لطيفيات

مونا طور سينا

هي ڪتاب فقير حاجن نظاماڻي جي مضمونن جو مجموعو آھي جيڪي ھن شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريء، راڳ، سُر ۽ ساز تي لکيا آھن. ساجد سنڌي لکي ٿو:
فقير حاجن نظاماڻي جي قلم جي تقويت ۽ رواني خاص طور مُرشد لطيف جي شاعريءَ کي مختلف پهلوئن جي حوالي سان آشڪار ڪرڻ جي مشق نهايت جاندار ۽ هينئين سان هنڊائڻ جهڙي ان ڪري به آهي جو سندس لکڻ جو ڏانءُ بلڪل منفرد ۽ انوکو آهي، هونئن به فقير حاجن جي مضمونن جو محور شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح ۽ لطيف جي لطيف ٻولي ئي رهيو آهي پر سندس لکڻين ۾ شامل سمجهاڻيون، اشارا ۽ اسلوب ايترا ته سهڻي نموني ۽ سادگي سان بيان ڪيا ويا آهن جن کي پڙهندي پڙهندڙ مٿان عجيب سحر جي ڪيفيت طاري ٿي وڃي ٿي، سندس لکڻيون لطيفي رمزن کي سمجهڻ جو آسان ذريعو به آهن ته لطيفي راڳ کي پروڙڻ جو بهترين حل به آهن.
Title Cover of book مونا طور سينا

وڏي اوطاق

اسان جي سونھاري سنڌ جي ثقافت ۽ سڃاڻپ جو اهڃاڻ اوطاق کي پڻ ڪوٺيو وڃي ٿو. سنڌي تھذيب لاتعداد خوبين سان ڀريل آهي. انھن خوبين مان اوطاقي ماحول پڻ هڪ آهي. پر اسان اڄ وڏي اوطاق جي ڳالھه ڪريون ٿا. اوطاقون ته سرزمين سنڌ ۾ لاتعداد آهن پر وڏي اوطاق پوري سٻاجھي سنڌ ۾ هڪ آهي. مرشد سرڪار حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جن جي حياتيءَ جو وڏو حصو سير و سفر ۾ گذريو، پر جڏهن اچي هالا شهر جي ويجھو رهيا ته ان وقت جي بااثرن اتي سائينءَ کي رهڻ نه ڏنو. اڃان هيءَ جڳھه سائينءَ جي نالي سان منسوب آهي. اتي هڪ آستانو آهي، هڪ عدد پاڻيءَ جو کوهه ۽ هڪ مسجد شريف هڪ چارديواري ۾ گھاٽن وڻن سان گڏ موجود آهي. انھيءَ مسجد کي مقامي ماڻهو (قبي واري مسجد) چون ٿا، جيڪا اڃان تائين موجود آهي. کوهه ۽ مسجد جي تعمير سائينءَ جن پاڻ ڪرائي هئي. مرشد سرڪار کي هڪ گھاٽي جھنگ، هاڻوڪي ڀٽ واري دڙي ڏانهن موڪليو ويو. ڪن روايتن موجب شينھن وارو دڙو چيو ويندو هو، پر جڏهن مرشد سائين جن آيا ته اتي جا جانور اهو دڳ ڇڏي وڃي ڪنھن ٻئي ماڳ جا واهي ٿيا.
لٿو ڏيھه ڏُڪار، جُنگ ساماڻي جَکري

لطيف سائين جن مستقل اُتي رهڻ لڳا ته سندس والد بزرگوار حضرت سيد حبيب شاهه ڀنئين پور مان لڏي اچي رهيا. ڀنئين پور موسيٰ کٽياڻ کان سليمان کٽياڻ جي وچ تي آهي. حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي جنم واري جاءِ تي وقت جي حاڪم غلام شاهه ڪلھوڙي هڪ مسجد جوڙائي هئي. اُها مسجد پنهنجي اصلوڪي شڪل ۾ موجود آهي. اڪثر سائينءَ جي جنم وارو هنڌ هالا حويلي چيو وڃي ٿو، پر اتي ڪو آثار موجود نه آهي، پر هالا حويليءَ جي ڀر ۾ هڪ تڪيو ڪنهن فقير جو آهي، جنهن بابت اها روايت آهي ته اُتي سائينءَ جن آيا هُئا. حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي واريءَ جي ڀٽ تي اچي رهيا ته فقيرن هڪ آستانو جوڙايو هو. سائين جن اُتي حويلي ٺاهي رهڻ لڳا، جنهن کي وڏي اوطاق چيو وڃي ٿو. هيءَ وڏي اوطاق جيڪا سنڌي تاريخ جي پھرين خوانگاهه ثابت ٿي، جتي سائينءَ هڪ مڪمل انسانيت جي نظام جو افتتاح ڪيو. جتي ڪابل کان وٺي عربستان جي فقيرن اچي رهڻ شروع ڪيو.
ڪي اوتين عرب ۾، ڪي ڪابل ۾ ڪَتَن

