لطيفيات

مونا طور سينا

هي ڪتاب فقير حاجن نظاماڻي جي مضمونن جو مجموعو آھي جيڪي ھن شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريء، راڳ، سُر ۽ ساز تي لکيا آھن. ساجد سنڌي لکي ٿو:
فقير حاجن نظاماڻي جي قلم جي تقويت ۽ رواني خاص طور مُرشد لطيف جي شاعريءَ کي مختلف پهلوئن جي حوالي سان آشڪار ڪرڻ جي مشق نهايت جاندار ۽ هينئين سان هنڊائڻ جهڙي ان ڪري به آهي جو سندس لکڻ جو ڏانءُ بلڪل منفرد ۽ انوکو آهي، هونئن به فقير حاجن جي مضمونن جو محور شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح ۽ لطيف جي لطيف ٻولي ئي رهيو آهي پر سندس لکڻين ۾ شامل سمجهاڻيون، اشارا ۽ اسلوب ايترا ته سهڻي نموني ۽ سادگي سان بيان ڪيا ويا آهن جن کي پڙهندي پڙهندڙ مٿان عجيب سحر جي ڪيفيت طاري ٿي وڃي ٿي، سندس لکڻيون لطيفي رمزن کي سمجهڻ جو آسان ذريعو به آهن ته لطيفي راڳ کي پروڙڻ جو بهترين حل به آهن.
Title Cover of book مونا طور سينا

هڻَڻَ، هَڪلَڻُ، ٻيلِي سارَڻُ؛ مانجِھيان اِيُ مَرَ ڪـُ

هڻَڻَ، هَڪلَڻُ، ٻيلِي سارَڻُ؛ مانجِھيان اِيُ مَرَ ڪـُ

حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي پيغام ۾ انتھائي مشڪل وقت ۾ حوصلو، همت افزائي سان گڏ ڏکئي وقت جو ساٿي، سائينءَ جو ڪلام آهي، لطيفي لات جي هڪ عجيب ڪيفيت آهي ته هر وقت، نئين کان نئين راهه ڏيندڙ آهي،

هِتان کڻي هُت، جن رکيو سي رسيون
ساجن سونھن سُرت، وکائين ويجھو گھڻو

لطيف سائينءَ جو نالو ئي هڪ اهڙي وڏي طاقت آهي، جنھن جي نالي وٺڻ سان وجود جي وڻڪار ۾ ولولو، جوش، جذبو، همت، روحاني طاقت جو نه کٽندڙ هڪ طوفان هلي ٿو وڃي. انسان جو روح خود کي مڪمل سمجھڻ لڳي ٿو. روحانيت جو ڪمال اهو آهي ته لطيفي رسالي جي سُرن ۾، داستانن ۾، بيتن ۾، هڪ هڪ جملي ۾، هڪ هڪ بيت ۾ جوش ڀريل جذبات موجود آهن. اُهو صرف پڙهندڙ تي منحصر ٿو ڪري ته هُو ڪيئن ٿو پڙهي؟ هڪ ڳالھه اسان اڪثر وساري ويھندا آهيون ته اسان کي لطيفي فڪر جي پيروي ڪرڻي آهي، جيڪڏهن اسان ڪامل مڪمل آهيون ته پوءِ لطيفي فڪر جي اصلاح ڀل ڪريون. هڪ عام انساني سوچ ۽ لطيفي فڪر ۾ ڪيئي نوري سؤ سالن جا فاصلا آهن، پر لطيف سرڪار جو ڪرشمو عجيب آهي ته تمام بھترين انداز ۾ ساٿ ڏين ٿا. اوهان جا معلم ٿي اوهان کي حق جي راهه تي آڻين ٿا. جنھن کي اڳواڻ مڃبو آهي، ان جي پيروي ڪبي آهي، ان جي اصلاح نه ڪبي آهي. اسان کي پنھنجون ڪميون، ڪوتاهيون دور ڪري، حقيقي راهه ڏانھن گامزن ٿيڻو آهي. انھيءَ لطيفي واٽ ۾ اسان جي ڀلائي آهي. انسانيت، امن، سھپ، پيار، اتحاد، توحيد، تصوف، تقوى ۽ وحدانيت جو وجود ۾ سمائڻ جو بھترين ڏس اسان کي، اسان جي هادي ڏنو آهي. سڄو رسالو، شاهه جو راڳ، لطيفي طريقت اسان جي اُها راهه، جنھن کي اختيار ڪرڻ سان اسان جي نجات ممڪن ٿي سگھي ٿي. سائينءَ جي فڪري ڪردارن سان شاعري ۾ سمجھايل ڏسن سان انسان جي اندر جي عڪاسي ٿيل آهي.
جوڳيءَ جو ڪردار هجي يا سوامي جو، سسئيءَ جا سور هجن يا سھڻيءَ کان صلاح، کاهوڙين جا پنڌ هجن يا متارن جا ڪنڌ، ليلان جي لوچ هجي يا ماروي جي ماروئڙن جي سوچ، اسان جو رهبر اسان کي سنڌ جي تاريخ سان گڏ اسان جي روحاني تربيت، سائنسي تعليم، آسماني علم، حسابي ترتيب، اخلاقي سوچ، والدين جو احترام، استاد جي عزت ڪرڻ، عزيزن جي عزت ڪرڻ، ساٿين جي سار لھڻ، پڙ تان نه موٽڻ جو درس ڏئي ٿو. لطيفي رھبري جنھن انسان ۾ اچي ويئي، ان جو آئيندو، اڄ ۽ گذريل وقت سڀ سڌري ويندو. ڇو ته حقيقي رهبري ۾ انسان جڏهن اچي ويندو آهي ته ان جي مالڪي ڪئي ويندي آهي. پوءِ اوهان سوچيو جنھن جو اڳواڻ شاهه عبداللطيف هجي، ان کي ڪير ٿو ڀُلائي سگھي؟
جي ڀائين ته وس چران؟ ته سنگھارن سين لڏ
هاڃي سندي هڏ، ڪوڪ نه سڻين ڪڏھين

