توتي لڄ لطيف، هن منهنجي حال جي
حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي سُرن ۾ الله جي توحيد کان وٺي غريب جي لڄ ۽ ليهه جو به سائين تمام گهڻو خيال رکيو آهي. ڪڏهن سائين سسئي جو صلاحڪار، ڪڏهن خود سسئي، ڪڏهن پنهون پاڻ ٿئي ٿو، سائين جي موضوعاتي شاعري هوندي به غير موضوعاتي لڳندي آهي. ڪڏهن پنهون الله کي چون ٿا ته ڪڏهن وري الله تعاليٰ جي محبوب حضور اڪرم صه کي پنهون چون ٿا. ڪٿي آري ڄام الله کي چون ٿاته ڪٿي سسئي کي دنيا جا سور سڏين ٿا. مطلب ته تمثيل نگاري جو عروج لطيف سائين جي فلسفي ۾ تمام گهڻو ملي ٿو. لطيف سائين جي شاعري ۾ ڪا به ڏند ڪٿا نٿي ملي. شاعري هڪ اهڙي صنف جو نالو آهي، جنهن جي وسعت سان هڪ بيت، شعر ۽ ڪلام ۾ ڪافي موضوعن جي نشاندهي ڪري سگهجي ٿي. سائين جي ڪلام ۾ هڪ عجيب ڪيفيت آهي. جنهن جي پڙهڻ سان انسان جي اندر مختلف ڪيفيتون ۽ حالتون جنم وٺن ٿيو. جهڙوڪ مارئي سُر پڙهندا ته اوهان خود کي مارئي سمجهي ويندا، سسئي پڙهندا ته پاڻ کي سسئي جيئان جاکوڙيندڙ ڪردار سمجهڻ لڳندا. مطلب ته هر سُر اسان جي رهنمائي ڪندو آهي. انسان هميشه بهتري جي طرف سوچيندو آهي. ڀل هو ڪهڙو به ڪم ڪندڙ ڇو نه هجي. سسئي جو نالو لطيف سائين هڪ سوچ جي نانءُ طور ڏنو آهي. ماروي جي مضبوطي عمر بادشاهه جي قلعن ۾ ڏار وجهي ڇڏيا هئا. سسئي هاڙهي کي ساڙي ڇڏيو. مومل جي ڪردار خود کي امر ڪرڻ لاءِ پاڻ کي باهه ڏئي ابدي زندگي ماڻي ورتي. لطيف سائين جي سُر سارنگ کي پڙهڻ سان مينهن وسڻ وارو احساس اندر ۾ پيدا ٿئي ٿو ۽ جهڙالي موسم پيدا ڪري ڇڏي ٿو. ڪيڏاري جي ڪوڪ ڪنن تائين لطيف سائين پهچائي ٿو. فقيرن جا حال احوال ڏيندي مرشد سرڪار حقيقي رازن کان واقفيت فراهم ڪري ٿو. جوڳين جي ڪپڙن کي ڏسو انهن جو مقام انتهائي اهميت وارو نظر اچي ٿو. انهن جي گودڙين ۾ گل پوتل هوندا آهن. سڀني سُرن ۽ بيتن تي بحث هڪ وڏي ڳالهه آهي پر اسان اڄ لطيف سائين جي سُر ڌناسري بابت ڳالهه ڪنداسين. جنهن بابت هر ڪنهن ڏاهي مختلف راءِ ڏني آهي. آزاد خيالي هر ڪنهن جو اولين حق آهي. انسان آزاد ڄائو آهي. آزاد رهي ٿو پر انهن سڀني ڳالهين کان انساني خيال جي پرواز آزاد آهي. ڪيترن جيلن ۾ انسانن کي ڇو نه قيد ڪيو وڃي پر انساني سوچ تي ڪير به پابندي وجهي نٿو سگهي. هر ڪو وس وارو آهي. ڪير ڪيئن به سوچي سگهي ٿو. هن تي ڪو ٻيو اثرانداز نٿو ٿي سگهي. اڄ جو هي مضمون اسان لطيف سائين جي ان سُر بابت لکي رهيا آهيون جنهن تي اڳ ۾ ڪافي بحث ٿيل آهي. هي اُهو سُر ڌناسري آهي جنهن بابت الڳ الڳ رايا ملن ٿا. سُر ڌناسري جو پهريون بيت ئي اسان لاءِ چئلينج جوڳو آهي. اُهو بيت هيٺ ڏجي ٿو.
توتي لڄ لطيف، هن منهنجي حال جي
ڪينهي ٻيا قريب، ڌاران تو دوست مون
هي ٻيو بيت به اهڙو ئي آهي جنهن کانپوءِ وڏا بحث ڇڙن ٿا. جيئن پهرين ڪافي ۾ آهي ته توتي لڄ لطيف، عام سوچ جيڪڏهن رکجي ته هو اهو سوچيندو ته هي بيت ڪنهن ٻئي فقير يا شاعر جو چيل آهي پر ائين ناهي. فقيرن جي شاعري ۾ به ڪمال آهي. آخر ڇو نه هجي؟ هو فقير ڪهڙي سلسلي جا آهن؟ الله تعاليٰ جا نالا ته بيشمار آهن پر 99 نالن ۾ يا لطيف جو نالو واضح آهي. جيئن ته تمر سائين جو هڪ بيت آهي ته.
