رات سھائي ڀونءِ سنئين پِرت نئين پنڌ پور
حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جن جنهن به فڪر، موضوع تي ڳالهه ڪئي آهي اُها تصديق سان ڪئي آهي، حوالو جامع ۽ مستند ڏنو آهي، اکين ڏٺل واقعي ۽ ڪنن سان ٻُڌل ڳالهه ۾ رات ڏينهن جو فرق آهي. هر شاعر پنهنجي، پنهنجي طريقي سان ڳالهه ڪئي آهي. تمثيل نگاري، تجنيس حرفي جو استعمال به هر هڪ شاعر جو الڳ هوندوآهي. شاعر ته احساسن جو ترجمان ڪوٺيو ويندو آهي، هُو پنهنجا احساس لفظن ۾ آڻي، گيتن، غزلن، وائين، بيتن جي صورت ۾ ڏيئي ٻين جي رهنمائي ڪندو آهي، مصور تصوير ٺاهي پنهنجي اندر جو احوال ڏيندو آهي. الغرض هر فن وارو پنهنجو هنر پيش ڪري داد ماڻيندو آهي، البته جيڪي اُن جي اندر جو احساس هوندو آهي، اها ان جي اندر جي تصور جي فوٽو ڪاپي هوندي آهي. جيڪا اهو ٻين تائين رسائيندو آهي. اصل ته ان جو اُهو خيالي تصور هوندو آهي جيڪو انجي دماغ ۾ هوندوآهي. تصور انسان جي طاقت جو اعلى معياري ڳڻ آهي، جنهن سان هُو هزارين ميلن جا فاصلا ڪري ويندو آهي. خيالي تصور کي اشرف المخلوقات جي اعلى صنف چئي سگهجي ٿو، اڄ جي هن جديد دنيا ۾ سائنسي طور تي ان تصور جو جائزو ورتو پيو وڃي، جنهن جا نتيجا چڱا ڪارآمد نڪتا آهن، جنهن کي نئون نالو “ٽيلي پيٿي” جو ڏنو ٿو وڃي، يا ڪو ٻيو ڏنو ويو آهي. ان جي ذريعي هُو پنهنجا ڪم ڪري رهيا آهن پر هي فڪر مغربي دنيا ۾ هاڻوڪو آهي، پر اسان جي رهنما رهبر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي ٽي صديون اڳ ڏنو هو پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اسان جي سائين جي فڪر تي سائنسي تحقيقاتي ڪم نه ٿيو آهي. ائين کڻي چئجي ته ڪو وڌاءُ نه هوندو ته بلڪل نه ٿيل آهي. اسان ته ڪجهه ٻين مصروفيتين ۾ مصروف آهيون. ڪو ادارو اهڙو تشڪيل ڏجي، جيڪو سائين جي فڪر تي ڪو ڪارآمد ٿي ڪم ڪري. سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي سرڪار جي فڪر جي پرواز زمينن جي تهن کان ٿيندي، آسمانن کان اڳتي مقام محمود تي صدرت المنتهى کان اڳتي گهمي ٿي، اول کان آخر تائين، ظاهر ۽ باطن جا قصا سائين جي فڪر ۾ موجود آهن. جيڪڏهن ان جي ڳولا ڪئي وڃي، نه صرف ايترو پر پاڻ “لاحد” جي حدن ۾ لوچين ٿا، ان تي ڪو عملي ڪم ڪيو وڃي ته ان ۾ اسان انسانن جي ڀلائي ٿيندي. سائين محبوب جو تصور اصلي شڪل ۾ ڏيکاري ڇڏيندو آهي. وقت جي رفتار کان ۽ فاصلن جي پنڌ کان تصور جي رفتار تيز آهي، ان ڪري فقيري رنگ ۾ مرشد مريد کي مراقبو ڪرائي تصور جي تربيت ڏيندو آهي. جنهن سان روح جي اهڙي دري کُلندي آهي، جنهن جي ڪري فقير پنهنجي تصور سان ڪشف ۾ ڪامل ٿي ويندو آهي، حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جن فرمايو ته، ضلالت کان پري ٿي، مراقبي ۾ مشغول ٿي، اُها مالها من ۾ ورد ڪندين ته تون پنهنجي گُر سان، پنهنجي محبوب سان هڪ ٿي يڪذات ٿي ويندين. کي فڪر فقيري ۾ فنافل شيخ به چوندا آهن، جيئن هادي حضرٽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي فرمايو ته:
“ضادون” ضلالت کان، پاسي ٿيا پري
منجھ مراقبي مشغول ٿيا، ڪامل قلب ڪري
مالها پُوئي من جي، پڙهن وِرد وري
“فلهم اجرُ غير ممنون”، سوامين سُڃ سري
پاڻان ٿيا پري، گُر کي گڏيا ڪاپڙي
تصور انسان جي تڪميل جو بهترين ذريعو آهي، جنهن کي هُو پنهنجي خيال جي دنيا کي اصلوڪي شڪل ۾ آڻي ٿو، جڏهن به انسان پنهنجو ڪو نئون ڪم شروع ڪندو آهي ته سڀ کان پھرين ان جو تصور ڪندو آهي، هن خيالي عمل جي ايتري سرحد ڪا محدود ناهي جو ان کي ڪا حد ڏئي هڪ هنڌ بيهاري سگهون. اڄ جي دنيا جي ترقي جو ڪارڻ سٺو تصور آهي، اڄ جي جديد ايجادن جو دارومدار بهتصور تي هوندو آهي، اُهو تصور ڪهڙو به هجي، انسان جي اڄ جي دور ۾ هڪ کان هڪ اهڙو اُوزار ٺاهيو ٿو وڃي جنهن جو ڪجهه سال اڳ وهم گمان نه هوندو هو. هڪ خيال جي ڪري، لکين ڪروڙين، اربين انسان سک جو ساهه ماڻي رهيا آهن پر جي تصور جو ٻيو پاسو ڏسنداسون ته بم بارود انسان ٺاهي پنهنجي لاءِ عذاب جو در پڻ کُولي رهيو آهي. تخليق انسان کي ڪامل بڻائيندي آهي، جھڙي سوچ هوندي نتيجو به اُهو ئي نڪرندو، اسان جا عمل اسان جي شخصيت جي تعمير ڪندا آهن، اُهو اسان جي تصور تي منحصر هوندو آهي ته اسان جي خيالي ڊوڙ ڪھڙي طرف ٿي وڃي. حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو تصور انساني سوچ تي اهڙو حاوي آهي ڄڻ ته هر انسان جي احساس جي ترجماني سائين ڪري رهيو آهي.
محبتي ميڙي، ڳوٺ ٻَڌجي هڪڙو.
اڄ جي انسان دولت ۽ سک لاءِ پنهنجون ننڊون ڦٽائي ڇڏيون آهن، ڏينهن رات جفاڪشي ڪري دولت جي ڳولا ڪندڙ انسان، جڏهن پنهنجو مقصد پورو ڪندو آهي تڏهن هُن وٽان محبت ڪندڙ هُن کان ڪافي پري ٿي ويندا آهن، دولت ته ملي ويندي آهي پر پيار ڪندڙ نه رهندا آهن، عزيز والدين ۽ پيارن دوستن کي اسان وقت جي لھرن ۾ لوڙهي، آهه و زاري ڪندا آهيون، قليل زندگي ۾ انسان ڪافي ڪجهه ڪري سگهي ٿو پر جيڪڏهن هُو ڪرڻ چاهي، اسان زنده قوم جيان ٿي ڪري پنهنجي رهبر شاهه عبداللطيف ڀٽائي کان رهنمائي حاصل ڪري محبت، امن، پيار، سهپ ۽ ٻــڌي جو اهڙو درس ڏئي سگهون ٿا، جنهن ۾ اسان جي ڀلائي ٿيندي، سائنسي راهون پڻ کُلي سگهن ٿيون، حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو تصور پنهنجي محبوب لاءِ ڪمال آهي، اُن خيالي پهچ جو اندازو اوهان هِن ڳالهه مان لڳائي سگهو ٿا ته سوين سِجن جي برابر، چوراسي چنڊن کي منڊ لڳي وڃن ٿا، ڀون بسم الله چوي ٿي، اکين ۾ الماس آهن، فڪر لطيف تي جديد علم جي يعني سائنسي ذريعي نظر وڌي وڃي ته ان جو نتيجو سٺو نڪري سگهي ٿو پر اسان وٽ اُهي وسيلا ناهن ته اسان هن عالمي ۽ آسماني فڪر جي ڪا کوجنا ڪري ڪو سٺو دڳ ڳولي لهون.
