لطيفيات

مونا طور سينا

هي ڪتاب فقير حاجن نظاماڻي جي مضمونن جو مجموعو آھي جيڪي ھن شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريء، راڳ، سُر ۽ ساز تي لکيا آھن. ساجد سنڌي لکي ٿو:
فقير حاجن نظاماڻي جي قلم جي تقويت ۽ رواني خاص طور مُرشد لطيف جي شاعريءَ کي مختلف پهلوئن جي حوالي سان آشڪار ڪرڻ جي مشق نهايت جاندار ۽ هينئين سان هنڊائڻ جهڙي ان ڪري به آهي جو سندس لکڻ جو ڏانءُ بلڪل منفرد ۽ انوکو آهي، هونئن به فقير حاجن جي مضمونن جو محور شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح ۽ لطيف جي لطيف ٻولي ئي رهيو آهي پر سندس لکڻين ۾ شامل سمجهاڻيون، اشارا ۽ اسلوب ايترا ته سهڻي نموني ۽ سادگي سان بيان ڪيا ويا آهن جن کي پڙهندي پڙهندڙ مٿان عجيب سحر جي ڪيفيت طاري ٿي وڃي ٿي، سندس لکڻيون لطيفي رمزن کي سمجهڻ جو آسان ذريعو به آهن ته لطيفي راڳ کي پروڙڻ جو بهترين حل به آهن.
Title Cover of book مونا طور سينا

شاهه جا راڳي

انسان موسيقي سان روح ۾ ڪافي سارا خيال پيدا ڪري پنهنجي شخصيت ۽ روح جي پرورش ڪري ٿو. انهيءِ سلسلي ۾ حضرت دائود عليه السلام الله جي تبليغ پنهنجي سريلي آواز سان ڪئي، جنهن جي آواز نه رڳو انسان موهيا پر پکي ۽ ٻي مخلوق پڻ موهجي گڏ ٿي. اسلامي نظام ۾ سڀ کان پهريان راڳ ۽ تصوف کي ملائڻ جو آغاز ابوسعيدالخراص 339هجري ۾ ڪيو. ان کان پوءِ مولانا جلال الدين رومي پنهنجي مرشد حضرت شمس تبريز عليه السلام جي حجر فراق ۽ عشق ۾ جيڪا شاعري چئي ان کي پنهنجي “ني ني” ۾ سمايو جنهن کي اسان سنڌي ۾ نڙ به چوندا آهيون. رومي رحمت الله عليه جي هن “ني ني” جو آواز صدين کان هن دنيا ۾ گونجي رهيو آهي، رومي جي هن شروعات کان پوءِ سندس فقيرن، مريدن، پونئيرن هي اعلى ظرفيءَ جو ڪم روحانيت جي تبليغ ڪرڻ لاءِ جاري رکيو. فارسي جي هن اعلى شاعر دنياء صوفي ازم ۾ هڪ اهڙو مقام حاصل ڪيو جنهن جو مثال اڳ ڪونه ٿو ملي. تصوف ۾ رومي جي “ني ني” اهڙو روح ڦوڪيو جو انسان حقيقي راهه ڏانهن گامزن ٿيڻ ۾ دير نه ڪئي. بهرحال انهيءَ صدين جي سفر ۾ ابو سعيدالخراص کان پوءِ مولانا رومي هڪ اهڙي روحاني جدت آواز ۽ ساز سان آندي. جيڪا اڄ ڏينهن تائين نعت، حمد، قصيدي جيان مشهور ۽ مقبول آهي. الله جي ولين بزرگن عالم دين انسانن هر حال ۾ انسان جي ڪامل مڪمل ٿيڻ لاءِ الله جي راهه ڏيکاري، انهن جي روحاني تربيت ڪئي، جيڪا نه وسارڻ جوڳي آهي ۽ ان راهه تي هلندڙ انسانن ڪاميابي ۽ ڪامراني جي طرف