لطيفي ذڪر
کاهوڙين “خفي” کان سوجھي لڌو سبحان
عاشق اهڙين اکرين، لنگھيا لامڪان
هُو ۾ گڏجي هُو ٿيا، بابو سي بريان
سڀوئي سبحان، آيو نظر ان جي.
هتي کاهوڙي لفظ جي معنيٰ آهي جفاڪش، پر اُهي جفاڪش جيڪي مالڪ سائين جي تلاش لاءِ زندگي وقف ڪن ٿا، خفي کان انهن سبحان ڳولي لڌو آهي. “خفي” ذڪر جو قسم آهي، ذڪر جا ته ٻيا به ڪيترا ئي قسم آهن پر انهن مان مشھور هي قسم آهن، جَلي ذڪر، خفي ذڪر ۽ مراقبي جو ذڪر وغيره. جلي ذڪر زبان سان وڏي آواز سان ڪيو ويندو آهي. خفي ذڪر خيال سان ڪجي ٿو ۽ مراقبي جو ذڪر هڪ صاف سٿرو ڪپڙو پاڻ مٿان پائي ڪيو ويندو آهي. مراقبي جي ذڪر ۾ مرشد جو تصور قائم ڪيو ويندوآهي. مراقبي جا به قسم آهن، جن بابت وري ڪڏهن ٻئي ڪنھن وقت تفصيل سان لکبو. اسان جي سنڌ ۾ هي چار مشھور صوفي سلسلا آهن، پر لطيفي طريقي بابت اسان جي ماڻهن کي گھٽ معلومات آهي.
پھريون صوفي چشتي طريقو، ٻيو صوفي سھروردي طريقو، ٽيون صوفي نقشبندي طريقو، چوٿون صوفي قادري طريقو آهي ۽ پنجون صوفي لطيفي طريقو. هنن صوفي سلسلن کانسواءِ ٻيا به صوفي طريقا آهن پر مشهور چار آهن، مثال طور مالامتي صوفي جنهن جو مشهور بزرگ ذوالنون المصري باني آهي. ابن تعفور بسطامي به انھي مالامتي سلسلي جو پيروڪار آهي. لطيفي طريقي ۾ هنن سڀني طريقن جو نچوڙ سمايل آهي. شريعت، سماع، ذڪر، راڳ، مراقبو ۽ مالامتي صوفين جو طريقو به شامل آهي.
جي ڀانئين جوڳي ٿيان، حال فقيرن جو هيء
هُو گار ڏيئي گوءِ مان، تون جوڌون چئو جيء
ڪاوڙ جا قلوب جي، پاڻي وانگر پيء
سندو سورن سيء، لڳئي ڪونه لطيف چئي.
پھرين صوفي چشتي طريقي جو تعلق خراسان سان آهي. هي سلسلو ابو اسحاق سان وابسته آهي، هي فقير ممشاد دينوري جو مريد ۽ خليفو پڻ هو. فقير ابو اسحاق جي وفات جو سال 392 هجري بمطابق 940عآهي. صوفي چشتي طريقي ۾ الله الله جوذڪر ڪيو ويندو آهي، هن صوفي طريقي ۾ راڳ قوالي پڻ چيو ويندو آهي. ذڪر ۽ فڪر جا قائل فقير روز به روز صوفي قوالين جون محفلون مچائي روحاني تسڪين جي لاءِ قوالي جو سماع ڪندا رهندا آهن. فقيري زندگي ۾ آرام کان وڌيڪ الله جي ذڪر کي اوليت ڏني ويندي آهي، جيڪي جَھرن جھنگن ۾ زندگي گذاري خالق اڪبر جي رضا تي راضي رهن ٿا، جيئن سائين جو هيٺيون بيت آهي ته
جُھد ڪيائون جبلين، لِڪي منجھه لَڪن
سجايا دم عمر جا، کنيا کاهوڙين
پر ۾ پساهن، هليائون حق ڏي.
ٻيو صوفي سھروردي طريقو: هن طريقي جا باني حضرت شھاب الدين سھروردي ۽ سندن مرشد حضرت شيخ عبدالنجيب عبدالقادر سهروري آهن، اهو دور 1153ع کان 1191ع وارو آهي. سندس ڪنيت ابوالنجيب ۽ لقب ضياالدين ۽ جنيب الدين هو. پاڻ سن 491 هجري ۾ سھرورد ۾ ڄاوا ۽ سن 568 هجري۾ وصال ڪيائين. سڄي زندگي الله تعالى جي لاءِ عبادت ڪندا رهيا. سھروردي طريقي ۾ ساهه کي بند ڪري الله الله جوذڪر ڪيو ويندو آهي ۽ قرآن پاڪ جي تلاوت وڏي آواز سان ڪندا آهن. هن سلسلي ۾ جَلي ۽ خفي ٻئي ذڪر رائج آهن. شرعي ڏس ۾ هي فقير تمام گھڻا محتاط رهن ٿا. محفل سماع جو رواج سھروردي طريقي۾ تمام گھٽ آهي. هن سلسلي وارن فقيرن جي طبيعت جلالي هوندي آهي. صوفي سلسلن ۾ فقيرن خانقاهون جوڙي ادارن جيئان درس ڏنا. جيئن انسان کي اصلي حقيقي راهه ملي سگهي. فڪر جي راهه جا فقير هميشه ٻين ڪاڻ جيئندا آهن. فقير پنھنجي نفس تي قابو پائڻ لاءِ دنيا جي لاهن چاڙهن کان الڳ رهن ٿا، پر هميشه ائين نه هوندو آهي، هُو مشاهدا ڪري ٻين تائين بھتري جي راهه هموار ڪندا آهن.
