لطيفيات

مونا طور سينا

هي ڪتاب فقير حاجن نظاماڻي جي مضمونن جو مجموعو آھي جيڪي ھن شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريء، راڳ، سُر ۽ ساز تي لکيا آھن. ساجد سنڌي لکي ٿو:
فقير حاجن نظاماڻي جي قلم جي تقويت ۽ رواني خاص طور مُرشد لطيف جي شاعريءَ کي مختلف پهلوئن جي حوالي سان آشڪار ڪرڻ جي مشق نهايت جاندار ۽ هينئين سان هنڊائڻ جهڙي ان ڪري به آهي جو سندس لکڻ جو ڏانءُ بلڪل منفرد ۽ انوکو آهي، هونئن به فقير حاجن جي مضمونن جو محور شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح ۽ لطيف جي لطيف ٻولي ئي رهيو آهي پر سندس لکڻين ۾ شامل سمجهاڻيون، اشارا ۽ اسلوب ايترا ته سهڻي نموني ۽ سادگي سان بيان ڪيا ويا آهن جن کي پڙهندي پڙهندڙ مٿان عجيب سحر جي ڪيفيت طاري ٿي وڃي ٿي، سندس لکڻيون لطيفي رمزن کي سمجهڻ جو آسان ذريعو به آهن ته لطيفي راڳ کي پروڙڻ جو بهترين حل به آهن.
Title Cover of book مونا طور سينا

بادشاهه ڀلا ڀٽ ڌڻي

بادشاهه ڀلا ڀٽ ڌڻي

حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جن 1102هه ۾ جنم ورتو ۽ 1165هه ۾ وصال ڪيو. سائين جي جنم واري جاءِ ڀئين پور آهي ۽ وصال سائين سرڪار جن جو ڀٽ شاهه ۾ ٿيو. لطيف سائين پنهنجي زندگي ۾ ايترو وڏو ڪم ڪيو جو اڄ جي سائنس ۽ اڄ جو انسان پريشان آهي ته سرڪار جن اهڙا فڪر ڀلا ڪيئن پالي رکيا هئا. سائين جن جي زندگيءَ جو مقصد ڀلي الله تعاليٰ جو ذڪر، فڪر ۽ عبادت ڪرڻ هو پر سائين سرڪار جن پنهنجي حياتي ۾ انسانن کي اعليٰ ڳڻن سان نوازيو. سرڪار جن سير و سفر ڪرڻ کانپوءِ پاڻ ڀٽ شاهه کي پنهنجو مسند ٺاهيو. جتي ويهي پاڻ انسانيت جي تبليغ شروع ڪئي. انهي روحاني علم جي شروع ڪرڻ واري عمل جا پڙاءُ دنيا جي ٻين ملڪن تائين پهتا. اُتي جا فقير پڻ سائينءَ جي حاضري ۾ اچي رهيا. محمود شاهه، راول فقير جهڙن وڏن گهراڻن جا ماڻهو به سائينءَ جي خدمت ڪندي زندگيءَ جا آخري ڏينهن سندن پيرن ۾ رهي گذاريا. هڪ ڳالهه سوچڻ جي آهي ته هن افراتفريءَ واري ماحول ۾ جتي ڀاءُ جو ويري ڀاءُ بڻيل آهي، پيءُ پٽ لاءِ سازشون پيو ڪري، مائرن ۽ ڀينرن کي قتل ڪيو ٿو وڃي. انسان ڄڻ ته وحشي ٿي پيو آهي. لڄ ۽ ليهه محفوظ ڪانهي ڪا، هر ڪو پنهنجي مفادن کي ترجيح ڏئي ٿو. سڀوئي ڄڻ ته ٻوسٽ واري ماحول ۾ گذارين ٿا. ٿوري سوچ رکي ڏسجي ته الله جي فقيرن جا آستانا ڪيئن آباد آهن. فقيرن جي زندگي ۾ تڪليفن ڏيڻ کان دنيا وارا ڪين مڙن ٿا. هر حال ۾ ستائين ٿا. مرشد سرڪار جن به ٻين ولين وانگر زندگي ڏکن ڏولاون ۾ گذاري. هونئن به فقيرن جي زندگي سيجن ۽ پلنگن تي ناهي گذرندي. هر فقير پنهنجا ڏيهاڙا تڪليفن ۾ گذاريندو آهي. عجب رنگ مالڪ سائين جا آهن، جو هتي ڪنهن سان محبت کي تڪليف ڏئي پوءِ ويجهو ڪندو آهي.