ڪجهه روان دوان ٿيا. انهيءَ امن جي راهه تي هلندڙ سنڌي قوم کي عالم لاءِ پيار ڏيندڙ حق جو هوڪو ڏيندي، حقيقي رستي تي هلڻ لاءِ دڳ ڏيندڙ اسان جو پيارو رهنما حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي به هڪ آهي، جنهن ساز ۽ آواز سان تصوف ۽ انسانيت جي اعلى خدمت ڪئي. حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي هڪ سگهاري نظام کي تخليق ڪري سنڌي زبان ۾ راڳ جو روح اهڙو ڦوڪيو ۽ وڏو موضوع ڏنو جو اسان سنڌين جي لاءِ تمام اهم ۽ معتبر آهي. هن راهه تي هلڻ واري کي ڪڏهن به ڏکيائي جو منهن نه ڏسڻو پوندو. هن نظام ۾ نه لالچ، نه دنياداري ۽ نه انتها پسندي آهي. هميشه سڀن لاءِ امن جا نشان رهيا. حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي هڪ اهڙي گهاٽي وڻ وانگر رهيا جنهن مان ڪنهن کي به ڪا تڪليف نه پهتي. هر ڪو روحاني فيض حاصل ڪري سڪون ۾ رهيو. ان سان گڏوگڏ انسان جي تربيت ۽ تعليم جو پاڻ وڏو مثال آهن. شاهه سائين جو رسالو، راڳ ۽ طريقت اڄ به انسان کي حق جي راهه ڏانهن راغب ڪري ٿي.
حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي انسان کي ڪامل ۽ مڪمل بنائڻ لاءِ هڪ اهڙو موسيقي جو نظام سنڌي زبان ۾ ڏنو، جنهن ۾ روحانيت جو ذڪر سمايل آهي ۽ جنهن سان هر بيمار روح جو علاج روحاني موسيقي سان ممڪن ٿي سگهيو. شهنشاهه حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي سنڌ جي سرزمين تي هڪ اهڙو دنبورو ايجاد ڪيو جنهن جي “تُون تُون” جو آواز اڄ يورپ، آفريڪا، آمريڪا ۽ دنيا جي ٻين ملڪن ۽ علائقن ۾ گونجي رهيو آهي. دنيا جي ٻين ملڪن وارا ڏاها شاهه سائين جي آواز کي پرکڻ لاءِ پي ايڇ ڊي جا ٿيسز ڪندا رهيا آهن ۽ ڪري رهيا آهن. آخرڪار هن موسيقي جي ساز ۾ ڪهڙو ڪمال آهي جنهن جي ترتيب صدين کان اڄ تائين جيئن جو تيئن هلي رهي آهي. شاهه سائين جي هن فڪر ۽ ذڪر تي تحقيقون اڳ به ٿيون آهي اڄ به ٿين پيون ۽ ان کان پوءِ مستقبل ۾ به ضرور ٿينديون. لطيفيات، هڪ اهڙو موضوع آهي جنهن تي جيترو ڪم ٿيندو اوترو ئي موضوع وسيع ٿيندو وڃي ٿو، جنهن کي اڃا تائين ڪوبه اڄ جو ڏاهو انسان حد نه ڏئي سگهيو آهي ۽ نه ئي ڏئي سگهندو. حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي پنهنجي راڳ جي شروعات پنهنجي راڳين کان جمع جي رات يا ڪن روايتن ۾ اچي ٿو ته خميس جي رات کان ڪئي. بهرحال هاڻ جمع جي رات تي تحقيق ڪامل ٿي چڪي آهي ته شاهه سائين جمع جي رات ئي راڳ جي شروعات ڪئي.
حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي پنهنجي پياري فقير تمر کان جمع جي رات راڳ جو سلسلو جاري ڪيو، جيڪو 1144هجري ۾ مڪمل طور تي شروع ٿيو. سنڌي تاريخ جا اهڙا سورما جن پنهنجي زندگي لطيف سرڪار جي هن روحاني پيغام کي ڦهلائڻ ۾ ڏئي ڇڏي بنا ڪنهن لالچ بنا ڪنهن دنياوي ڪم جي پنهنجو روحاني سفر جاري رکيو، فقير تمر پنهنجي مرشد جي حڪم جي تعميل ڪري روحانيت ۾ لطيفي راڳ ڏئي روح ڦوڪي ڇڏيو. فقير تمر، فقير ولي محمد، فقير سيد نقي شاهه، فقير هاشم رهاڻ پوٽو ۽ انهن فقيرن جو خدمتگار جنهن کي اڄ پيڙهن وارو فقير چيو ويندو آهي، اهو فقير عرس فقير ساند شاهه سائين جي هن فڪر جا بنيادي فقير آهن، جن لطيفي راڳ جي باقائدا طور شروعات ڪئي. فقير تمر دنياوي مسئلن جي الجهاون ۾ رهڻ جي باوجود پنهنجي مرشد جو پيغام عام ڪندو رهيو. زندگي جي ڏکيائن سبب تمر فقير ڀٽ شاهه مان هجرت ڪري ڀُڄ جي هڪ ڳوٺ ۾ ٻارنهن سال رهيو جتي به پاڻ اُتي جي ماڻهن کي راڳ جي مڪمل تربيت ڏئي جمع جي رات راڳ جي شروعات ان ڳوٺ ۾ ڪئي جنهن جا مثال اڄ جا اتي جا فقير مٺو جت ۽ فقير سومار جت آهن، جيڪي نسلن کان وٺي پنهنجي مرشد حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو راڳ اڄ ڏينهن تائين انڊيا ۾ ڀُڄ جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ هر جمع جي رات ڪري رهيا آهن. تمر فقير جي غيرحاضري جي دور ۾ درگاهه ڀٽ شاهه تي مئين ولي محمد جي اڳواڻي رهي جنهن ٻارهن سالن تائين پنهنجي مرشد جي پيغام کي عام ڪيو. ان کان پوءِ تمر فقير واپس اچي پنهنجي مرشد جي هن سونپيل ڪم کي اڳتي وڌايو ۽ راڳ جي اڳواڻي ڪئي. اهو راڳ جو سلسلو اڄ تائين هلندڙ آهي. تاريخي اگر بحث ڪبو ته لطيفي طريقت جا ڪيترائي ڪتاب لکجي ويندا، بهرحال اسان شاهه جي راڳي فقيرن کي اڄ هن سلسلي ۾ شامل ڪيون ٿا جن پنهنجون زندگيون هن روحاني رمز ۾ گذاري حق جو هوڪو ڏنو آهي. لطيفي راڳ جي سلسلي ۾ ڪجهه اهڙا اهم نالا آهن جن لطيفي طريقت کي هٿي ڏئي پنهنجون زندگيون ڏنيون ۽ سرخرو ٿي ويا. لطيفي دنبوري جي ايجاد شاهه سائين اهڙي ته ڪئي آهي جو ٻڌندڙ نه زبان جو محتاج ٿو رهي ۽ نه ئي موسيقي جي ڄاڻ جي ضرورت پوي ٿي. ٻڌندڙ جي اندر ۾ هڪ آواز روح جي رڳن ۾ وڃي قلب جي محل سڪون جو ماحول پيدا ڪري ٿو. شاهه سائين جي هن راڳ جي سلسلي ۾ فقير اسماعيل کاهوڙي گنج شريف ترتيب ڏيارائي پنهنجو حقيقي فرض ادا ڪيو. فقير يعقوب شهيد جو دور راڳ ۾ هڪ سنهري دور آهي. 1225 هجري کان 1245 هجري تائين فقير لطيفي راڳ سان آخري دم تائين وابسطه رهيو. ان سلسلي جا فقير ته ڪافي آهن جن تي بحث ڪرڻ تمام وڏو ڪم آهي پر لطيفي راڳ جي سلسلي ۾ جن نالو ڪمايو انهن جا نالا ڏيڻ مناسب سمجهان ٿو، اسماعيل فقير کاهوڙي، فقير الياس پنهور، مائي نعمت (مائي ٺوڙهي)، فقير لائق ڏنو