آگميو آهي، لڳھه پس لطيف چئي
الله تعالى انسان جي تخليق سان گڏ هن ڪائنات ۾ ٻيون مخلوقون، وڻ، ميوا، سمنڊ، درياهه ۽ موسمون خلقيون آهن، پر سنڌ جي سانوڻيءَ واري موسم دنيا جي عجيب موسم آهي. هِتي سنڌ ۾ سانوڻيءَ جون برساتون، اڪثر اتر جي مينھن ۽ پورب يعني اوڀر جي طرف جون برساتون وسن ٿيون. سنڌ جي مٽي ۾ هڪ خوشبو آهي، جيڪا سانوڻي جي وسڪاري پوءِ اٿندي آهي، ان جو مثال ملڻ مشڪل آهي. سنڌ جي سانوڻيءَ جي مند جو نمونو اڳ کان هينئر ڪجھه مختلف آهي. اڳ سنڌ جي آبادگاري گھٽ هئي، اڳ سنڌوءَ جا واھڙ وهندا هئا، جن تي مختلف واهن جا نالا ڏنل هوندا هئا، جتان به سنڌو چاهيندو هو وهندو هو، انھن واهن جي ڪنارن تي وڻن جو نه کٽندڙ سلسلو هوندو هو، پر ٿر جي پاسي وارو علائقو صرف برسات تي گذارو ڪندو هو. حضرت شاهه سائين کي برساتي موسم سان بيحد پيار هو. حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي پنھنجي ڪلام ۾ پاڻيءَ جو ذڪر سُريراڳ، سُرسامونڊي، سُر سھڻي، سُر سارنگ، سُر ماروي ۽ ٻين سُرن ۾ ڪيو آهي. ٻين سُرن ۾ لطيف سائين درياهه، سمنڊ ۽ مختلف طريقن سان پاڻي جو تذڪرو ڪيو آهي، پر سُر سارنگ ۾ لطيف سائين صرف برسات تي ڪلام چيو آهي. لطيف سائينءَ جي ڪلام ۾ هڪ اعلى رنگ سمايل آهي، جنھن به موضوع تي سائين جو ڪلام آهي، انھيءَ بابت سائين تقدير جو حوالو ضرور ڏنو آهي. هي هڪ بيت سارنگ ۾ آهي، سائين جن چون ٿا ته، برسات کي حُڪم ڪير ٿو ڪري، مالڪ جي فرمان سان برساتون وسن ٿيون، ڏيھه جا ڏڪار لھي وڃن ٿا، خشڪي واري صورتحال ختم ٿي وڃي ٿي، کير ۽ لسي جو واهپو وڌي وڃي ٿو. الله سائين کان مرشد شاهه سائين جن دعا گھرن ٿا، جيڪي هتي ڏڪار لاءِ سوچين ٿا، اُهي شل مري وڃن، آبادي ۾ واڌارو ٿي وڃي،
حڪم ٿيو بادل کي، سارنگ ساٺ ڪجن
وڄون وسڻ آئيون، ٽھه ٽھه مينھن ٽمن
جن مانگھه لاءِ ميڙيو، سي ٿا هئي هٿ هڻن
پنجن مان پندرهن ٿيا، ايئن ٿا ورق ورن
ڏڪاريا ڏيھه مان، موذي شال مرن
مينھون پاڻ مراديون، ٿڌا ٿر چرن
وهڪيئي جن ورهه ٿيا، موٽي سي مڙن
وري وڏي وس جون، ڪيون ڳالھيون ڳنوارن
سيد چئي سڀن، آه تو تنھنجو آسرو
حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي جن پنھنجي ماروئڙن جي روح جي ترجماني ڪئي آهي. سائين جي ڪلام ۾ پوري سنڌ جي علائقن جو احوال پڻ موجود آهي. لطيف سائين فرمائين ٿا ته سڀني کي مالڪ سائينءَ جو آسرو آهي. لطيف سائينءَ جي هن سُر سارنگ ۾ ڪڪرن جا قسم، ڪڪرن جا وسڻ، تاڙي جون تنوارون ۽ ٻين مختلف پکين جون لاتيون ٻڌايون آهن. گاهن جا رنگ، ڪڪرن ۾ سج جي روشني جا عڪس، محبوب سان مينھن جي مشابهت، چوماسي جي