لطيفيات

مونا طور سينا

هي ڪتاب فقير حاجن نظاماڻي جي مضمونن جو مجموعو آھي جيڪي ھن شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريء، راڳ، سُر ۽ ساز تي لکيا آھن. ساجد سنڌي لکي ٿو:
فقير حاجن نظاماڻي جي قلم جي تقويت ۽ رواني خاص طور مُرشد لطيف جي شاعريءَ کي مختلف پهلوئن جي حوالي سان آشڪار ڪرڻ جي مشق نهايت جاندار ۽ هينئين سان هنڊائڻ جهڙي ان ڪري به آهي جو سندس لکڻ جو ڏانءُ بلڪل منفرد ۽ انوکو آهي، هونئن به فقير حاجن جي مضمونن جو محور شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح ۽ لطيف جي لطيف ٻولي ئي رهيو آهي پر سندس لکڻين ۾ شامل سمجهاڻيون، اشارا ۽ اسلوب ايترا ته سهڻي نموني ۽ سادگي سان بيان ڪيا ويا آهن جن کي پڙهندي پڙهندڙ مٿان عجيب سحر جي ڪيفيت طاري ٿي وڃي ٿي، سندس لکڻيون لطيفي رمزن کي سمجهڻ جو آسان ذريعو به آهن ته لطيفي راڳ کي پروڙڻ جو بهترين حل به آهن.
Title Cover of book مونا طور سينا

تدبيران تقدير، آهي جابر جيڏيون

تدبيران تقدير، آهي جابر جيڏيون

سونهاري سنڌ جي بزرگن ۽ ولين اسان کي علم، امن ۽ پريت جو پيغام ڏنو آهي، پنهنجي پيغام ۾ اُنهن اهڙا ڏس ڏنا آهن، جن تي اڄ جو انسان عمل ڪري ڪامل ٿي سگهي ٿو. سڀني الله تعاليٰ جي بزرگن زندگيءَ جي هر موڙ تي انسان جي ڀلائي لاءِ بهترين انداز سان اصلاح ڪري انسان کي حقيقت ڏانهن راغب ڪيو آهي. مالڪ سائينءَ جي ولين پنهنجي شاعري ۾ قصا، ڪهاڻيون، اصلاحي ڏس، ماضي جا تجربا، حال احوال ۽ مستقبل جو بيان اهڙي ريت بيان ڪيا آهن، جنهن ڳالهه کي هر عام و خاص انسان آساني سان سمجهي سگهي ٿو. حضرت مولانا جلال الدين رومي پنهنجي“مثنوي رومي” ۾ اهڙيون ڳالهيون بيان ڪيون آهن، اهڙي طريقي سان اسان جي شهنشاهه حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي اسان کي سورمين ۽ سورمن جا قصا ۽ انهن جي قصن ۾ اهڙا اهڃاڻ ڏنا آهن، جن جو تصور شايد حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي کان اڳ ڪنهن به نه ڏنو آهي. عشقيه داستانن ۾ روحانيت جو اهڙو ته اثر ڇڏيو آهي جو انهن سُرن کي پڙهندڙ، خود پنهنجي اندر جو احساس سمجهي ٿو. سسئي جو مطالعو ڪندڙ پاڻ کي سسئي سمجهي ٿو، ليلان جا حيلا، سهڻي جو ڪچو گهڙو، ڪربلا جي پڌر ۾ ترارن جا آواز، سامونڊين جي عورتن جون آهون، متارن جي سُرڪ جي ڪڙاڻ جو ذائقو، پتنگن جو مچ ۾ سڙڻ، ناکوئن جي ٻيڙي جو تختن تي نظر اچڻ، سانوڻ جي موسم ۾ تاڙي جي تنوار، مومل جون راڻي جي جدائي ۾ رڙيون، سسئي جون پنهل لاءِ پڪارون، محبوب ۽ چنڊ جي حسن جو پاڻ ۾ مقابلو، عقابيل جي پرن سان ڀريل عشق جي تير جو آواز، ٻاجهه جي ٻُڪي لاءِ کنيل هٿ، مورڙي جون ڀائرن جي لاءِ عدل ۽ انصاف لاءِ دلو راءِ در تي دانهون، پٻ جي پنڌ تي کاهوڙين جي تڪليفن جا انبار، تماچي تڙ ڌڻي جا ڪينجهر ۾ ڄار اُڇلڻ، ماروي جي مارن کان جدائي جو احساس ته اهڙو آهي جو حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ڪلام جو مطالعو ڪندڙ سمجهي ٿو ڄڻ ته هُو ماروي آهي. هن کان مارو جدا ٿي ويا آهن، آهون پڪارو سورمين جي اندر مان احساسن سان ڀريل اکين جي آلاڻ تائين اچن ٿيون، ڪاتبِ تقدير جو سربستو احوال فڪرِ لطيفيات ۾ موجود آهي.