هن خوانگاهي نظام جو هوڪو جھرجھنگ هلڻ لڳو. ڇو ته هِتي مڪمل نظم و ضبط وارو ماحول هو. هر انسان کي عزت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هو. لطيفي طريقت ۾ هڪٻئي جي عزت ڪرڻ لازم هئي. سڄڻ جي لفظن سان فقير هڪٻئي کي پڪاريندا هئا. هيءَ اُها درسگاهه هئي، جتي انسان کي انسانيت جا گُر الله تعالى جي عبادت سان گڏ سيکاريا ويندا هئا. پنھنجي فقيرن کي اولاد جي حيثيت سان پيار ڪرڻ، فقيرن لاءِ قابل فخر هو. ايڏي وڏي هستي ايتري پيار سان پنھنجي فقيرن کي ڏسي ته باقي انهن کي ڇا گھرجي؟ بس فقيري رنگ ۾ محبت جو مانُ مٿي آهي. راهه فقر جا هي فقير پنھنجي مرشد آقا سان اڃان تائين سڪ جو ناتو نڀائي رهيا آهن. هنن فقيرن جي نگرانيءَ هيٺ وڏي اوطاق رهي. فقير تمر، فقير ميون ڪمال پٽ، ميون يعقوب شهيد، ميون اسماعيل، فقير عبدالله، فقيرلائق ڏنو (اول)، فقير ميهار، فقير لائق ڏنو (دوم) ۽ موجوده فقير علي ڏنو. هنن فقيرن کان علاوه ڪجھه ٻين فقيرن بابت به چيو وڃي ٿو. مائي نعمت (ٺوڙهي ) بابت چيو وڃي ٿو. مائي نعمت هڪ رسالو پڻ لکرايو ۽ شاهه سائينءَ جي راڳ جي راڳي پڻ هئي. ڪن روايتن موجب مائيءَ ٺوڙهي جو دور يعقوب شهيد کان اڳ وارو دور آهي. مائي نعمت جي آخري آرامگاهه تمر فقير جي پيراندي کان آهي. تاريخ جي ورقن تي ايتري ته دز آهي جو ڇا چئجي؟ ٽي سو ساله تاريخ به اسان کي ميسر ناهي. درگاهه شريف تي فقيرن جي مقبرن جي سڃاڻپ واريون تختيون غائب آهن.
وڏي اوطاق جو وسيع تر ميدان آهي. اڱڻ جي اڳيان هڪ کٻڙ جو وڻ آهي، جنهن بابت چيو وڃي ٿو ته هي وڻ مرشد سرڪار جي دور جو وڻ آهي. هن وڻ جي هيٺان هڪ پاڻيءَ جي مَٽي رکيل هوندي هئي، پر هن وقت پاڻي جي ٽانڪي ٺھيل آهي. ان جي سامهون اتر طرف هڪ ڀانڊار خانو آهي. آيل فقيرن ۽ رسومات لاءِ نگر تيار ڪيو ويندو آهي. ان ڀانڊار خاني سان لڳو لڳ هڪ وڏو صحن آهي، ان ۾ ٻه در آهن، جنهن ۾ راڳي فقير ۽ زائرين آرام ڪندا آهن. جنهن کي (ٻه درو) چوندا آهن. ان سان گڏوگڏ هڪ نئين دور جو صحن آهي، ان صحن جي پوئين پاسي مرشد سرڪار جي آسڻ جي جڳهه آهي. جتي حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي جن رهندا هئا. اتي هڪ مچ واري جاءِ آسڻ سان گڏ آهي. هي بند هڪ ورانڊي نما آهي، ان سان گڏ تجر واري ڪوٺي آهي، جنهن ۾ فقير دنبورا رکن ٿا ۽ حضرت سيد شاهه سائينءَ جي جاءِ نماز آهي. ان جي ڀر وارين ڪوٺين ۾ راڳي فقيرن جي راڳ جي استعمال جو سامان آهي، پيڙا، بسترا وغيره آهن. هڪ ڪمري جو دروازو ذڪر ڪرڻ کان پوءِ کوليو ويندو آهي. ان روم جي ڀر ۾ رٻ واري ڪوٺي آهي. هر سھائي سومار رات رٻ جو نگر ذڪر سماع کانپوءِ ورهايو ويندو آهي. اولھه پاسي مسافرن لاءِ هڪ وڏو مسافر خانو آهي، جتي مسافر اچي آرام ڪندا آهن. شاهه جا فقير راڳ کان اڳ هِتي ايندا آهن. وڏي اوطاق تي سھائي سومار رات جو ذڪر جو حلقو لڳندو آهي، ان کانپوءِ سماع لاءِ فقير درگاهه شريف تي روانا ٿيندا آهن. عيد ۽ عرس شريف تي پڻ لطيفي احديت جو ذڪر ڪيو ويندو آهي.

