ڏهاڳ به ڏٺوم، سھاڳ به سنڀران
حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي جن جي پوري ڪلام ۾ انسان جي زندگيءَ جو عڪس موجود آهي. سائين جن جي پيغام رسائڻ جو انداز تمام خوش اخلاقي وارو آهي. سائينءَ جي سورمين ۾ به عام و خاص انسان جي زندگيءَ جو ذڪر آهي. سائين جن جي سڄي رسالي جي ڪلام ۾ انسان جي لاءِ امن پيار، محبت، وفاداري، حب الوطني جو سبق ڏنو آهي. بي وفا انسان کي اخلاقي قدرن کان پاڻ ڪريل ڄاڻن ٿا. سائينءَ جي رسالي ۾ وفاداري جو ڪردار، ان ۾ بي وفائيءَ جو اهڃاڻ ليلان چنيسر سُر ۾ آهي. ليلان، چنيسر جي گھرواري (زال) هئي. هڪ ٻئي سان بيحد پيار به ڪندا هئا. انھي تاريخي داستان تي جيڪڏهن مڪمل ڳالھايو وڃي ته تمام گھڻو وقت درڪار آهي، پر اسان سائينءَ جي ان ڪردار جي وفاداري ۽ بي وفائيءَ بابت مختصر احوال ڪنداسون. چنيسر تمام گھڻو خوبصورت انسان هو، جنھن تي “ڪونرو” نالي هڪ عورت عاشق ٿي پئي، “مائي ڪونرو” هڪ امير ترين عورت هئي، ڪونرو جي ملڪيت به ملڪان ملڪ مشھور هئي، جيئن چنيسر جي سونھن مشھور هئي. چنيسر ۽ ليلان جي ملاقات ڪونرو سان ٿي. ڪونرو ليلان کي اڳئي سڃاڻندي هئي ته هُوءَ چنيسر جي زال آهي. ڪونرو جي ڳچيءَ ۾ هڪ خوبصورت هار پاتل هو. عورتاڻو خيال هو، هار ليلان کي تمام گھڻو پسند آيو. ليلان هار جي گُھر ڪئي ته ”ڪونرو“ جو محبوب، ليلان جو مڙس چنيسر هو، تنھن تي ڪونرو ان هار جي عيوض هڪ رات لاءِ چنيسر جو سودو ڪيو. ليلان نشو ڏئي، چنيسر ڪونرو جي حوالي ڪيو. جڏهن ان ڳالھه جي چنيسر کي خبر پئي ته، چنيسر کي تمام گھڻو ڏک ٿيو. هُن وري واپس ليلان ڏانھن نه وڃڻ جو فيصلو ڪيو. انھي ڏهاڳ ليلان کي چور چور ڪري ڇڏيو. ليلان چنيسر جي هن سُر کي لطيفي راڳ پوئين رات جي پھر ۾ ڳايو ويندو آهي. حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي جا سرُ ۽ سورميون، حقيقت تي مبني آهن، هي ڪا ڏند ڪٿا ناهي، داسڙن جو ڳوٺ، ڊاسوڙي هاڻوڪي ضلعي ٽنڊوالھيار بوڦاڙ شاخ ڪپ تي هڪ ننڍڙو ڳوٺ موجود آهي، جتي هينئر، ٿيٻا، برفت ۽ ٻيون ذاتيون رهن ٿيون. ڪونرو جي ماڙين جا آثار شھدادپور لڳ ڀاڄي موري ۾ ضلعي سانگھڙ ۾ موجود آهن پر ان کان علاوه مرشد سائين جي هر سورمي جو پڪو ڏس اڄ به موجود آهي. سسئي جي ڀنڀور ۽ ڪيچ، هاڙهو جبل، پٻ جبل، مومل جي ڪاڪ ۽ مومل جي ماڙي، مومل جي ڪاڪ جو ڳاڙهو پاڻي اڃان تائين ٿئي ٿو. ديھه ڪاڪ جاتي شھر جي ڀر ۾آهي. مومل جون ٻيون ماڙيون به هيون پر راڻي واري ڪاڪ جنھن بابت سائينءَ چيو آهي اُها موجود آهي. جوڳين جا آستانا، سامونڊين جا ٻيڙا، نوريءَ جي ڪينجھر، دودي ۽ چنيسر جي جنگ جو ميدان، ماروي جو کوهه، ڪيڏاري جي ڪربلا اڄ به موجود آهي. الغرض هر اُها ڳالھه جيڪا سائينءَ جن ٻڌائي آهي، ان جو پڪو اھڃاڻ ڏنو آهي. شاهدي ڏني آهي، ليلان جھڙي لالچ محبوب انسانن کان پري ڪري ڇڏيندي آهي.
مڻئي مٿي جي هئا، تن چٽن ڦريم چت
هار کٽينديس هوڏ سين، نيبھه، ٿينديم نت
ڪونرو جو ڪرت، مونھان مٿانھون ٿيو.
