لطيفيات

مونا طور سينا

هي ڪتاب فقير حاجن نظاماڻي جي مضمونن جو مجموعو آھي جيڪي ھن شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريء، راڳ، سُر ۽ ساز تي لکيا آھن. ساجد سنڌي لکي ٿو:
فقير حاجن نظاماڻي جي قلم جي تقويت ۽ رواني خاص طور مُرشد لطيف جي شاعريءَ کي مختلف پهلوئن جي حوالي سان آشڪار ڪرڻ جي مشق نهايت جاندار ۽ هينئين سان هنڊائڻ جهڙي ان ڪري به آهي جو سندس لکڻ جو ڏانءُ بلڪل منفرد ۽ انوکو آهي، هونئن به فقير حاجن جي مضمونن جو محور شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح ۽ لطيف جي لطيف ٻولي ئي رهيو آهي پر سندس لکڻين ۾ شامل سمجهاڻيون، اشارا ۽ اسلوب ايترا ته سهڻي نموني ۽ سادگي سان بيان ڪيا ويا آهن جن کي پڙهندي پڙهندڙ مٿان عجيب سحر جي ڪيفيت طاري ٿي وڃي ٿي، سندس لکڻيون لطيفي رمزن کي سمجهڻ جو آسان ذريعو به آهن ته لطيفي راڳ کي پروڙڻ جو بهترين حل به آهن.
Title Cover of book مونا طور سينا

لطيفي راڳ جون وايون

حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي جن اسان جي سنڌي ٻولي، سنڌ ۽ انسانيت جي سڃاڻپ آهن، سرڪار جن جيڪي به ڪم ڪيا اُهي روحاني منزل تي فائز هئا، ظاهري اُهي ڪم پنھنجي سڃاڻپ پاڻ آهن. لطيفي ذڪر، لطيفي طريقت، لطيفي فقَر، لطيفي سماع، لطيفي راڳ ائين کڻي چئجي ته سائين جن هڪ منظم ادارو قائم ڪري اسان جي لاءِ آساني پيدا ڪئي. جيڪو اڄ تائين پنھنجي نظام تي هلي رهيو آهي، پر اسان عدم توجھه جي ڪري سائين کان پري هليا ويا آهيون. پري ان ڏس ۾ نه ته اسان لطيف سائينءَ کي ڇڏي ڏنو آهي پر انھي محبتي راهه کي وساري ويٺا آهيون، ان جي ڪري لطيف سائينءَ جي ڪم بابت مڪمل ڄاڻ رکڻ کان قاصر آهيون يا ائين کڻي چئون ته، ان ڪم بابت دلچسپي جو اُهو مقدار ناهي. اسان ڪوڙي دنيا جي مادي وهنوارن جي ڪري سائينءَ جي فڪر کي ڇڏيندا وڃون پيا. اسانجا ڪم اسان کي انهيءَ فڪر تائين پھچڻ کان روڪين ٿا. لطيفي محبت رکندڙ فقير اڄ به ان مَڌُ مان موج ڪري رهيا آهن. سائين هاديءَ جو ڪم جيڪڏهن سمجھيو وڃي ته تمام آسان آهي پر جيڪڏهن اسان ان کي پروڙڻ چاهيون ته، نت اڳي کان اڳرا هجون.
لطيف سرڪار جن جو پيغام مختلف اندازن ۾ آهي، ان جو هڪ انداز راڳ وارو به آهي. لطيف سائين جن جو راڳ هڪ اهڙو معاملو آهي، جنھن تي ڪافي سارا اعتراض آهن ته ان انداز ۾ آخر ڇو ٿو آلاپيو وڃي، جو ان کي ڪير به نٿو سمجھي؟ انھن جي ڳالھه به ڪم واري آهي پر اُهي پنھنجي ڳالھه کي پَرکي نه سگھيا آهن. عام راڳي جو آواز هرڪو سمجھي ٿو، پر ڪنھن ڪلاسيڪل راڳي جو راڳ سڀڪو نٿو سمجھي. ان ۾ ٻڌندڙ جو قصور آهي، راڳائيءَ جو ڪوبه ڏوهه ناهي. اسان کي گھرجي ته پنهنجي سمجھه جو معيار وڌايون. ان لاءِ محبت ۽ استاد جي ضرورت هوندي آهي. سڪ، محبت ۽ جذبو گھربل آهي. سائينءَ جو راڳ ايترو ڪو مشڪل ناهي، جيترو عام طور هر نئين ٻڌندڙ کي ڊيڄاريو وڃي ٿو ته هي ڪير ٿو سمجھي؟ بس هڪ رسم آهي ان جي پورائي کان سواءِ ٻيو لطيفي راڳ ۾ ڪجھه ناهي وغيره وغيره. مت جو موڙهو اهڙو به نه ٿجي، ڪوشش ڪجي ۽ لطيفي راڳ جا چند قانون ڄاڻجن ته هي هڪ آسان ۽ من موھيندڙ راڳ آهي. محبت هجي ته ڪوبه ڪم مشڪل ناهي. هن راڳ جو تعلق انسان جي روحانيت ۽ قلب سان آهي. لطيف جن فرمايو آهي ته هي راڳ عام موسيقي ناهي، هي ”وحده هُو“ جو راڳ آهي. لطيف سائينءَ جي هن راڳ بابت عام روايت آهي ته هي احديت جي ذڪر جو هڪ حصو آهي، جنھن کي ٻڌندڙ پنھنجو وجود وڃائي ويھي رهندو آهي. جيئن تن تسبيح هجي، من مڻيو هجي، تندون طلب جون هجن، “وحده لا شريڪ لہھ” جو راڳ هجي، ان تي عام عقل سان، ناقص دليل ڏئي تنقيد جُڳائي ته ڪونه ٿي؛ باقي انسان ته آزاد آهي، هو ڪجھه به چئي سگھي ٿو.

