لطيفيات

مونا طور سينا

هي ڪتاب فقير حاجن نظاماڻي جي مضمونن جو مجموعو آھي جيڪي ھن شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريء، راڳ، سُر ۽ ساز تي لکيا آھن. ساجد سنڌي لکي ٿو:
فقير حاجن نظاماڻي جي قلم جي تقويت ۽ رواني خاص طور مُرشد لطيف جي شاعريءَ کي مختلف پهلوئن جي حوالي سان آشڪار ڪرڻ جي مشق نهايت جاندار ۽ هينئين سان هنڊائڻ جهڙي ان ڪري به آهي جو سندس لکڻ جو ڏانءُ بلڪل منفرد ۽ انوکو آهي، هونئن به فقير حاجن جي مضمونن جو محور شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح ۽ لطيف جي لطيف ٻولي ئي رهيو آهي پر سندس لکڻين ۾ شامل سمجهاڻيون، اشارا ۽ اسلوب ايترا ته سهڻي نموني ۽ سادگي سان بيان ڪيا ويا آهن جن کي پڙهندي پڙهندڙ مٿان عجيب سحر جي ڪيفيت طاري ٿي وڃي ٿي، سندس لکڻيون لطيفي رمزن کي سمجهڻ جو آسان ذريعو به آهن ته لطيفي راڳ کي پروڙڻ جو بهترين حل به آهن.
Title Cover of book مونا طور سينا

محبت پائي من ۾ رنڍا روڙيا جن!

