لطيفيات

مونا طور سينا

هي ڪتاب فقير حاجن نظاماڻي جي مضمونن جو مجموعو آھي جيڪي ھن شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريء، راڳ، سُر ۽ ساز تي لکيا آھن. ساجد سنڌي لکي ٿو:
فقير حاجن نظاماڻي جي قلم جي تقويت ۽ رواني خاص طور مُرشد لطيف جي شاعريءَ کي مختلف پهلوئن جي حوالي سان آشڪار ڪرڻ جي مشق نهايت جاندار ۽ هينئين سان هنڊائڻ جهڙي ان ڪري به آهي جو سندس لکڻ جو ڏانءُ بلڪل منفرد ۽ انوکو آهي، هونئن به فقير حاجن جي مضمونن جو محور شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح ۽ لطيف جي لطيف ٻولي ئي رهيو آهي پر سندس لکڻين ۾ شامل سمجهاڻيون، اشارا ۽ اسلوب ايترا ته سهڻي نموني ۽ سادگي سان بيان ڪيا ويا آهن جن کي پڙهندي پڙهندڙ مٿان عجيب سحر جي ڪيفيت طاري ٿي وڃي ٿي، سندس لکڻيون لطيفي رمزن کي سمجهڻ جو آسان ذريعو به آهن ته لطيفي راڳ کي پروڙڻ جو بهترين حل به آهن.
Title Cover of book مونا طور سينا

وحدت جي وِهانءِ، جي ويا سي وڍيا

وحدت جي وِهانءِ، جي ويا سي وڍيا

سِرُ ڍُونڍيان، ڌڙ نه لهان، ڌڙ ڍُونڍيان، سِرُ نانهن،
هَٿَ ڪَرايُون آڱريون، ويا ڪپجي ڪانهن
وحدت جي وِهاۡنءِ، جي ويا، سي وڍيا.

حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ رحه جو لافاني پيغام آسماني وسعتن ڏانهن وٺي وڃي ٿو. مٿئين بيت ۾ مرشد سرڪار جن فرمايو آهي ته سر ڍونڍيان ڌڙ نه لهان! هي بيت هڪ ڪيفيت ڏانهن اشارو ڪري رهيو آهي. پر مرشد سرڪار جي هن بيت جي آخري سٽ ۾ توحيد ۽ وحدت جي معنيٰ ۽ ان جي سلسلي ۾ رهندڙن لاءِ هڪ اعلان آهي. “وحدت جي وهانءِ جي ويا سي وڍيا” انهيءَ ڳالهه کان ڪير به انڪاري نٿو ٿي سگهي؛ جيڪو حق جو طالب ٿئي ٿو، دنيا جي ملامتن جو بار کڻڻ سان گڏوگڏ مالڪ سائينءَ جي بيشمار امتحانن ۾ اچي ويندو آهي. مالڪ جا عجيب رنگ آهن، جن سان به ويجهو ٿيندو آهي، ان جي ظاهري حال تي تمام گهڻو اثر وجهي ڇڏيندو آهي. انهيءَ ڳالهه کان دنيا وارا ناواقف هوندا آهن.
وحدت جي واٽ ۾ ڪي قليل هوندا آهن، باقي ته گهڻا لوڀ جي لهرن ۾ لڙهي ويندا آهن. جيڪڏهن انهيءَ کان به ڪو بچي وڃي ته آتش جي اوڙاهه ۾ وڃڻ ۾ دير نه لڳندي آهي. هيءَ دنيا انيڪ امتحانن مان اسان کي ڏورائيندي آهي. انسان سمجهي يا نه سمجهي، هو هر وقت امتحان ڏئي رهيو هوندو آهي. عجب رنگ مالڪ سائينءَ جا آهن، هر انسان ائين گذاري پيو ڄڻ ته هو اڳ ئي هن دنيا ۾ آيل هجي، هن کي هتي جي خبر هجي، فقيري حال جو به هڪ عجيب روپ هوندو آهي، هو پنهنجي حال، ماضي، مستقبل سان گڏ زندگي، هر خوشي ۽ غم سڀ ڪجهه ڌڻيءَ حوالي ڪري ڇڏيندا آهن. ڏٺو وڃي ته خوشي هڪ ڪيفيت جو نالو آهي. غم به انهيءَ وانگر آهي، ٻئي ڪيفيتون آهن، جيڪي انساني سوچ جي اُڀار سان پيدا ٿينديون آهن. فقيريءَ جو حال مالڪ سائينءَ سان ڳنڍيل هوندو آهي. فقير هميشه ڌڻيءَ جي راضپي لاءِ سڀ ڪجهه قربان ڪري ڇڏيندا آهن. فقيرن انهيءَ ڳالهه جو عملي مظاهرو ڪيو آهي. تصوف جي تاريخ رت جي ڦُڙن سان لکيل آهي. مگر فقير جي سڃاڻپ اها به آهي ته هو ٻَڙڪ به ڪُڇندا ڪونه آهن. جنهن ۾ ڌڻي راضي، فقير به ان ۾ راضي آهي. اسان جو هڪ الميو آهي، جن ڳالهين جو انسان سان تعلق ئي نه هوندو آهي، ان بابت زندگي گذاري، آخري زندگي جي ايامن ۾ شرمساري واري ڪيفيت مان هن دنيا مان هليا ويندا آهيون. مرشد پاڪ جن فرمائين ٿا ته:

تون چئه الله هيڪڙو، ٻئي وائي وسار
تن ۾ تند تنوار، سدا سُپرين جي

هڪ اهڙي ڳالهه سائين فرمائي ٿو ۽ اوهان کي متوجه ڪري ٿو ته تون چئو الله هيڪڙو، انهيءَ ڳالهه مان اندازو لڳايو ته پڙهندڙ کي لطيف سرڪار چئي رهيا آهن ۽ ٻڌندڙن تي اها ڳالهه واجب ڪري رهيا آهن، جيڪڏهن تون منهنجي ڳالهه کي مڃين ٿو ته تون چئو الله هيڪڙو. مرشد سرڪار واضح ڪيو ته الله جي هيڪڙائيءَ سان ڪنهن کي به ڀيٽا نه ڏجانءِ، هو هڪ آهي، هُن ڌڻيءَ جو ڪو ثاني ناهي، هُن بابت دوئي وارو خيال دل مان ڪڍي ڇڏ ۽ انهيءَ جي ورد کي پڪو ڪري وٺ ته تنهنجي لاءِ بهتر، پرينءَ وٽ يا پرينءَ جي پچار واري ڳالهه آهي. حضرت سرڪار مرشد لطيف سائين پنهنجي هڪ هڪ بيت ۾ هڪ هڪ بيت جي اکر ۾ انسانيت لاءِ هدايت جو درس بهترين نموني ڏنو آهي. لطيفي پيغام کي به ڏسڻ لاءِ اڄ جي دور ۾ عقلي پيمانا ماڻهن ٺاهي ڇڏيا آهن، جيڪي انتهائي پريشان ڪندڙ آهن ۽ انهن جي لاءِ دليل گهربل آهن. عشق ۽ عقل جي لڙائي دليلن کان شروع ٿئي ٿي. عقل دليل گهري ٿو، عشق بغير سبب جي به ٿي سگهي ٿو، ان لاءِ ڪا به جهل پل ناهي.

مروئان موران، پکڻان وائي ٻي مَ ڀُل،
هي هلاچو هل، بالله سندو سڄڻين

توحيد جي نظر عام نظر کان مختلف آهي. اوهان کي اهو اندازو ان مهل لڳندو جڏهن اوهان پاڪ ڪتاب قرآن مجيد جي تلاوت دل جي اکين سان ڪندؤ، سرڪار جن فرمايو آهي ته مالڪ سائين اسان کي پڪ ڏني آهي ته آئون اوهان جي ساهه جي رڳ کان به ويجهو آهيان، جتي اوهان ٻه آهيو، اتي ٽيون آئون آهيان، “وفي انفسکم” آهيان. انهيءَ ڳالهه کي سرڪار هن بيت ۾ شامل ڪيو آهي. توحيد جي نظر ۾ وحدت ئي وحدت، جيئن پاڻ هن بيت ۾ فرمايو آهي ته:

ٽيڏي پسي ٽي، هوت آهي هيڪڙو.