تن تسبيح من مڻيو، دل دنبورو جن
تندون سي طلب جون وحدت سُر وڄن
وحده لا شريڪ لہھ، اهو راڳ رڳن
سي سُتا ئي سونھن، ننڊ عبادت ان جي.

راڳ سان روحانيت کي ملائڻ ۾ فقيرن ڪمال ڪيو آهي. حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ کان حضرت مولانا جلال الدين رومي جن جو سماع وارو رقص فقراءَ ۾ عام هو. سائين جن انھي طريقت ۾ اضافو ڪري فڪري رنگ کي پنھنجي لطيفي راڳ سان نوازيو. وائيءَ جو بڻ بنياد حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي جن پاڻ وڌو، ان کان علاوه ٻين شاعرن صدائون جي نالي تي بيت چيا آهن، پر مڪمل وائيءَ جو نالو سائين جن آندو. وائي جي لغوي معنى “ڳالھه ٻُولھه” ڪرڻ آهي. وائيءَ جو مطلب گفتگو ڪرڻ آهي. سنڌي شاعري ۾ وائي جو اعلى مقام آهي. وايون ڏيڍيون، ٻيڻيون ٿينديون آهن. وائي جي شاعري جي پھرين سٽ کي “ٿلھه” چئبو آهي، ٻين سٽن کي مصراعون چئبو آهي. آخري اکر مصرع جو قافيو ساڳيو هوندو آهي. هن وائي جي صنف جي باني سائين شاهه عبداللطيف ڀٽائي جن جي وائيءَ جا چار قسم آهن، هڪ ڏيڍي وائي، ٻي دوتالي وائي، ٽئين ڇيڙ جي وائي، چوٿين ذڪر جي وائي. هي چارئي وايون لطيفي طريقت ۾ ڳايون وينديون آهن. سائينءَ جي راڳ جا چند قانون آهن، جن بابت ٻڌندڙن لاءِ ڄاڻ ضروري آهي. جيڪڏهن اھي سمجھه ۾ اچي وڃن ته سائينءَ جو راڳ اوهان کي آسانيءَ سان سمجھه ۾ اچي ويندو.
راڳ جي شروعات ۾ سڀ کان پھرين تند جو سُر آلاپيو ويندو آهي. ان کان پوءِ جھَڙ تند سڀ فقير گڏجي وڄائيندا آهن. انھي تند جي اختتام کان پوءِ فقير ضرب سان شروعات ڪندو آهي. ضرب فقير، “اوه ميان الله ” هڪ مخصوص انداز سان سُر ۾ آلاپيندو، پوءِ بيت جو سلسلو شروع ڪندو. انھي کان پوءِ “ڏَسُ” يعني اڳين راڳين کي سُر جي بيتن جي ترتيب وار “ڏَسُ” بيت ان انداز سان ڏسيندو آهي، ان کي “ڏَسُ” چئبو آهي. بيتن جو سلسلو اڌگول دائري ۾ فقير راڳ ۾ داستان پوري ٿيڻ کان پوءِ وائي ڳائيندا آهن. بيت جي “ڏَسُ” هڪ فقير ڪندو آهي، ٻيو فقير ان ساڳئي بيت کي سُر ۾ ملائي ڳائيندو آهي، پر وائي سڀ فقير گڏجي ڳائيندا آهن، پر انھن ۾ وقفه هوندا آهن، جيڪي عام ٻڌندڙ جي سمجھه کان ٻاهر هوندا آهن. جيئن وائيءَ جو کڻڻ هڪ فقير ڪندو، ٻيا فقير ”سڏ“ هڻائين ٿا. ان سان گڏ وائي ۾ “گرام” جي هڪ وڏي جاءِ آهي، انڪري ئي گرام ڪندڙ فقير کي “گرامڙيو” فقير چوندا آهن. انھيءَ جو آواز ڳرو هوندو آهي. سنھڙي آواز ۾ جيڪي فقير آلاپيندا آهن، انھي کي “سڏڙيو” فقير چئبو آهي. هي منسب انھن فقيرن جا هوندا آهن، جيڪي “پاسڙيا” هوندا آهن. انھي ۾ وائي کڻندڙ فقير به انھيءَ سلسلي کي نباهي سگھي ٿو. “سڏ” سنھي آواز ۾، “گرام” ڳري آواز ۾ وائيءَ جو ورائڻ يعني ورجائڻ به هوندو آهي. جيڪي ٿلھه کي ورائي ڳائيندا آهن، انھي ريت ڪجھه وائين ۾ مصرائون به ورائبيون آهن. ياد رهي ته سائينءَ جي دنبوري ۾ پنج تندون آهن، “تند زبان” “تند ٽيپ” “تند اڳين يا پھرين جاڙي” “تند پوئين جاڙي” “تند گھور” هي تندون آهن، جن جي ميلاپ ۽ سنگم سان وائي جا ماترا ٺھندا آهن. ياد رهي ته ذڪر جي وائي اڪثر دنبوري کانسواءِ ڳائبي آهي.