جئين ڪونرو جي گلي ۾ پاتل هار جي چَٽن، ميناڪاري سان ٺھيل هار جي سونھن ليلان کي وڇوڙو ڏئي، ليلان کي سندس مڙس کان پري ڪري ڇڏيو، اهڙيءَ ريت انسان به انھي ڪوڙي هار يعني ملڪيت جي پويان گھڻو وقت وڃائي ڇڏي ٿو. ڪجھه ٽائيم هار کٽڻ جي راند ۾ وڃائي ٿو، پر گھڻو وقت انسان چنيسر کي پرچائڻ ۾ لڳائي ٿو. چنيسر، پنھون، راڻو، ڏاتار، سمون جھڙا نالا مالڪ سائين تي حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي جن رکيا آهن. خالق اڪبر جا ته 99 نالا آهن، پر لطيف سائينءَ جن ته انھن نالن کانسواءِ ٻيا به هي نالا سڏيا آهن، پر اڄ به ڪافي انسان ڪونرو جئيان دولت جي عيوض چنيسر جا خريدار آهن. ڪافي انسان ته دولت جي بدران مالڪ سائين کان پري ٿي وڃن ٿا. وقتِ آخر ۾ انسان جون دانھون ۽ ڪوڪون بي سود ٿي وڃن ٿيون. الله سائين، ڪوڙي دنيا جي پوئلڳن کي هتي به خوار ڪري ٿو، اڳتي ته مالڪ ڄاڻي ڇا ٿيندو؟ وقت وڃڻ کانپوءِ انسان ليلان جيان ليلائي ٿو،
مڻيون وجھان مٽي ۾، هائيءَ هڻان هار
صحبي سُک سيد چئي، ڪريين ڪوه قرار
راجا ريساڻون گھڻو، سٽاڻو سردار
چوڏس چنيسر ڄام جو، ڏيھان ڏيھه ڏهڪار
ٺاڪر اکين ٺار، مڻئي ٿئي مٽين.
ليلان جو آواز سرڪار لطيف جي زباني اچي ٿو ته مڻيي کي مٽي وجھان، هائي يعني ڌوڙ ۾ وجھان، انھي ڪوڙي هار ۾ چنيسر وارو سچو قرار ڪٿي آهي، پر افسوس تو ايترو سستو سودو، انھي پيار کي تون مڻيي تي سوديبازي ٿي ڪرين؟ تنھنجي سوچ تي افسوس، تنھنجي حال تي رحم ٿو اچي، دولت جو تعلق ضرورت تائين آهي، ان کان وڌيڪ هوس ٿي وڃي ٿو. قليل زندگي ۾ ايترو وڏو نقصان ڪري انسان مالڪ کي ڪھڙو منھن ڏيکاريندو؟ دولت جي بدران تو انھيءَ سائينءَ کي ويساري ڇڏيو، جنھن توکي ڪيئن پيدا ڪيو ۽ اعلى مقام ڏنو. حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي جن جي پيغام ۾ صرف ليلان کي مليل ڏهاڳ ناهي، ليلان کان وڌيڪ ڏهاڳ ته شيطان کي مليو، ڇو ته اعلى عُھدي تي فائز هو، عزازيل جيتري عبادت ڪرڻ ناممڪن آهي، الله سائين جي سامھون سيني ساهي بيھي رهڻ جي سزا قيام تائين لعنت جو گلي پاتائين، جنھن بابت سائين فرمائين ٿا ته
تون ڪا تڙڻ جھڙي، توکي تڙي ڪير
وڌم توسين وير، من سکن ٻيون سھاڳڻيون
هر ڳالھه جو مطلب ڪجھه به هجي پر ڳالھه اسان جي سمجھه جو دارومدار ضرور هوندو آهي، تون ته تڙڻ جھڙو ڪون هئين، پر توسان وير انڪري وڌم جئين ٻيو ڪو به فخر نه ڪري. لطيف سائين جن صرف ليلان يا ڪنھن هڪ موضوع تي نٿا ڳالھائين، سائين جن فرمائين ٿا ته
هزارين پسي هار کي، اُٿليون آهين
وان عليڪ لعنتي الى يوم الدين، منجھه فرقان فرمائين
سينو جي ساهين، پيون پوڙي تان ڪري
هزارين هار جي پويان وري ويون آهن، انھن جو اڳتي جو سفر اڻائو آهي. ڏکيائين جو هنن کي منھن ڏسڻو آهي، جيڪي مالڪ سائينءَ سان سينو ساهين ٿا، هُو پوڙي تان ڪري پون ٿا. هنن جي نه هيءَ دنيا نه هُو آخرت ۾ مقام ماڻين ٿا. هميشه هميشه لاءِ پئجي وڃن ٿا. مالڪ سائينءَ سان ڀلا دولت جي ڪا برابري آهي ڇا؟ هُو ته انھن کي به رزق ڏئي ٿو، جيڪي مالڪ کي مڃين ئي ڪونه ٿا. سائين پاڻ مالڪ جي در فرمائين ٿا ته اسان انسان آهيون، اسان جو مالڪ ته تون آهين
ڪوڙئين تنھنجون ڪامڻيون، تون ڪوڙين سندو ڪانڌ
مونکي ڇڏ مَ داسڙا، وڃان نه وڙواند
مون ڳچي پاند، تو چنيسر هٿ ۾
تنھنجون ڪيتريون ئي ڪامڻيون آهن، منھنجو ور ته تون ئي هڪ آهين. مونکي اڪيلو نه ڇڏ ته آئون راهه تان هٽي نه وڃان. منھنجي ڳچيءَ ۾ پاند آهي، اُهو تنھنجي هٿ آهي. دُعا يا صدا سائينءَ جن جي اهڙي آهي، جنھن ۾ انسان جو روح تڙپي پوي ٿو، لڱن کي ڪانڊار وٺي ٿي وڃي، هيٺائين ڪرڻ، عجز ڪرڻ ته ڪو سائينءَ کان سکي. لطيف سرڪار انتھائي اسان کي خوش اصلوبيءَ سان سيکاري ٿو. وفاداري جو بھترين سبق سُر ليلان چنيسر ۾ سائينءَ ڏنو آهي، هن ئي سُر ۾ سائينءَ جن فرمايو آهي ته
الله ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن
مونسين مون پرين، ڀورائي ۾ ڀال ڪيا.