هوائن جو ذڪر، مينھن موسم ڌنارن جي بيتن جو بيان، سپن جي اندر جي آس لطيف سائينءَ جي ڪلام ۾ موجود آهي. سپ جي اندر آس هوندي آهي ته مينھن وسي جيئن موتي جڙي پون. ماروئڙن سان بيحد پيار لطيف سائين جن ڪن ٿا. انھن جي واپار لاءِ، سنڌين جي کير مکڻ جو سوچين ٿا، ڏڪار کان سخت نفرت ڪن ٿا، سائينءَ جي سُر سارنگ ۾ چوماسي هوائن جي رخ جو ذڪر به ڪيو آهي. تاڙي جي تنوار ٿئي ٿي، سائين جي پسنديده مُند سانوڻي لڳي ٿي،
مُند ٿي، منڊل وڄيا تاڙي ڪئي تنوار
هارين هر سنباهيا، سَرها ٿيا سنگھار
اڄ پڻ منھنجي يار، وسڻ جا ويس ڪيا
شاهه جي موسمياتي تجربن جو هڪ مطالعو ٿيڻ گھرجي، جنھن مان اسان جي موسمي حالاتن کان واقفيت هن جديد دور ۾ به ٿي سگھي ٿي. لطيف سائينءَ جي ڪلام جي ٻين خاصيتن مان هڪ اها به خوبي آهي ته لطيف سائين هر دور جا شاعر آهن. لطيفي فڪر خاص هڪ وقت لاءِ ناهي چيل، هڪ موضوع ۾ لطيف سائين جي تمام گھڻي اونھي سوچ هوندي آهي. اُهو سُر ڪھڙو به هجي، سارنگ جي بيتن ۾ لطيف سائينءَ موسمياتي ماحول جي اهڙي ترجماني ڪئي آهي جو بيت پڙهندڙ کي ايئن محسوس ٿئي ٿو، تاڙي جون تنوارون هلن ٿيون، مينھن جي وڻن جو ٽاريون ٽمن ٿيون، هاري هر کڻي ڏاندن سان گڏ کيتي جي لاءِ روانا ٿين ٿا. ڪڪر جو اُٻون اتر طرف کان ڪئين اچن ٿيون، وڻن ۾ بھاري لڳي پئي آهي، خوشي وارو ماحول آهي. ماروئڙن جا چھرا خوش آهن. لطيف سائين جي بيتن جو منظرنگاري وارو پاسو به تمام گھڻو وسيع آهي،
ماڙي چڙهي ڏٺام، پکا پنھوارن جا
هڪ اڳئي سھڻا، ٻيا ويتر مينھن وٺام
ڪھڙا ڏوهه ڪيام، جئين ٿر مارو آئون ماڙئين
چين کان ننگرپارڪر تائين، ساماري کان جيسلمير تائين، لطيف سائينءَ جي ڪلام ۾ سونھن ئي سونھن سمايل آهي. سونھن ته مالڪ سائين کي به وڻي ٿي. انھيءَ سانوڻي موسم سان گڏ لطيف سائينءَ هن ڪائنات جي سانوڻيءَ جي موسم جي به ڳالھه ڪئي آهي. جڏهن حضور پاڪ صه جن جو هن دنيا ۾ جلوى افروز ٿيا ته هن ڌرتي جو رخ مٽجي ويو، هي دنيا شاد آباد ٿي ويئي،
اکيان ميگھه ملار، صورت تنھنجي سڀ جڳ موهيو
سجدو فيل في الحال ڪيو، پسي نور نرار
ڄاپڻ سان ڄام جي، ڪريا ڪُنگرا ڪوٽ ڪفار
آگي آسمانن جو، توکي ڪاريو سير ستار
“ولسوف يعطيڪ ربڪ” توسين قادر قرار
قادر پاڻ قسم کنيو، خاڪ قدمن جي ڪلتار
آهين ڪرم ڪريم جا، احمد ساڻ اَپار
اُڪنڊيا جي اَبر کي، سرها ٿيا سنگھار
موڪل ٿي مينھن کي، دوست هٿان دلدار
سائين جن جي هن وائي مان اوهان اندازو لڳائي سگھو ٿا ته سائين جن سُر سارنگ ۾ صرف هڪ موسم جو ذڪر نه ڪيو آهي، اسان جي تقدير جو فيصلو ڪندڙ مالڪ سائين جن اسان کي تمام اُتم ۽ اعلى پيغمبر جو اُمتي بڻائي هِت موڪليو آهي،