ڪُوپيري ۾ پير، ڪنين پاتو پيرئين
جيئان مُنجھڻ ماڻهوئين، سڄڻ تيئائين سير
اُن ڀون سندو ڀير، ڪوڙئين مان ڪو لهي
اُها زمين جنهن ۾ اڃا تائين ڪنهن ڪنهن پير پاتو آهي، اتي مونجهارو آهي، سڄڻن جو سير اُتي ٿئيٿو، انهي مٽي جو ڀير ڪوڙين مان ڪو لهي ٿو، سڀ ڪنهن جي وس جي ڳالهه ڪانهي ڪا. محبوب جي غير موجودگي ۾ چوڏهينءَ جي چنڊ جي روشني ۾ اونڌاهي نظر اچي ٿي، جي محبوب اچي وڃي ته چنڊ ڪتين سان گڏ پڙلاءَ ۾ پئجي وڃي ٿو، جيڪڏهن مقابلو ٿئي ته چنڊ کي اُها پيشاني پرين واري ڪٿي مليل آهي، انساني سوچ جو انت ٿي وڃي ٿو، فڪر لطيف سرڪار جي سوچ ۾ جڏهن کان کُلڻ شروع ٿيو ته دنيا جي سائنس حيران ٿي ويندي، آسماني علم جو شاهه عبداللطيف ڀٽائي وٽ خزانو آهي، ابجد جو علم هجي يا علم ڪيميا جو، سندن فڪر انهن سڀني علمن تي بادشاهي ڪري ٿو.
ابجد انگ اندر ۾، لئون لئون الف لکيج
تحقيق جو دائرو جڏهن به کُليو ته اُها خبر پوندي ته موسيقي سان روحانيت جو ميلاپ ۽ طريقت ۾ توحيد جي وائي ڪهڙي ريت سمايل آهي، شاهه جي رسالي تي ڪم ڪندڙ کي اسان جو معاشرو عزت سان نوازي ٿو، راڳين کي فقير چيو وڃي ٿو، سماع ڪندڙن کي ذيڪري چئبو آهي، هر هڪ شعبي جو الڳ سان نالو آهي، هڪ مڪمل طريقت جي نظام جو باني حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي آهي، هڪ سٽ جي هڪ اکر تي جيڪر لکجي ته ڪتاب لکجي وڃن، جيڪڏهن لطيفي سوچ اسان جي دل ۾ پيدا ٿي وڃي ته اسان امن پيار جا اھڃاڻ ٿي وڃون، انسان جي زندگي جو مقصد پورو ٿي وڃي، جيڪي اخلاقيات، مذهب اسان کي سيکاري ٿو اُهو سڀ ڪجهه اسان جي رهبر اسان کي تمام سهڻي نموني سان آسان ڪري ٻڌايو آهي، هر اُها ڳالهه شاهه سائين جي ڪلام ۾ آهي جنهن ۾ انسان جي بقاءَ هجي. روحانيت جي انبارن سان ڀريل هي فڪر اڄ لفظن ۾ توريو وڃي ٿو. بس هن آفاقي علم لاءِ اسان کي علم کڻڻو آهي، قدم کڻو منزل خود هلي ايندي، جي ارادو مضبوط آهي ته ڪابه راهه مشڪل ناهي، آسان منزلن کي اسان جي سوچ مشڪلبنائي ٿي، ڏکين رستن تي پڪو ارادو هجي ته مقصد پورو ٿي وڃي ٿو، رات سُھائي هجي، ڀون يعني مٽي سڌي هجي، پرت هجي پوءِ ته ڪو به پنڌ پري ناهي، اي ميان محبوبن جي حضور ۾ هليو وڃ، جيڪي چت ۾ چڻڪن ٿا اُهي ڀلا ڪيئن ٿا ڏور ٿي سگهن، اندر جي ڳالهه سائين اهڙي نموني ڪئي آهي جو هر عام خاص چڱي طرح سمجهي سگهي ٿو، پنهنجي تصور کي محبوب جي حضور ۾ اهڙي طرح سائين پيش ڪيو آهي جو ان ۾ روحانيت سان گڏ سائنسي ڄاڻ پڻ موجود آهي، بس ٿوري سوچ وسيع ڪري ڏٺو وڃي ته حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو فڪر اسان جي سوچ کي اُها ڏِيسا ڏيکاري سگهي ٿو جنهن جو اڳ ڪنهن انسان سوچيو به نه هوندو.
رات سھائي، ڀون سنئين، پرت، نئين پنڌ پور،
ميا محبوبن جي، هلي وونئڻن حضور،
جي چڻڪن چت ۾، سي ڪيئن سڄڻ ڏور،
الله لڳ اسور، اُتاهين ٿي آءُ تون.