نمبر پھرين ڏيڍي وائي، هي وايون “تند ٽيپ” “تند زبان” ۽ “تند گھور” تان کڻبيون آهن، انھي طريقي سان وائي جي آلاپجڻ کي وائي جو کڻڻ چئبو آهي. ڪي وايون گرام تي يعني گھور تان کڻبيون آهن. باقي اڪثر وايون “ٽيپ يا زبان جي تند” تان ئي ڳايون وينديون آهن. سائين سرڪار جي وائي جا اڪثر “ماترا” الڳ آهن، باقي انھيءَ سُر ۾ ڳائبي جنھن سُر جي هوندي آهي، ڪلياڻ سُر وائي هوندي ته وائي ۾ به سُر ڪلياڻ ٿيندو، راڻو ۽ سورٺ هوندو ته وائي ۾ اُهو سُر آلاپيو ويندو.
“پھرين لطيفي ڏيڍي وائي” هن جو ٿلھه “تڙ نھاريان تڙ تي، منھنجا بندر ويئڙاسي”
اهڙيءَ ريت هن وائي ۾ “تڙ نھاريان تڙ تي”، سنھي آواز ۾ ۽ پويان لفظ گرام ۾ ڳايا ويندا آهن ۽ پوءِ مصرع ڳائبي آهي، انھي ريت سلسلو هلندو رهندو آهي. ان وائي ۾ ڪجھه اضافي لفظ هوندا آهن، جھڙوڪ “ميان” “لا” “وه، وه” ۽ “الله” وغيره، جيڪي ماترا جي پورائي جي ڪري سُرن کي ملائين ٿا. موسيقي ڪھڙي به هُجي ان ۾ سُرن کي آلاپڻ لاءِ اھڙا آواز ڪڍيا ويندا آهن. ڏيڍي وائي ۾ خالي ڌڪ دنبوري جي ٿاري تي به لڳندو آهي. وائي جو دورانيو، تقريبن ڏهن کان پندرهن منٽ هوندو آهي. ان کان گھٽ يا وڌ ٿي سگھي ٿو ڪا به پابندي نه هوندي آهي.
“ٻئي دوتالي وائي” هن وائيءَ جو انداز ڏيڍي کان ڪجهه مختلف هوندو آهي. باقي سُر انھيءَ ريت وائي مان نڪرندا آهن، هن وائيءَ ۾ خالي ڌڪ نه هوندو آهي، زبان تند، ٽيپ تند، گھور تند تي ئي ڌڪ لڳندا آهن. ٿلھه جون وراڻيون، مختلف هونديون آهن، “سسئي آبري” جون وايون آهن ته ان جا سُر به اُهي هوندا، جيڪڏهن ڪو ٻيو سُر آهي ته ان جو به اندز انھيءَ سُر مطابق هوندو آهي.
“ٽئين ڇيڙ جي وائي” هي وائي تندن جي گرامر کان الڳ هوندي. ڳائبي دنبوري تي آهي پر ان جا لفظ ڪنھن ماترائن جا محتاج نه هوندا آهن. سائين جي هي وائي ٻڌندڙ کي اڳين وائين کان آسان لڳندي آهي. ان جا لفظ ظاهر هوندا آهن، سڌو دنبورو وڄائبو آهي.
چوٿين “ذڪر جي وائي” هيءَ وائي وري دنبوري کانسواءِ ڳائبي آهي. هن وائيءَ جا ڳائيندڙ “الله” “الله هو” يا “هو” جو سُر ڳائيندڙ کي ملائي ڏيندا آهن. پوءِ مصراعون به وري ڳائي، الله الله جو ذڪر ڪن ٿا. هي ذڪر جون وايون فجر نماز کان اڳ لطيفي ذڪر مھل ڳائبيون آهن. حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو راڳ، ذڪر تمام آسان آهي. ان کي سمجھڻ جي ضرورت آهي. ان تي هڪ پيار، قرب واري نظر وجھڻ جي ضرورت آهي. سائينءَ جو ڪلام، راڳ تمام گھڻو آسان آهي، جيڪڏهن اسان کي سمجھه ۾ نٿو اچي، اهو اسان جو قصور آهي، ڪنھن شيءِ کي بغير سوچڻ جي آخر ڪيئن ته سمجھي سگھبو؟ ان جا لاءِ لڳن جي گھرج آهي، ان جي ڪوشش گھربل آهي.

ووءِ ووءِ ڪندي وت، متان ووءِ وسارئين
رندن مٿي رت، هار ته ملين هوت کي.