا ڳالھائين. منھنجي ۽ تنھنجي سوچ کان هي الستي فڪر اعليٰ درجو رکي ٿو. اوهان ۽ اسان ته فقط اڄ تائين سائين جن جي ڪلام ۾ اندازا لڳائڻ وارا آهيون. نوري ڪير آهي، تماچي ڪھڙو آهي، لطيف سائين ڪٿي نوري وارو تماچي ڪلام ۾ ڳايو آهي. ڪٿي مالڪ سائين جي باري ۾ چيو آهي. ڪٿي مدني سائين کي تماچي ڄاڻايو آهي. ڪٿي پاڻ کي نوري جي تصور ۾ پيش ڪيو اٿن وغير.

تون سمون آئون گندري، عيب منھنجي ذات
ڇا چوان سين وات، توکي معلوم سڀڪا

سائين جي فڪر لاءِ دل وسيع کان وسيع تر هئڻ گهرجي. ڪنھن سُر جي سورمي کان سائين جي سوچ جي پرواز تمام گهڻي مٿي آهي. لطيفي فڪر جو پنڌ جھاڳڻ لاءِ کاهوڙي ٿيڻ ضروري آهي.
آيو ڄام ڄُلي، منھ ملاحن جي
عطر ۽ عنبير جي، اچي ڇول ڇُلي
ڪينجھر سڀ ڪُلي، انھين کي انعام ٿيو

رهبر سرڪار جن فرمائين ٿا ته جڏهن ڄام آيو ته ان وقت منھه ملاحن جي گهرن ۾ خوشبو ٿي وئي. ملائڪن مبارڪون ڏنيون. ڪِسرا جي ڪوٽ جا ڪنگرا ڪري پيا. هي جھان هو جھان ٻئي مالڪ سائين مدني سرڪار جي حوالي ڪري ڇڏيا اٿن. انڌيري رات جيئان هي جھان هو، باهه ئي باهه هئي، انسان انسانن جا غلام هئا.

تڙ تماچي ڄام جو، تماچي تڙ راءِ

شاعري هڪ اهڙي صنف آهي، جنھن بابت شعوري بحث ڪري سگھجن ٿا پر لطيف سائين جي ڪلام ۾ انتھائي خوبصورت نموني سان حقيقي طور لطيفي فڪر چٽو ۽ واضح ڄاڻايو ويو آهي.
حقيقي سورمي جو پنڌ به سائين پورو رکيو آهي. لطيفي فڪر ڪٿي به کٽل ناهي. هر هنڌ هڪ کان وڌيڪ هڪ آهي. پنھنجو مثال پاڻ آهي. عالمي طور اسان جي علمي، ادبي حلقن اُهو پيغام نه پھچايو آهي. اگر جي سائين جي سوچ جو دنيا جي ڪنن تائين آواز پھچي وڃي ته لطيفي فڪر جي مالڪي سڄي دنيا پاڻ ئي ڪندي.
منظر ڪشي جو به سائين جي بيتن ۾ ڪمال آهي. سائين جن جنهن انداز سان فرمائين ٿا ان حساب سان ائين محسوس ٿيندو آهي، ڄڻ اکين جي اڳيان تصوير ٺھي اچي ٿي.

هيٺ جر، مٿي مڃر، پاسي ۾ وڻ راهه
اچي وڃي وچ ۾، تماچي جي ساءَ
لڳي اتر واءِ، ڪينجھر هندورو ٿئي.

لطيف سائين جي بيتن ۾ ۽ وائين ۾ توحيد جي تنوار آهي. الله سائين جي تعريف جيڪا سائين جن ڪئي آهي، ان ۾ مالڪ سائين سان بندي جو پيار محبت وارو رشتو ٻڌايو ويو آهي. مالڪ ته پيار، پاٻوهه، عزت ڏيندڙ، حفاظت ڪندڙ آهي. هن بيت ۾ لطيف سائين قرآن شريف جي آيت جي معنى لکي آهي.

نه ڪنھن ڄائو ڄام کي، نڪي ڄام وياءِ
ننڍي وڏي گندري، سڀني آه سياءِ
“لم يلد، ولم يولد” اي نجابت نياءِ
ڪِبرُ ڪبرياءِ، تخت تماچي ڄام جو