خنجر تنهن خوب هڻي جنهن سين يار
-----
دوست ڪهائي دادلا، محب مارائي

جيڪڏهن مالڪ کان عليحدگي اختيار ڪري، تڏهن انسان هت به سورن ۾ هُت به دوزخ ۾. هي ته مالڪ جو بڻيل کيل آهي، جنهن کي سمجهه ۾ اچي، زندگي فقيرن فاقن تي گذاري آهي. فقيرن انهي در کي ڪين ڇڏيو آهي، دنيا جي لاهن چاڙهن جا فقير محتاج ناهن هوندا. جسماني لذتن، نفسياتي خواهشن کي فقير ان وقت ترڪ ڪندو آهي، جنهن مهل هو ڪنهن جو ٿي ويندو آهي.

بس ڪنهن جي نالي ٿيل هجي ته سڃاڻپ ٿي ويندي آهي. هڪ بَٺي جي سَر جي سڃاڻپ ان جي ٺپي مان پئجي ويندي آهي. ڪا به شيءِ مارڪيٽ مان وٺجي ٿي ته ان جي برانڊ ان جي ڪوالٽي جي خبر پئجي ويندي آهي. فقيرن جي زندگي به ان کان گهڻو مختلف ناهي. فقير به ڪنهن نه ڪنهن جو سڏائين ٿا. انهيءَ سلسلي ۾ هو ڪمال جو ڪم ڪري وري انهي سلسلي جا اڳواڻ پڻ سڏجن ٿا.
مرشد سرڪار جا راڳي ۽ خدمتگار فقير به سرڪار جي نالي سان شاهه جا فقير سڏجن ٿا. مرشد سائينءَ جا فقير گذريل ٽن صدين کان سائينءَ جي پيغام کي عام ڪرڻ ۾ ڪا به قسر نه ڇڏي آهي. شاهه سائين جي راڳي ۽ دنبوري جي تندن جي “تون تون” جو آواز دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن تائين پهتل آهي. لطيفي راڳي فقيرن جي زندگي جو مقصد مرشد سائين جي حاضري ڪري، اهو امن جو پيغام عام و خاص انسانن تائين پهچائڻ آهي.

تن تسبيح من مڻيو، دل دنبورو جن
تندون سي طلب جون، وحدت سُر وڄن
وحده لاشريڪ له هو، اُهو راڳ رڳن
سي سُتا ئي سونهن، ننڊ عبادت ان جي

مرشد سائين جي تندن جو عجب رنگ، روح جي رازن جون تندون ڇيڙي ويندو آهي. هن جي دل ۾ هڪ هلچل پيدا ٿي ويندي آهي. لطيف سائينءَ فقيرن جي لاءِ هڪ مخصوص انداز وارو راڳ مقرر ڪيو آهي. سندس ڪلام کي پنهنجي مقامي ماڻهن پڻ پيش ڪيو آهي. لطيفي راڳ جا پڪا بنياد ته سائينءَ جن وڌا هئا، پر انهن فقيرن جو به عمل دخل آهي، جن پنهنجي زندگي مرشد مٿان گهوري ڇڏي. دنيا جي ونهوار کان ڪٽجي، مينهن هجي يا سيءُ، هوائون هجن يا زلزله توڙي قدرتي آفتون به فقيرن لاءِ رُڪاوٽون بڻجي نه سگهيون. هنن زندگي جا ڏينهن پنهنجي مرشد لاءِ وقف ڪري، محبت جا حق ادا ڪيا آهن. لطيفي فقيرن جي ڪا مالي سهائتا به حڪومتي سطح تي ڪانهي ڪا، پر انهن ڳالهين کان فقيرن جو پنڌ پري آهي. فقيري راڳ پنهنجي دنيا آباد ڪئي آهي. ٻئي پاسي مرشد سائينءَ جي دعا آهي، هڪ روايت موجب، سائين جن جي باري ۾ چيو ويندو آهي ته ڪنهن سائينءَ جن کي چيو ته اوهان جو اولاد ناهي ته پاڻ فرمايائون ته منهنجا فقير منهنجو اولاد آهن. راڳي فقيرن به پنهنجي حق جي ادائگي ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي آهي.

