لطيفيات

مونا طور سينا

هي ڪتاب فقير حاجن نظاماڻي جي مضمونن جو مجموعو آھي جيڪي ھن شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريء، راڳ، سُر ۽ ساز تي لکيا آھن. ساجد سنڌي لکي ٿو:
فقير حاجن نظاماڻي جي قلم جي تقويت ۽ رواني خاص طور مُرشد لطيف جي شاعريءَ کي مختلف پهلوئن جي حوالي سان آشڪار ڪرڻ جي مشق نهايت جاندار ۽ هينئين سان هنڊائڻ جهڙي ان ڪري به آهي جو سندس لکڻ جو ڏانءُ بلڪل منفرد ۽ انوکو آهي، هونئن به فقير حاجن جي مضمونن جو محور شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح ۽ لطيف جي لطيف ٻولي ئي رهيو آهي پر سندس لکڻين ۾ شامل سمجهاڻيون، اشارا ۽ اسلوب ايترا ته سهڻي نموني ۽ سادگي سان بيان ڪيا ويا آهن جن کي پڙهندي پڙهندڙ مٿان عجيب سحر جي ڪيفيت طاري ٿي وڃي ٿي، سندس لکڻيون لطيفي رمزن کي سمجهڻ جو آسان ذريعو به آهن ته لطيفي راڳ کي پروڙڻ جو بهترين حل به آهن.
Title Cover of book مونا طور سينا

شال حاجن لکندو رهي!!

سائين حيدر علي لغاري پنهنجي مضمون “لطيف ۽ سنڌي قوم جو تاريخي جمود” ۾، جيڪو سندس ڪتاب “ڪڇان ڪڄاڙو” ۾ شايع ٿيل آهي. ان ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو ته “ڪي ئي ڪتاب ۽ نصاب هن مخلوق کي اشرف ۽ افضل بڻائڻ لاءِ مرتب ٿي چڪا آهن. انهن سڳورن ۽ بختاورن ورثن ۾ اسان جي سنڌ جي بي مثال فرد لطيف جو رسالو به شامل آهي، جنهن ۾ سچ، سونهن ۽ سرت جا ڪي ئي اُملهه نُڪتا سمايا پيا آهن.” ساڳئي مضمون ۾ اڳتي هلي هو لکي ٿو ته “هڪڙي ان فهم جي اعليٰ تر ذخيري کانسواءِ سچ پچ ته ايڏي وڏي پيماني تي سنڌي زبان ۾ ٻيو ڪتاب اڄ تائين منظرنامي ۾ شامل ٿي ناهي سگهيو.” سو انهيءَ سلسلي جي تسلسل ۾ چئي سگهجي ٿو ته لاکيڻي لطيف جي شاعري، فڪر، تخليق ۽ سندس زندگيءَ بابت گهڻو ڪجهه لکجي چڪو آهي. ان متعلق هر ليکڪ، محقق ۽ تخليقڪار جا الڳ الڳ خيال، رايا ۽ سوچون شامل آهن. هر هڪ ليکڪ پنهنجي پنهنجي سوچ، علم ۽ تجربي جي آڌار تي لطيف سائين جي شاعري تي روشني وڌي آهي. بلڪل اهڙي ريت حاجن فقير نظاماڻي پنهنجي ڪتاب “مونا طور سينا” ۾ جيڪي مضمون شامل ڪيا آهن، سي سڀئي پروف ريڊنگ ۽ ايڊيٽنگ جي مرحلن دوران منهنجي نظر مان گذريا آهن. تن بابت صحيح ۽ حقيقي راءِ ته پڙهندڙ ئي ڏئي سگهن ٿا. پر مون اهي مضمون پڙهندي اهو محسوس ڪيو ته هنن مضمونن ۾ هڪ ئي وقت تحقيق، تخليق ۽ ڄاڻ وارا پهلو شامل آهن. هونئن ته مٿي ذڪر ڪيل ٽئي پهلو، فڪر يا شيون تخليق، تحقيق ۽ ڄاڻ مهيا ڪرڻ بلڪل الڳ الڳ معيار ۽ انداز رکن ٿيون. پر جس آهي حاجن فقير نظاماڻيءَ کي جنهن محنت، سچائي، خلوص ۽ ڏاهپ سان هنن ٽنهي پهلوئن کي هڪ ئي مضمون ۾ سهيڙڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. جيڪو تمام وڏو ڪمال آهي. جيتوڻيڪ پاڻ سدائين چوندو رهندو آهي ته انهن لکڻين ۾ منهنجو ڪوبه ڪمال يا فن نه آهي، اهي لکڻيون مون کان مالڪ پاڻ لکرايون آهن ۽ لطيف سائينءَ بابت مضمون لکندي منهنجي ڪيفيت اهڙي ٿي ويندي آهي جنهن تي آئون پاڻ حيران هوندو آهيان، ۽ جڏهن اهو مضمون ڪاغذ تي لکيل ڏسندو آهيان ۽ ان کي پڙهڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان ته تعجب ٿيندو آهي ته هن قسم جون سٽون آئون ڪيئن لکي ويو آهيان. منهنجي خيال ۾ ته اها سندن عاجزي ۽ انڪساري آهي. جيڪا سندن ماٺيڻي، خاموش ۽ محبت واري طبيعت ۾ شامل آهي. ڇو ته لطيفي ساز دنبوري، راڳ جي قسمن، لطيف جي راڳي فقيرن ۽ لطيفي آستانن متعلق جيڪا ڄاڻ هن ڪتاب ۾ شامل مضمونن ۾ موجود آهي سا هن کان اڳ شايع ٿيل ڪنهن ٻئي ڪتاب ۾ شامل نه آهي. ان جو هڪ ڪارڻ اهو به آهي ته ليکڪ جو ابن ڏاڏن کان وٺي لطيف سائينءَ سان روحاني تعلق يا رشتو آهي. سندن والد فقير غلام حيدر نظاماڻي ۽ ٻين عزيزن پڻ سڄي زندگي لطيف سائينءَ جي حاضري ۾ گذاري. سندن والد لطيفي راڳ جو ڄاڻو هو ۽ پاڻ سڄي زندگي لاکيڻي لطيف جي درگاهه تي راڳ ڳائيندي گذاري. حاجن فقير نظاماڻي به ان جي نقش قدم تي هلندي پنهنجي سموري زندگي لطيف سائينءَ جي حاضري ۾ ارپي ڇڏي آهي. منهنجي دعا آهي ته حاجن شال خلوص ۽ سڪ سان لکندو رهي. شال ڀٽ ڌڻيءَ جي چاهيندڙن کي اسان جي هر دلعزيز دوست جو ڪيل هي پورهيو قبول پوي.

محبت پائي من ۾ رنڍا روڙيا جن،
تن جو صرافن، اڻ توريو ئي اگهائيو.

مون کي اميد آهي ته حاجن فقير نظاماڻي جو هي زير نظر ڪتاب “مونا طور سينا” سنڌي ادب ۾ اهم جاءِ والاريندو ۽ سنڌ جي علمي، ادبي ادارن جي ڪتب خانن ۽ علم، ادب توڙي لطيفيات سان چاهه رکندڙن جي نجي ڪتب خانن جي زينت بڻبو. ان کانسواءِ هي ڪتاب لاکيڻي لطيف متعلق تحقيق ڪندڙن جي رهنمائي لاءِ پڻ مددگار ۽ معاون ثابت ٿيندو.

فقير علي ڏنو جروار