تمراڻي(اول)، فقير يوسف ٻگهيو (گهنڊ)، فقير مراد ٻگهيو، فقير ڪيهر لنجواڻي۽ فقير ابراهيم خاصخيلي پنهنجي زندگي جو مشن لطيفي راڳ کي بنايو. جيڪي پنهنجي سڄي زندگي لطيفي راڳ سان وابستا رهيا. ابراهيم فقير خاصخيلي سنهي آواز سان راڳ کي ڳائڻ جو باني آهي، ان کان اڳ لطيفي راڳ کرج جي صورت ۾ يعني هيٺئين سپتڪ “گا” ۾ ڳايو ويندو هو، فقير الهه بچايو لنجواڻي، فقير ميرمحمد عرف ميرو لنجواڻي، فقير محمد ڀٽي (اوڏ)، فقير ميرو لنجواڻي لطيفي راڳ ۾ وائي جا ڪمال وارا فقير هئا. فقير ميرو لنجواڻي جو آواز کرج وارو هو، جنهن کي لطيفي وائي ۾ “اڌڪ” جو باني چيو وڃي ٿو، هي هڪ لطيفي موسيقي جو لفظ آهي جيڪو وائي جي سرن ۾ استعمال ٿئي ٿو. شاهه سائين جا فقير پنهنجي وسان لطيفي راڳ جي خدمت عقيدت ۽ احترام سان ڪندا رهيا آهن. فقير ابراهيم خاصخيلي جي دور کان پوءِ فقير سيد غلام شاهه جو دور لطيفي راڳ ۾ بهترين دور ليکيو وڃي ٿو. جنهن ۾ لطيفي راڳ کي تمام گهڻي هٿي ملي پاڻ گادي نشين جا فرزند هئڻ سان گڏوگڏ لطيفي راڳي ٿي گذريا آهن. هميشه فقيري واري زندگي ۾ رهيا، جنهن به فقير جو آواز وڻندو هوس ان کي راڳ سيکارڻ جي آڇ ڪري هر قسم جي مالي ۽ اخلاقي مدد ڪري راڳ سيکاريندو هو. اڄ جيڪو راڳ لطيفي صحن تي هفتي وار هلندڙ آهي اهو فقير غلام شاهه جي خدمتن جي ڪري ئي آهي. ائين چئون ته وڌاءُ نه ٿيندو ته فقير غلام شاهه اڪيلو ويهي لطيف جي صحن ۾ راڳ آلاپيندو هو پاڻ ڪيترائي سال جمع جي رات اڳواڻي ڪيائون. ڀٽ شاهه جي ڀر ۾ ڪاٺين جو هڪ ڇپر واري جي ڊٻ تي ٺهرائي شاگردن کي لطيفي راڳ سيکارڻ جو اسڪول بنايو هو، جنهن اسڪول جي سببان اڄ لطيفي راڳ هفتي وار هلندڙ آهي. سيد غلام شاهه هفتي جون راتيون فقيرن کي ورهائي ترتيب سان ڏنيون ته جيئن هي طريقت اڳتي وڌي سگهي. ان ترتيب ۾ سڀ کان پهرين پاڻ جمع ۽ سومر رات راڳ جي شروعات ڪئي. اڱاري جي رات فقير تاج محمد لنجواڻي، اربع جي رات فقير چڀڙ ميربحر، خميس جي رات فقير غلام حيدر نظاماڻي، ڇنڇر رات فقير قربان لنجواڻي، آچر رات جڙيل لنجواڻي کي ورهائي ڏنيون. ان دور کان پوءِ فقير الله بچايو تمراڻي وارو دور شاهه جي راڳ ۾ به تمام وڏي حيثيت رکي ٿو. فقير الله بچايو تمراڻي ٽي کان چار ڏهاڪن تائين لطيفي راڳ جي حاضري ڀريندو هو. سڄي رات راڳ رهاڻ کان پوءِ صبح جو اٿندو هو، ڪڏهن به جمع جي رات راڳ کان غير حاضر نه رهيو. ان کان پوءِ سيد جمن شاهه هاڻوڪن فقيرن ۾ جمع جي رات جو اڳواڻ آهي جيڪو دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ لطيفي راڳ ٻين ڪيترن ئي راڳين سان گڏ پيش ڪري چڪو آهي. اڄ لطيفي راڳ هفتي جون سڀ راتيون ۽ سڀ ڏينهن درگاهه حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي تي آلاپيو وڃي ٿو. فقيرن جي خدمت لاءِ پيڙهن وارا فقير پڻ لطيفي راڳين جي خدمت ڪري رهيا آهن.