جڏھن ڳالھه ڪيون ٿا لطيف سرڪار جي پارکن جي ته تمام گھڻا نالا ملن ٿا ۽ اھي سڀ جسُ لھڻن. شاھ سائينءَ جي فڪر جو ھڪ نرالو ڪردار جيڪو دنياداريءَ سان گڏ لطيفي فڪر جي ھڪ اھم ٿنڀ جي حيثيت رکي ٿو، سو آهي حاجن فقير، جنھن جي لفظن ۽ ٻولن ۾ شاھ سائينءَ جو پيغام چٽو پٽو نظر اچي ٿو.
ھتي ھڪ ڳالهھ ڪندو ھلان ته شاھ سائينءَ جو فڪر اهڙو آھي، جنھن ۾ اسان کي ھر واٽ ۽ فڪري پھلو ملي ٿو. سندس ڪلام کي جڏھن فڪري نظر سان ڏسبو ته محسوس ٿيندو ته شاھ سائينءَ جي هيءَ دنيا اکين سان ڏٺل آھي ۽ اھا حقيقت پڻ آھي.
منھنجي پھرين ملاقات جڏهن حاجن فقير سان ٿي ته مان چئي سگھان ٿو ته اها ڪچھري ڪنھن فقير سان لطيفي فڪر متعلق ان کان پھريان ڪڏھن به نه ٿي هُئي. حاجن فقير وٽ جيڪا ٻولي آھي يا جيڪو درس آھي، ان ۾ شاھ سائينءَ جو پيغام واضح نظر اچي ٿو. شرط اھو آھي ته اڳئين ماڻهوءَ ۾ لطيف سائينءَ جي پيغام کي سمجهڻ واري اھا نظر يا پرک به ھجي. حاجن فقير سان جڏھن ڪچھري ٿيندي آھي، اُها سامھون يا ٽيليفون تي يا هن جي لکڻين ۾ ته ان ۾ ھڪ جملي جي پوري ٿيڻ کان پھريان شاھ سائينءَ جو ڪو بيت هن جي چپن تي ضرور ملندو آھي ۽ پوءِ ان بيت جي معنيٰ سان گڏ ان جو مفھوم ۽ مڪمل پس منظر سمايل ھوندو آھي.
ھن ڪتاب يعني “مُونا طور سينا” ۾ اوھان کي شاھ سائينءَ جي فڪر جي حوالي سان ڄاڻ ملندي. جيڪي به مضمون پاڻ لکيا اٿائون اھي لطيف سرڪار جو پارکو ئي لکي سگھي ٿو. ڇاڪاڻ ته لطيف سرڪار جو فڪر ۽ ان فڪر کي اڳتي پھچائڻ يعني ان دنبوري جي تنوار کي انھن ذھنن تائين پھچائڻ، جتي جتي لطيف سرڪار جا پرچارڪ موجود آھن، هو پنهنجو فرض سمجهي ٿو.
مون کي جڏھن حاجن فقير جا مضمون مليا ته مون سوچيو ته جيڪي مضمون مونکي مليا آھن، ڄڻ اُھي تشريح آھن لطيف سرڪار جي بيتن جي ۽ ان پيغام جي تسلسل جي، جنھن کي حاجن فقير پنھنجي انداز سان بيان ڪيو آھي.
حاجن فقير پنهنجي لکڻين ۾ جھڙي نموني عشق کي واضح ڪيو آھي يا جھڙي نموني ان جي تشريح ڪئي آھي، اھا ھر ليکاريءَ جي وس جي ڳالهھ ناھي. ان کان علاوہ عشق واري فلسفي کي سمجھائڻ لاءِ جيڪي تشبيھون ڏنيون اٿائون، ان مان صاف ظاھر ٿئي ٿو ته ھڪ پڙهيل لکيل جي ھٿان ئي ھي مضمون لکجي سگھجن ٿا. پر مان ايئن کڻي چوان ته لطيفي فڪر واري بٺيءَ مان پچي راس ٿي، قلب وارو قرار ملڻ کان پوءِ ئي ھُن ان فڪر متعلق ڪجهه لکيو آھي.
ھتي ھڪ ڳالهه واضح ڪندو ھلان ته حاجن فقير کي جيڪو رنگ لڳل آھي يا جيڪو فڪر آھي، اھو کين ورثي ۾ مليو آھي.
سندس رياضت ان ڳالهه جو مڪمل ۽ واضح دليل آھي ته ھن فقير وٽ جيڪڏھن ڪا امانت آھي ته اھا به لطيف سرڪار جي ڪرم نوازيءَ جي ڪري ئي آھي.
حاجن فقير جي ھڪ مضمون “لطيفي ساز دنبورو” ۾ دنبوري متعلق جيڪا ڄاڻ ڏنل آهي، سو ھڪ تحقيق وارو ڪم آھي. ان جو مقصد اھو ٿيو ته حاجن فقير جا مضمون عام فھم وارا مضمون ناھن، بلڪه وڏي فھم وارا مضمون آھن. جيڪڏهن اُهي روح سان پڙهيا وڃن ته اُنهن جو قرار ئي پنهنجو آهي. ھن ڪتاب ۾ شاھ سائينءَ جي سفر جي حوالي سان انھن ماڳن مقانن جو به ذڪر ٿيل آھي، جتي شاھ سائينءَ سفر ڪيو آھي.
حقيقت اھا به آھي ته ھي سارو وھنوار جيڪو اسان کي شاھ ڀٽائي جي پيغام ۾ ملي ٿو، اھو آھي رب کي ريجھائڻ. جيڪو تمام آسان به آھي ته وري مشڪل به. هن ڪتاب ۾ تمام گھڻي اونھي ڄاڻ موجود آھي. مان جڏھن سندن مضمون پڙھندو آهيان ته انھن ۾ پاڻ کي گم ٿيل محسوس ڪندو آهيان. حاجن فقير جي قلم ۾ اھو اثرائتو اثر چڱيءَ ريت موجود آھي، جنھن وسيلي ھو فڪر واري درس کي ٻين تائين پھچائي ٿو ۽ سٺي نموني پڻ سمجھائي ٿو.
ڌڻيءَ در دعا آھي ته لطيف سرڪار جي ھن پارکوءَ جو قلم فقيري فڪر کي ھميشه ٻين تائين پھچائيندو رھي. آمين.

نظر حسين ملاح
ڪراچي