مٿان مٿي منهنجي جي هونئن سَر هزار

مٿي يعني سر مٿان ٻيا به هزارين سر هجن ته اُهي به اوهان مٿان قربان ڪري ڇڏيان. سائينءَ جي محبت جو اظهار لطيفيات سان محبت ڪندڙن به خوب نڀايو آهي. سائينءَ جي عقيدتمندن جو به هڪ ڪردار آهي، جن پنهنجي مرشد سان مريدي جا حق ادا ڪيا آهن. سائينءَ جن پنهنجي مريدن کي به مريد نه چوندا هئا. سائين جن جي باري ۾ چيو ويندو آهي ته سائين مريدن کي دوست چوندا هئا. هي هڪ فقيري نظام جو اعليٰ ترين نظام هو، جتي هر ڪنهن کي عزت ملندي هئي. مهمان هجي يا عقيدتمند، سڀني جي لاءِ هڪ نظام هو. بس لطيفي فڪر، جو عام ماڻهن جي سمجهه تائين بلڪل ويجهو آهي، ان ۾ صرف دلچسپي رکڻ جي ضرورت آهي.
مرشد سرڪار جي محبت ۾ به دلچسپي اڳي کان اڳري آهي. هر چاهه رکندڙ جو جذبو جوان آهي. محبت جو سمنڊ اٿليل آهي. محبتن جا انباهه ڦهليل آهن. ميزبان مهمانن جي خدمت لاءِ انتظار ۾ آهن. ڀٽ شاهه جو شهر ته هڪ وڏي انساني سمنڊ سان کچاکچ ڀريل هوندو آهي. پر هن ضلعي، تعلقي تي دوست هڪٻئي جي ميزباني ۾ رڌل هوندا آهن. سائينءَ جا فقير دنبوري جون تندون وڄائي رهيا هوندا آهن. هر عقيدتمند پنهنجي ڌُن ۾ مگن هوندو آهي. سائينءَ جي فقيرن جي عقيدتمندن جو تمام گهڻو تعداد ڀٽ شاهه ۾ ٽي ڏينهن موجود هوندو آهي.

جي تون آسائو آهين ته ڪر ڀٽ تي ڀيرو
ترت ۾ تيرو، مطلب ميڙوئي ٿئي

لطيف سرڪار جي شان ۾ سڀ کان پهرين شاعري تمر فقير ڪئي. تمر جي شاعري جو به هڪ انوکو انداز آهي. جنهن پنهنجي مرشد جو شان ڳايو آهي.
مرشد سائين جو تصوفي سلسلو ته قادري آهي پر پاڻ صوفي قادري سلسلي ۾ ڪجهه ذڪرن جو اضافو ڪيو آهي، جنهن کي احديث ذڪر چئبو آهي. هي ذڪر سُهائي سومار رات، عيدن تي، ميلي جي رات تي ڪيو ويندو آهي. ان کان علاوه سائينءَ جن جو فقير وصال ڪري وڃي ته ان جي ٽيجهي تي به ذڪر ڪيو ويندو آهي. سائين جي ڪلام جو اثر، انداز، ريتون، رسمون، فقيري نظام جو ٻيو ڪٿي به متبادل ناهي. سائينءَ جي هن فقيري رنگ ۾ شريعت، حقيقت، طريقت، معرفت سان گڏ موجود موسيقي پڻ شامل آهي. پر هن موسيقيءَ جو تعلق دل سان آهي، هن وحدانيت وارو راڳ ڏينهن رات درگاهه شاهه سائين تي هلندڙ آهي. انهي سلسلي جا فقير وحدانيت جي رنگ دنبورن جي تندن ذريعي ڦهلائي رهيا آهن.

پير منهنجا بادشاهه، ڀلا ڀٽ ڌڻي
تنهنجي آءُ تڻي، ٻئي ڪنڌي ساريان ڪانڪا