افسوس صد افسوس، اڄ جو انسان خودنمائيءَ جي هڪ اھڙي ڪوڙڪي ۾ ڦاٿل آهي، جنھن مان هو ويچارو خود نٿو نڪري. حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي فڪر ۾ انسان کي مدد طور ڪافي صلاحون، تجويزون ۽ رستا ٻڌايا ويا آهن. ان تي عمل ڪرڻ اسان جو اخلاقي فرض آهي، جڏھن تون دنيا جي درن تان مايوس ٿي وڃين ته پوءِ ان کان گُھر، جيڪو اوهان جي گُھرڻ لاءِ انتظار ۾ آهي، هُو توتي ڏُک ٿو ڪري،
ڏاتار ڏک ڪيا، پاڻان مٿي مڱڻي
مون در ڇڏي مڱڻا، مڱين ڪوهه ٻيا
تڏهن تو پيا، وچان ولھا ڏينھڙا.

لطيف سائين جن پاڻ پنھنجي هن آفاقي پيغام ۾ هر ستايل جا ساٿي، غمگين جا دوست، صلاحڪار، همدم ٿي رهن ٿا. ڇو ته لطيف سرڪار سسئي جو ساٿ ڏنو، جيڪو هنن لفظن ۾ موجود آهي

سسئي کي سڏ ٿيو، اسان اولاڻو
ڪونھي پڄاڻو، اڻ ڪوٺي ڪا مَ ڪري.

هڪ ته سسئي اڪيلي عورت، ڏکيو سفر، پاڻي جو پاءُ به موجود نه هو، راهه جو ساٿي ڪير نه هو، لوڪ جا لاڳاپا لاهي، اندر جي طاقت کي وجود ۾ ويڙهي ڀنڀور جي ڀتين کان نڪري، جَھر جَھنگ ۾ جھاڳي، وڻڪار جو اڪيلائيءَ ۾ سفر طئه ڪيو، ان ڪري سائينءَ ان جو ساٿ ڏنو. بھادري انسانن سان گڏوگڏ خود خدا کي به وڻي ٿي. همت ۽ مسلسل محنت اسان انسان لاءِ گھڻو ڪجھه ڪري سگھي ٿي. لطيف سائين فرمايو ته

ڀانئياڻي ٿِي ڀورِ، پُٺِيءَ ڪيچِيُنِ ڪَڪِرا؛
رائو مِڙيوئِي رَتَ سين، ڪارَڻِ ڪانڌَ ڪَڪورِ؛
لانچي لَڪَ لَطِيفُ چئَي، اُٿِي ڏُونگَرِ ڏورِ؛
جَتُ وَڃي ٿو زورِ، اُپُڙُ تان اوڏِي ٿِئين.

سائين لطيف ڪٿي سسئي جو صلاحڪار، ڪٿي سسئيءَ جو ساٿي، ڪٿي خود پاڻ سسئي ٿي، اسان ۾ همت جو جذبو پيدا ڪري ٿو. هڪ به انسان جيڪڏهن ڪنھن به ميدان ۾ نڪري پوي ته هو گھڻو ڪجھه به ڪري سگھي ٿو. هيءَ دنيا ته اسان جي ويري ٿي سامھون اچي ٿي، انھن جي وچان هڪ اھڙو ڪم ڪرڻو آهي، جنھن سان خود تاريخ ٿي وڃون. دشمني ۽ وقتي ناڪاميون اسان کي، اسان جي راهه کان روڪي نه ٿيون سگھن. سائين جن سسئيءَ جي زباني فرمايو ته

اُٺَ ويرِي، اوٺارَ ويرِي، ويرِي ٿِـيَڙَمِ ڏيرَ؛
چوٿون ويرِي واءُ ٿِيو، جنھن لَٽِيا پُنھونءَ پَيرَ؛
پَنجون ويري سِڄُ ٿِيو، جنھن اُلَهِي ڪِي اَويرَ؛
ڇَھون ويري ڇَپَرُ ٿِيو، جنھن سَنوان ڪَيا نه سيرَ؛
سَتون ويري چَنڊُ ٿِيو، کِڙِيو نه وَڏِيءَ ويرَ؛
واھيري جِي ويرَ، ڇُلُون ڪَرِيان ڇَپَرين!