انسان ته اڪثر ڪري غلطي هوشياريءَ جي ڪري ٿو، هو پنھنجي پاڻ کي عقل وارو چالاڪ سمجھدار سمجھي ٿو، اُهو خيال اسان کي ڪيرائڻ جي لاءِ ڪافي آهي. انڪري سائينءَ جن فرمائين ٿا ته الله سائين مونکي ڏاهو نه ڪجان، ڏاهيون ته ڏک ڏسن ٿيون، مونسان منھنجي پرين ڀورائي، اڻڄاڻائي ۾ ڀال ڪيا آهن، وڙ ڪيا آهن، هي ته صدا يا سوال آهي پر عقل ته سائينءَ کي بي انتھا آهي. عقل جا به ٻه قسم آهي، هڪ عقل ناقص، ٻيو عقل سليم، ان تي وري ٻي ڀيري ڳالھائبو، پر لطيف سائين اسان کي هدايت ٿا ڪن پنھنجي پاڻ کي عاقل ۽ ڪامل مڪمل نه سمجھه، ڪنھن سان ٿو سينو ساهين؟ هُو تنھنجن سڀني حرفتن کان واقفڪار آهي، انڪري اڻڄائيءَ وارو رستو اوهان جي لاءِ ڀلو آهي.
مڻئي مٿي موهجي، موڙهي ڪيئي مرڪ
چئي چنيسر ڄام کي، وڌو تو فرق
وري ويئي ورق، آيئي ڏنئن ڏهاڳ جو
اسان کي مڻئي جو موهه موهي وجهي ٿو ۽ ان تي ئي خوشي محسوس ڪندا آهيون. انھيءَ پاڪ ذات سان دنيا جي برابري، اسان نه هتي جا ٿا رهون نه هُتي جا. انهي عمل جي ڪري انسان ڏهاڳ جي ڏک ۾ وڪوڙجي وڃي ٿو. تڪليفن جا انبار اسان جو انتظار ڪن ٿا. شڪايتن جا باب کلي وڃن ٿا. انھيءَ ڳالھه جون اسان وڌيڪ غلطيون ڪريون ٿا، حجت اسان جي لاءِ مصيبت جو سبب بنجي ٿي. جنھن دنيا توکي موهي وڌو آهي اصل اُها دولت آهي ڪانه، هي ڪوڙ جو ڪڻو آهي، هن دنيا جي لالچ ڪيتريون دليون مالڪ کان پري ڪري ڇڏيون آهن،
مڻيون ناهه مڻيون، جو تون پسي هار هرکئين
اصل سندو اڳھين، سندو ڪوڙ ڪڻيون
گھوڙن هڻي گھڻيون، دوستنان دور ڪيون.
انسان ته هر وقت خساري واري زندگي جيئندو آهي، دولت هوندي ته صحت نه هوندي، صحت هوندي ته مفلسي ۾ هوندو آهي، ٻئي گڏ هونديون تڏهن به هن جي واويلا ختم نه ٿيندي. ان ڪري هي غلطين جا انبار ڪري ويھندو آهي. انسان به انڪري ڪنھن نه ڪنھن ڪونروءَ جي ڳلي ۾ پاتل هار جئيان هرکي پوندو آهي. جڏهن موهه ۾ اچي ٿو ته پوءِ ڏهاڳ انجو انتظار ڪري ٿو،
ڏهاڳ به ڏٺوم، سھاڳ به سنڀران
هي معاملو هار جو پوءِ پوڙيوم
چنيسر چيوم، لڏي نڪر لھور مان.