لطيفي فڪر ڪو عام فهم ناهي، جنهن سان اوهان پنهنجو عقل ملائي سوچيو، اها اجازت اوهان کي ناهي، جيڪڏهن اوهان کي لطيفي فڪر کي صحيح ثابت ڪرڻو آهي ته اُن آفاقي پيغام کان لطيفي فڪر ٻاهر ناهي، اوهان جو عقلي پيمانو ۽ ظاهري سوچ جي لطيفي فڪر تابع ناهي، اوهان دنيا جا عام انسان آهيو، اسان به انهيءَ سوچ جا قائل آهيون، هر شيءِ کي دليلن سان ۽ عقل سان ثابت ڪندا آهيون، مرشد سرڪار جي شان جو ڪو به احاطو ناهي.

وحدتان ڪثرت ٿي، ڪثرت وحدت ڪُلُّ؛
حق حقيقي هيڪڙو، ٻولئ ٻِئ مَ ڀُلُ؛
هُو هُلاچو هُل، باالله سندو سڄڻين.

سُر ڪلياڻ جي شروعات ته مرشد سرڪار حمد و ثنا کان ڪئي آهي، پر ان ۾ شان مصطفيٰ صه پڻ بيان ڪيو آهي. انهيءَ منزل کانپوءِ توحيد جي هڪ اهڙي وادي ۾ سرڪار اهڙو گهميو آهي جو ان کي اسان پنهنجي عقل آهر ڳولي ته سگهون ٿا پر ان تي ڪنهن حتمي فيصلي جي صلاحيت نه ٿا رکون.
سائين فرمائي ٿو ته وحدت مان ڪثرت ٿي پئي، يعني هيڪڙائي مان گهڻائي ٿي پئي، سڀ هيڪڙائي ڌڻيءَ جي آهي، ٻئي ڪنهن به رستي تي ڀلجي متان وڃين. مالڪ جو قسم ته هي سمورو هُل انهيءَ پرين جو آهي. حضرت مولانا جلال الدين رومي بلخي جن ائين توحيد جي نظريي تي بحث جامع ڪيو آهي.

خود ڪوزه، خود ڪوزه گر، خود گِل گل ڪوزه

هن شعر ۾ رومي جن فرمايو آهي ته خود (پرين) تان خود ٿانون کي ٺاهيندڙ، خود ٿانون جي مٽي به پاڻ آهي. مرشد سرڪار جن فرمايو آهي ته:
پاڻهين جل جلالہ، پاڻهين جان جمال،
پاڻهين صورت پرين، پاڻهين حسن ڪمال،
پاڻهين پير مريد ٿي، پاڻهين پاڻ خيال،
سڀ سڀوئي حال، منجهان ئي معلوم ٿئي.

الله تعاليٰ جي ولين جو خيال ۽ رستو هڪڙو ئي هوندو آهي علائقا ۽ ٻوليون ڀل مٽيل هجن.

پاڻهي ڏي سنيهڙا، پاڻهي سلطان
يا
پاڻهي خلقي خوب، پاڻهي طالب تن جو

لطيفي فڪر توحيد جي انهيءَ واديءَ کي جهاڳيو آهي، جنهن جو اڳ فقير درويشن احوال ته ضرور ڏنو هو پر انهيءَ ڳالهه کي ائين کولي نه ٻڌايو هو. لطيف سرڪار جن فرمايو آهي ته وحدت ۾ مالڪ هڪ ئي آهي، ان جو ڪو به شريڪ ناهي، هن جو ڪو به ثاني ناهي.
سو هي، سو هو، سو اجل سو الله،
سو پرين سو پساهه، سو ويري سو واهرو
لاکيڻي لطيف جي نظر، عام جي نظر کان گهڻو اڳتي آهي، هر ڳالهه کي انتهائي شفقت واري انداز ۾ سمجهائين ٿا. حق جي طالب کي اها واٽ ڏسين ٿا،
سوئي هيڏانهن، سوئي هوڏانهن، سوئي من وسي
سوئي سو پسي، تنهن سندي سوجهري.
فرمايو اٿن، اهو ئي هيڏانهن آهي، (ڌڻي پاڻ ئي آهي) اهو هوڏانهن به آهي، اهو ئي من ۾ وسي ٿو. اهو ئي پاڻ پنهنجي سوجهري ۾ پاڻ کي پسي ٿو. مرشد سائين پنهنجي خيالن جو اظهار بيتن ۾ اهڙي انداز ۾ ڪيو آهي جو انهيءَ ڳالهه مان روح جي خبر چڱيءَ ريت پئجي ٿي وڃي.