بھادري انسان ۾ جيڪڏهن آهي ته هُن سان ٿيل دشمنيءَ مان هُو گھڻو ڪجھه سکي ٿو. بزدل، بخيل، لالچي، منافق جي دوستي مان فيض ڪونه ملندو. بھادري جي دشمني مان انسان گھڻو ڪجھه سکي سگھي ٿو.
سسئي جي سورھيائي، سھڻيءَ جي دليري، ماروي جو سَت حياءُ، ليلان جي لوچ، موکيءَ جي مٽ اڳيان متارن جا مٿا ڪرڻ، پتنگن جا پور، سنڌ جي ڪنڊن جا ٻُور، ڪاپڙين جا ڪشڪول ۽ سورٺ جا منگتي اڳيان جُھول، مومل جو مجاز، ڏياچ جي اڳيان ٻيجل جو ساز، انھن سڀني قصن ۾ سائينءَ طاقت جو رنگ ڀريو آهي. لطيف سرڪار حوصلي جو نالو آهي، بي بھا بھادريءَ جو نالو آهي، جنھن کي لطيف سرڪار سمجھه ۾ اچي ويو، اُهو انسان خود هڪ تحريڪ ٿي ويندو. بلڪه تحريڪون ته ختم ٿي وينديون آهن، پر اُهو ڪردار تاريخ ٿي ويندو.

ڪارِي راتِ، ڪَچو گَھڙو، اوڻٽيهين اُونداهِي؛
چَنڊ نالو ناهِه ڪو، دَرِياهَه دَڙَ لائِي؛
ساهَڙَ ڪارَڻ سُهڻِي، آڌِيءَ ٿي آئِي؛
اِي ڪَمُ اِلاهِي، ناتَ ڪُنَنِ ۾ ڪيرَ گِھڙي؟

جيڪڏهن اسان جي اڄوڪي معاشري ۾ لطيف سائينءَ جي لطيفيات پڙهائي وڃي ته هن نظام ۾ اهڙا ڪردار پيدا ٿي ويندا، جيڪي سسئي جيان سورھيه هوندا. سھڻي جيان بيباڪ هوندا. کاھوڙين جيان جاکوڙي هوندا، ماروي جيان قولن جا پڪا هوندا، پتنگن جيان بي پرواهه هوندا، دنيا جي سمونڊ جا سونھان هوندا، ڏياچ جيان ڏهيسر هوندا، سپڙ جيان سخي هوندا. اسان جي رهبر لطيف سائينءَ جي فڪر جي پيروي ۾ اسان جي لاءِ انيڪ سبق موجود آهن پر انھن سبقن مان هڪ سبق حوصلي جو به آهي. حوصلي وارو انسان، دنيا جي صورت تبديلي ڪري ڇڏيندو آهي. لطيف سرڪار جو شان ته اعلى آهي پر لطيفي هر سُر تحريڪ جو نانءُ آهي. هي اُها جاکوڙ آهي، جنهن جي شروعات نفس جي اصلاح کان ٿئي ٿي، ختم مالڪ ۽ ان جي بندي جي صُلح تي ٿئي ٿي. انسانن کي مالڪ جي راهه ڏسيندڙ رهبر جي هدايتن تي هلندڙ ڪيترا طاقتور هوندا؟ ان جو اندازو ان جي اڳواڻ مان لڳائي سگھجي ٿو،

ھڻَڻَ، ھَڪـِلَڻُ، ٻيلِي سارَڻُ؛ مانجِھيان اِيُ مَرَ ڪـُ؛
وِجَھنِ تان نه فَرَقُ، رُڪَ وَھندِيءَ راندِ ۾.

حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جن جو ڏس اسان جي لاءِ روشنيءَ کان گھٽ ناهي. اچو گڏجي انھيءَ فڪر جا فقير ٿي، انسانيت جي راهه تي هلون، مالڪ جي مالڪي کان سواءِ اسان ڪجھه به ناهيون، جيئن سائينءَ جن فرمايو ته،

ويٺس وک نه اُپڙي، تون آرياڻي آء
چڪي تو سين چاء، پاسي ڀر پئي رڙهي