روضي پاڪ رسول جي، ڪيو وڄڙين وارو
ڀريائين ڀير پئي، نظر سين نارو
هادي ڀر حُڪم سين، هيءُ تڙ تاسارو
نبي نظارو، پيءِ پسايو پانھنجو
لطيف سائين جي سارنگ ۾ اندر جي موسم جو پڻ ذڪر ڪيو آهي. سائين پنھنجي محبوب جو ذڪر پڻ ڪيو آهي،
آگم ائين انگ، جھڙو پسڻ پرين جو
سيڻن ري سيد چئي، روح نه رُچن رنگ
سھسين ٿيا سارنگ، جاني آيو جوء ۾
لطيف سائينءَ جي ڪلام ۾ بي بھا خزانو آهي. موتين جي هنن تڙتن کي ڪنھن جوھري جي ضرورت ناهي. لطيف سائينءَ جي ڪلام ۾ انسان جي ڀلائي، هڪ هڪ ڪم الڳ الڳ بيان ٿيل آهي، سوچڻ ۽ سمجھڻ جي ضرورت تي زور ڏجي، سائين سُر سارنگ ۾ سندس ڀٽ جو به اهڙيءَ ريت ذڪر ڪيو آهي، جئين ٿر جي ڀٽن، ڏهرن يعني پوٺن جو، گاهن جو ذڪر ڪيو آهي. سائين پنھنجي ڀٽ ۽ ڪراڙ جي ڪنن جو ذڪر سُر سارنگ ۾ ڪيو آهي.
ڀِري ڀٽ تي آئيون، سارنگ سھج منجھانءَ
يا
ڀريائين ڪن ڪراڙ جا، وٺو ولاسو
سارنگ جي سار انسانن سان گڏ پکين، جيتن، جانور کي به ٿئي ٿي. لطيف سائين به انھي ڳالھه جي ترجماني ڪن ٿا. شاعر کي ته عام طرح احساسن جي ترجماني جو اڳواڻ چيو ويندو آهي، پر اسان جي رهنما، شاعريءَ ۾ انسانن جي احساسن کي ته ڳايو آهي پر لطيف سائين“آر” هڪ جيت آهي جيڪو مينھن جي موسم کان اڳ چي چي ڪندو آهي، ان جو به ذڪر ڪيو آهي. مرگھه يعني هرڻ آهي، ماڻھن سان گڏ مينھن جانور لاءِ به سانوڻيءَ واري موسم پسنديده موسم آهي، سائين انھن سپن جي احساسن جو به ذڪر ڪيو آهي، جيڪي سمنڊ ۾ برسات لاءِ سڪي ٿي،
سارنگ کي سارين، ماڻھو مرگھه مينھون
آرون اَبر آسري، تاڙا تنوارين
سپون جي سمنڊ ۾، سي سج نھارين
پَلر پيارين، ته سنگھارين سک ٿئي
سنڌ جي خوشحالي سان گڏوگڏ سائين جن پوري دنيا جي آبادي لاءِ دعا گھري آهي ته هي عالم سڄو آباد هجي، هتي ڪو به ڏڪار نه هجي، انسانن ۾ خوشحالي هجي، جيت، پکي ۽ جانورن کي ڪا به تڪليف نه اچي. اڄ اسان جي سنڌ نيم ڏڪار جي حالت ۾ آهي. پاڻي پاڇاٽا ٿي ويا آهن. اڄ جو سنگھار سائينءَ کي سوال ٿو ڪري، پراڻيون سانوڻيون وري اچن، پاڻي عام جام هجي، اندر ٻاهر انساني موسم سانوڻي واري هجي، هر انسان خوشي واري زندگي گذاري.
سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سُڪار،
سنڌ اُهو خطو آهي جتي مڪمل ڪڏهن به ڏڪار نه ٿيو آهي، ٿر نه وٺو ته ڪاڇو وسي ٿو، ٻئي نه وٺا ته وچين سنڌ سدائين آباد رهي ٿي. سانوڻي جھڙو ماحول هن وقت ٿي پيو، مالڪ در ٻاڏايون پيا ته مالڪ سنڌ جي هر ڪنڊ ڪڙڇ شاد آباد رکجان،
آگميو آهي، لڳھ پس لطيف چئي
وٺو مينھن وڏ ڦڙو، ڪڍو ڌڻ ڪاهي
ڇن ڇڏي پٽ پيو، ثمر سنباهي
ويھو مَ لاهي، آسرو الله مان