نه سو ڪاغذ قلم هو، نه موران هئي مس،
لکڻ واري لکيو، ناهي ويچاري وس،
پنهوارن عجب پس، اڻ ڏٺا پاڙي انگڙا،

فڪر لطيف جي پرواز جو اندازو ان مان لڳايو ته پاڻ ڪيئن ٿا ڏسن، تقدير جي ڪاتب بابت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جيڪو فڪر ڏنو آهي، ان جو ڪمال آهي، جيئن سائين فرمايو آهي ته تقدير ان وقت مالڪ لکي جنهن وقت نه ڪو ڪاغذ هو، نه قلم هو، نڪي مورهين مس هئي، لکڻ واري ته لکيو، هتي تقدير تي ڪنهن جو وس ناهي، حيرت ته ان ڳالهه جي آهي ته اسان اُها تقدير نڀايون پيا، جيڪا اسان نه ڏٺي آهي، انهن انگن تي هلون پيا جن جي اسان کي خبر ڪانهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي جا اهڙا بيت انسان کي سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏين ٿا ته اسان جو روحاني سفر شروع ڪڏهن ٿيو آهي. ڪهڙي ڪارڻ اسان هتي آيا آهيون، محبوب سان وفا جو عهد تقدير جي باب مان پاڻ ٻڌائين ٿا، نه صرف تقدير پر ڪٿي ته تخليق ڪائنات کان اڳ جا قصا بيان ڪن ٿا.

نڪا ڪُن فَيَڪُون هئي، نڪا مورت ماهه،
نڪا سُڌ ثواب جي، نڪو غرض گناهه،
هيڪائي هيڪ هئي، وحدانيت واهه،
لکيائين لطيف چئي، ڳجهه اندر جي ڳاهه،
اکين ۽ ارواح، اُها ساڃاهه سپرين.

ڪن فيڪون اڃا ڪانه چئي وئي هئي. مورت، صورت ماهه جو ڪو تصور اڃا ڪو به نه هو، ثواب ۽ گناهه کان هي ڳالهه اڳ جي آهي، صرف هيڪڙائي هئي، مالڪ جي وحدانيت هئي، ان وقت اندر ڳالهه لکيائين، جنهن جي ساڃاهه اڃا تائين اکين ۾ آهي، ڇو ته اول، آخر، ظاهر، باطن سندس ئي موجودگي آهي، وفا جو هي اعليٰ مثال اهڙو ڏنو آهي جو انساني عقل ڪنهن حد تائين پهچي بيهي رهي ٿو، ان جو مطلب اُهو ناهي ته اسان شاهه سائين جي ڪلام جو مطالعو ئي ڇڏي ڏيون. هي فڪر ته اسان جي سمجهه کان مٿي آهي، بس هاڻ ڪونه ٿا پڙهون، نه هرگز نه، سائين اسان جي سنڌي زبان ۾ اسان کي اهڙو هڪ درس ڏنو آهي جو ان کي پڙهڻ پروڙڻ به اسان جو اخلاقي فرض آهي. بس دلچسپي جي ضرورت آهي. ڪوبه ڪم ڏکيو ناهي، ڪُن چوڻ سان ڪائنات ٺهي ان کان اڳ جون ڳالهيون، فڪر لطيف جي مقام جو ڪو پرو پاند ناهي، جيئن ئي هن معاشري مان روحن تان دز ۽ مٽي لهندي، شعور اسان جي دلين تي روشن ٿيندو، پوءِ اسان کي شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي فڪر جي سمجهه ايندي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ڪلام ۾ اسان جي نهايت بهترين واٽ آهي، جنهن رستي تي هلي اسان هڪ اهڙي معاشري کي اڏي سگهون ٿا جيڪو امن ۽ پيار جو بهترين مسند ٿي سگهي ٿو. روحانيت، امن، ڀائيچاري، سهپ، تاريخ، ماضي، حال ۽ مستقبل جو ضامن لطيف سرڪار جو فڪر آهي، جنهن ۾ اوچ نيچ جو ڪو فرق نه آهي. شاهه سائين اسان کي امن جو گهڙو روحانيت سان اهڙو ٺاهي ڏنو آهي جنهن کي ڪا به حسد، ساڙ، فساد جي هوا لوڏي نٿي سگهي. بس اوهان شاهه سائين جي فڪر جي پيروڪاري ۾ اچي وڃو.