پڙاڏو سو سَڏُ، وَرُ وائِيءَ جو جي لَهِين؛
هُئا اَڳَهِين گڏ، ٻُڌڻ ۾ ٻه ٿيا.

سرڪار فرمايو ته آواز ۽ ان جو پڙاڏو؛ يعني آواز ته هڪ هو ان جي پٺيان هڪ پڙلاءُ پيدا ٿئي ٿو، اهو به ان آواز جو آهي، هو هڪ آهن، انهن ۾ ڪو به فرق ناهي، پر هو ٻڌڻ ۾ ٻه ٿا لڳن، حقيقت ۾ هڪ آهن. هي هڪ رمز جو راز آهي. جنهن لاءِ انسان ۾ اها حقيقي ڳالهه هجڻ لازمي آهي، جنهن ڪاڻ هي کيل متل آهي.

ڪوڙين ڪايائُون تُنهنجيون، لِکَن لَکَ هزارَ؛
جِئُ سڀڪنهن جئَ سين، دَرسن ڌارون ڌَار؛
پِريَمِ تنهنجا پارَ، ڪهڙا چئِي ڪيئن چوان.

تنهنجون لکين هزارين ڪروڙين، پر ان کان به وڌيڪ ڪوڙين ڪايائون آهن، جيءَ ته سڀ ڪنهن جيءَ سان مليل آهي، (اهو مالڪ ٿو وسي) پر هر ڪنهن جو ديدار الڳ الڳ آهي. اوهان جو اهڃاڻ، اوهان جون نشانيون الڳ الڳ آهن، ان جا پار (ڏس) ڪهڙا چئي ۽ ڪيئن چئجن. بزرگن، مالڪ جي وحدانيت ۽ هيڪڙائيءَ جا راز سائين کوليا آهن. پر هر ڳالهه ڪنهن کي سمجهائڻ ضروري ڪونهي، جنهن جو جيڪو فهم هوندو، اهو اُتي هوندو، انهيءَ جي پيماني واري ڳالهه هو سمجهندو، پر ڳالهه ڪرڻ وارن ڳالهه ڪري ڇڏي آهي، عقلي دليل ۽ انساني سوچ ۾ سڀ ڪنهن کي سڀ ڳالهيون هڪ جهڙيون سمجهه ۾ نه اينديون آهن.
فقير ڪنهن ٻولي يا ڪنهن علائقائي حدن جا محتاج نه هوندا آهن، انهن جا رابطا بغير سرحدن جي هوندا آهن. خيال جي ڪا به سرحدي حد نه آهي، خيال جو پروان اعليٰ ۽ افضل آهي، هو ڪڏهن ڪٿي ته ڪڏهن ڪٿي هوندو آهي.

سڀڪا پريان ڪُون پُوڄي؛
نينهن نيڻين، ڳُڻُ ڳالھ وو.
جا چِتايم چِتَ ۾، سڄڻ سا ٿو ٻُجھي؛
لات جا لَطِيفُ جي، سَڏُ تنهنجو سُڄي.

سڀڪا پنهنجي پرين جي پوڄا ٿي ڪري، هيءَ ڳالهه نينهن جي آهي، يعني عشق اعليٰ آهي، جيڪا مون پنهنجي اندر ۾ ڳالهه رکي آهي. انهيءَ کان ڌڻي پاڻ واقف آهي. لات جيڪا لطيف جي آهي انهيءَ جو سڏ سُجهي پيو الاپجي پيو.