(ذ) ذالئون ذڪر رب جو، ويل نه ويسارين
سنياسي سبحان کي، سدائين سارين
تسبيع جي ترار سين، مُلحد کي مارين
“جزآ هم عند ربهم” اتي اختيارين
پر چڱي پارين، گُر کي گڏيا ڪاپڙي

وڏي اوطاق جي سنڀال ته سائين تمر فقير کي ڏني پر اتي ٻين فقيرن تي به ذميواريون رکيون ويون هيون. انهن فقيرن مان ڪجھه فقير جا نالا هي آهن. فقير عارف ٿيٻو جو ڪم فقيرن کي نماز ۽ ذڪر سيکارڻ هو، فقير محمد رحيم لک پڙهه جو ڪم ڪندو هو، فقير عالم ڏيري تي سماع جي ذڪر جي سارسنڀال ڪرڻ هئي. فقير وڳند تي به وڏي اوطاق جي سار سنڀال رکيل هئي. فقير عبدالجميل انڙ تي مرشد سرڪار جي خاص ذڪر ۽ نماز جي سامان جي سنڀال رکيل هئي. فقير بچو تي وضوع ڪرائڻ جي ذميواري هئي. فقير عمر سهتو سرڪار سان هميشه گڏ رهندو هو. فقير قاسم جو ڪم حجامت سنڀالڻ هو. فقير احمد سمون “چنگل” سائين جي گهوڙي جي سنڀال، فقير رهمون کاڌي پيتي جي ذميواري، فقير عنايت ڏيري تي اُٺ جي سواري سنڀال، فقير وهيون ڪتن جي سنڀال ڪرڻ ۽ فقير صالح ٿيٻو فارسيءَ جو ماهر، هي فقير عارف فقير جو پٽ هو ۽ فقير عبدالواسع، فقير سکر ڏيرو، فقير اسماعيل سمون، فقير سيد نھال شاهه، فقير اسماعيل ڏيرو، فقير اجن ڏيرو، فقير ڪمال، فقير نور محمد ابڙو جيڪي سائينءَ جا خدمتگار هئا، مائي صالحان تنيو ۽ مائي بواء وساڻ سائين جي حويلي جو ڪم ڪار ڪنديون هيون.
حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي طريقت جو فقيري نظام اڃان هلي رهيو آهي. سائين جي وڏي اوطاق اصل شڪل ۾ اڃان تائين موجود آهي. جتي فقير پنهنجي مرشد سرڪار جي ويهڻ واري آسڻ جو ديدار ڪندا آهن. وڏي اوطاق جي ڇت جي ڪاٺ جي ڪم جي شڪل به درگاهه شريف جي ڪم جيان چٽ سالي واري آهي. هن روحانيت واري جڳهه تي پرسڪونيت وارو ماحول آهي. جتي شاهه سائينءَ جا فقير ۽ عقيدتمند ايندا رهندا آهن. هر جمعي جي رات، سھائي سومار رات، عيد جي ڏينهن، وڏي اوطاق ۾ فقير وڏي تعداد ۾ ايندا آهن. فڪر لطيف جا پوئلڳ فقير هيٺائين، نوڙت ۽ عاجزيءَ سان سڃاتا وڃن ٿا. ٽي سو ساله تاريخ هن وڏي اوطاق جي آهي. ڪيترن فقيرن جا قصا پنهنجي اندر ۾ سمايو خاموش آهي. اڄ لطيفي راڳ جا آواز دنيا جي ترقي آفته ملڪن وڃي پهتا آهن. هر دور ۾ انسان امن جي تلاش ڪندو رهندو آهي. اُهو امن اندر جو هجي يا ٻاهر جو هجي. روحاني سڪون هجي. هن درسگاهه جو ديوارون ڪچيون ضرور آهن پر هتي رهندڙن فقيرن جا قول پڪا هئا. وڏي اوطاق جو ماحول انسان کي روحانيت ڏانهن مائل ڪري ٿو. سنڌ جي پھرين درسگاهه جي ناتي وڏي اوطاق ۾ اڄ به انسان کي انسانيت جو درس ملي ٿو. لطيفي طريقت جو سلسلو جاري آهي.

ڪر طريقت تڪيو، شريعت سڃاڻ
هنيون حقيقت هير تون، ماڳ معرفت ماڻ
هوئج ثابوتي ساڻ، ته پسڻ کان پالھو رهين