پائي پانڌ ڳچي ۾، اڱڻ جي اچن،
منهِه مدايون تن کي، ڏسڻ نه ڏجن،
اوڳڻ عيب مٺايون، ڍڪڻ ٿي ڍڪجن،
توڙي ڪچيون ڪن، معاف ڪجانءِ مينڌرا.

معافي وٺڻ جي لاءِ ڪو اوهان جي اڱڻ تي اچي ته ان کي منهن سان ميهڻا نه ڏجو، ان جا عيب سڀ لڪائجو، ان جي ڪوتاهين تي پردو رکجو، ڪابه غلطي هجي ته ان کي معاف ڪجو. معاف ڪندڙ انسان نه صرف ٻين جي ڀلائي جو ڪارڻ ٿيندو آهي پر خود هو پنهنجي رستن جي رڪاوٽن کي ميٽي ويندو آهي. اوهان جڏهن ٻين جا سهولتڪار ثابت ٿيندا آهيو ته اوهان جي لاءِ ڪيترائي ماڳ کلي ويندا آهن. زندگي ڪاميابي جي طرف روان دوان ٿي ويندي آهي. حضرت شاهه عبدللطيف ڀٽائي جو فڪر اسان کي ڪاميابي جي ضمانت ڏي ٿو. اهو دنيا جو ڪهڙو به شعبو ڇو نه هجي، شاهه سائين جي ڪلام ۾ هڪ روشني آهي، جيڪا دنيا جي فڪري معاشرتي بادشاهي ڪندي. فڪر لطيف روشني جا ڪِرڻا اڄوڪي سائنسي دور ۾ انساني معاشري تي اثرانداز ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن. اڄوڪي ڪشمڪش واري فضا ۾ انسان امن جي طرف سفر تي وڃي رهيو آهي، انسان امن جا پاڇا ڳولڻ ۾ مصروف آهي. ڇو ته اڄ جي انسان بمن بارودن جا انبار لڳائي ڇڏيا آهن، پنهنجي موت جو سامان اسان انسانن پاڻ ٺاهي تيار ڪري رکيو آهي. بارودن بوءِ انساني روح کي مجروح ڪري ٻين رستن تي ڀٽڪائي ماريو آهي. اوهان کي امن انسانيت، رهنمائي، پيار ٻين جي ڀلائي جو رستو فڪر لطيف ۾ اهڙو ملندو، جنهن بابت اوهان سوچي به نٿا سگهو. راهه هموار ڪرڻ لاءِ اوهان گڏجي ڪم ڪريو، لطيفي فڪر تي هلي اسان هڪ اهڙو معاشرو اڏي سگهو ٿا، جنهن ۾ امن هوندو، هڪ ٻئي جي عزت هوندي، ڀلائي هوندي. هر اُها ڳالهه هوندي جنهن جو ڪم انساني صلاحيتن ۾ اضافي جو انبار هوندو، هڪٻئي تي تنقيد ڪرڻ کان بهتر آهي ته حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي سوچ جو جهنڊو اسان اهڙي ريت کڻي نڪرون، جنهن جي ڇانوَ ۾ انسان ته انسان پر ٻئي مخلوق به اچي ته به ان کي راحت ملي سگهي، اهي جيت هجن يا پکي، وڻ هجن يا جانور سڀ مخلوق مالڪ جي آهي، ان جو خيال رکڻ اسان جو اخلاقي فرض آهي، اوهان ڪنهن ٻئي جو خيال نه رکندؤ ته اوهان جو ڪير خيال ڇو رکندو، ڏيڻ وٺڻ هڪ مڪافاتِ عمل آهي، ان جو انسان جي سوچ سان ڪو تعلق ناهي، بري عمل مان چڱائي جي توقع رکڻ چريائي کان گهٽ ناهي. اسان جي پياري رهبر اسان کي اهڙو دڳ ڏنو آهي جنهن سان اسان جي رستي جون سڀ تڪليفون دور ٿي سگهن ٿيون. تقدير جو قلم اسان جي تدبيري سوچن کان طاقتور آهي. ڪنهن جي به ڪوٽ ۾ طاقت ڪارآمد ناهي، مالڪ اهو اختيار ڪنهن کي به نه ڏنو آهي پر مالڪ اهو چيو آهي ته ان قوم جي تقدير اسان نه بدلائيندا آهيون جيڪا خود پنهنجي تقدير نٿي بدلائڻ چاهي.

تدبيران تقدير، آهي جابر جيڏيون،
بندو رٿي نه بيهي، جا صاحب رٿي سبير،
“يعفل الله مايشاءَ” هاڻي سڻ حمير،
هئا ويڙهيچا وير، ڪان پيين ڪوٽ سان.