کرڪڻا لاهي، سک نهستا ڪڏهين
اوسيئڙو آهي، کاهوڙين اڳين پنڌ جو
ٽيون صوفي نقشبندي طريقو: هن صوفي طريقي جو اڳواڻ حضرت بھاؤالدين بخاري نقشبندي آهي، سندس پيدائش نومبر 1327ع تي ٿي ۽ وفات 21 فيبروري 1390ع ۾ ٿي. نقشبند لفظ جي معنى مصوري مان ورتل آهي، ان جو مطلب آهي ته روحانيت جو بھترين نقشو چٽيندڙ. هن صوفي سلسلي ۾ شريعت جو خاصو خيال رکيو ويندو آهي. نقشبندي فقير مراقبو به ڪندا آهن. تسبيح جي ذريعي ذڪر پڻ ڪيو ويندو آهي، ان سلسلي ۾ الله الله جو ذڪر ۽ سبحان الله جو ذڪر ڪيو ويندو آهي،
پيو جن پرو، گنجي ڏونگر گام جو
ڇڏي کيپ کرو، لوچي لاهوتي ٿيا.
چوٿون صوفي قادري طريقو: هن صوفي طريقي جو باني حضرت شيخ ابو محي الدين ابو محمد عبدالقادر ابن ابي صالح موسى جيلاني آهي. سندس ولادت مبارڪ 490 هجري بمطابق 1077ع ۾ ٿي ۽ سندس وفات561 هجري ڌاري ٿي. قادري طريقي ۾ به ٻه طريقه آهن، پھريون قادريه عاليه ۽ ٻيو قادري طريقو. هن سلسلي ۾ سَت ذڪر جا طريقه آهن، لاالله، الاالله، الله هُو، هُوهُو،جا ذڪر ڪيا ويندا آهن. مراقبي جي به هن سلسلي ۾ تمام گھڻي اهميت آهي. هن سلسلي ۾ سماع ۽ قوالي جو رواج نه آهي.
ميران شاهه مدد ٿي، محي الدين ملھي
آهي عبداللطيف جو وسيلو ولي،
حَسني پير هلي، ڪر ڪا ماڙ مريد تي
پنجون صوفي لطيفي طريقو: حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جن 1102 هجري ڌاري ڀنئين پور ۾ ڄاوا ۽ 63 ورهين جي ڄمار ۾ 14 صفر تيڀٽ شاهه ۾ وصال ٿيو. لطيف سائين کان اڳ سنڌ ۾ پيري مريدي جا سلسلا ته هئا، پر روحاني تعليم جو ڪو به مڪتب نه هو. سنڌي ٻوليءَ جا لطيف سائين اڳ ٻيا به ڪيترائي شاعر ٿي گذرايا آهن. انھن شاعرن جا هٿ فڪر لطيف جي قدمن تائين به نه پھچي سگهيا آهن، نه وري ڪنھن جا پھچندا. لطيف سائين جي شاعري الھامي پيغام آهي. جيئن مٿي ذڪر ڪيل صوفي سلسلا هڪ ٻئي مان نڪتل آهن، اهڙي طرح لطيفي طريقو قادري جو حصو ته آهي پر لطيفي سماع، لطيفي راڳ، احديت جو ذڪر اڳ قادري طريقي ۾ نه آهي. انھي ڳالھه مان ثابت آهي ته لطيف سرڪار جو طريقو نج پنھنجو صوفي احديت جو طريقو آهي، جنھن کي اوهان لطيفي طريقو به چئي سگھو ٿا. سائين جي سماع جي ذڪر ۾ شاهه سائين جا فقير پھرين احديت جي ذڪر “ها احد”۽ “الله احد” جون ضربون هٿ مٿي ڪري دل ڏانهن اشارو ڪري ذڪر ڪن ٿا. راڳ ۽ سماع ۾ گڏ سڀ کان پھرين شريعت جو خيال رکيو ويندو آهي. راڳ سکڻ لاءِ لازمي هوندو آهي ته اوهان شريعت جا پابند هجو. شريعت جو خيال رکڻ لاءِ جماعت ۾سائين جي طرفان فقير مقرر ٿيل هوندا هئا ته جيئن نون فقيرن کي شرعي آداب سيکاري سگھجن، ذڪر جي وائي وارو طريقو به اڳ ڪنھن فقير متعارف نه ڪرايو هو. لطيفي جماعت ۾ پيار محبت جو وڏو هٿ آهي. هڪ ٻئي جي عزت ڪرڻ، سڄڻ، سڄڻ ڪري پڪارڻ عام آهي. لطيفي جماعت جا فقير اڳ سڀ وڏي اوطاق تي رهندا هئا. جيڪي پنھنجي سموري زندگي آخري ڏينھن تائين وڏي اوطاق تي گذاري پنھنجي مرشد سان وفا جو درجو مٿاهون ڪري ويا. سائين جو سماع، ذڪر، راڳ اڃان تائين قائم آهي. هن لطيفي سلسلي جو تعلق انسان کي مالڪ سائين سان ملائي ٿو. لطيف سائين جي طريقي ۾ اهم ڳالھه اِها آهي ته قادري طريقي ۾ راڳ نه هو. جڏهن ته دنياوي راڳن ۾ نفساني اُڀار اچي ٿو. لطيفي راڳ جي تندن جو تعلق روح سان آهي، دنبوري جي تندن ۾ “تون” “تون” آواز انسان جي دلجي صفائي ڪري ٿو.
قوت ڪڙائيا ڪاپڙي، بُک چکيائون بوءِ
ويا نيرانا نڪري، جوڳي منجهان جوءِ
اَوَسر آجا اُوءِ، اُٺي گوندر گڏيا.