اکيون پير ڪري، هلج هنيئن ساڻ
هن منهنجي حال جي، ڄام توکي ڄاڻ
“ڀٽ ڌڻي” بچا ڪرين، توکي پريم پاڻ
ڪر سبب مونهين ساڻ، قرض لاهه قبي ڌڻي.
تمر سائين جن فرمائين ٿا ته ڀٽ ڌڻي يا قبي ڌڻي واضح لڳي ٿو ته هي بيت ڪنهن ٻئي فقير جو آهي پر اڳئين بيت جو موضوع الڳ آهي. هو هڪ ئي وحده لاشريڪ کي پڪاري ٿو. هي شاعر جي شاعري جي ڪمال واري جاءِ آهي. هن بيت ۾ سندس نالو ۽ مالڪ جو نالو يڪذات ڪري ٿو. لطيف سائين فرمائي ٿو ته اوهان تي منهنجي لڄ جي رک آهي. اوهان سواءِ ٻيو ڪير به ناهي. واقعي آهي به ائين. مالڪ پاڪ کان سواءِ ٻيو وسيلو نه آهي. سائين جي شاعري ۾ اڪثر عبداللطيف، اديون عبداللطيف وغيره چيو ويو آهي پر جتي به فيصلائتو مرحلو اچي ٿو اتي پاڻ لطيف به شامل ڪيو اٿن. اسان انهي موضوع جي ان پهلو تي خاموشي اختيار ڪريون ٿا ته ڌناسري جي معنيٰ ڌُن مان نڪتل آهي. هن سُر کي ڳائڻ جو وقت سُر ماروي کانپوءِ جو آهي. هن سُر ڌناسري ۾ قلمي نسخن ۾ ٻين فقيرن جا بيت به شامل آهن. ها لطيف سائين جي شاعري ۾ ٻين فقيرن جا بيت به ملن ٿا.
ڪاتب جيئن لکن واري ڳالهه آهي. اسان جي اکين جي پٽي ته خبر ناهي ڪير اچي لاهيندو. ڏسي ڪري به منهن موڙڻ وارو فارمولو آهي. جنهن ڪمزوري جا نشان اهي آهن ته اسان گذريل ٽي سئو سالن کان صرف حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي پيغام جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ ۾ پورا آهيون. ڪو به ادارو هن عالمي فڪري سوچ واري ڪم جي مالڪي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. اخبارن جا آرٽيڪل لکي، ريسرچ آرٽيڪل پڙهي، ڪتابن جا جُلد چاڙهي، پنهنجي ادائگي محسوس ڪريون ٿا. لطيفي موضوع عام موضوع ناهي، هنن بيتن تي مڪمل انسٽيٽيوٽ ٺهڻ گهرجي. سائين جي سُرن کي موسيقي سان لاڳاپيل سمجهي اسان منجهي پوندا آهيون. ان کان علاوه اشتقاق ڪري بيت جي معنيٰ ڪرڻ ۾ به اسان ماهر آهيون. راڳن ۽ آوازن ۾ به اسان سائين جي شاعري جي تور تڪ ڪريون ٿا. جڏهن ته سائين جو ڪلام الهامي ڪلام آهي. هن ڪلام ۾ ڪنهن به قسم جي تقابلي جائزي جي گنجائش ناهي. آهي بيت ته بس آهي واري ڳالهه ته نٿا ڪريون. سٽن جي زيرن زبرن موضوع جي ماڳن مڪانن تي بيهي رهون ته ڇا ٿيندو؟ اسان کي تاريخ ته ملي ويندي پر سائين شاعري جي روح بابت ڪا به ڄاڻ نه ملندي. ان لاءِ ضروري آهي ته اهم ڪم ڏانهن ڌيان طلبي ڪجي ته بهتر ٿيندو. سائين جي ڪلام ۾ مالڪ سائين کي سڏ ۽ سنيها هر جڳهه تي موجود آهن. سُر ڪلياڻ کان وٺي هر سُر ۾ سائين جن عجز ۽ نياز سان پيش اچن ٿا. اسان وٽ لطيفي رسالي جي ڇنڊ ڇاڻ ڪندي ڪندي، ترجمو ڪندي ڪندي، لطيفي فڪر کان علحيدگي ٿي وئي آهي. جيڪا ٿيڻ نه گهرجي ها ته سائين جي ڪلام کي گڏ ڪرڻ جو ڪم ڪنهن اداري جي حوالي ڪري اُهو بحث ختم ڪرڻ گهرجي ها. پر ائين نه ٿيو. اُهو اڄ به ممڪن آهي. سُر ڌناسري سائين جو اُهو سُر آهي جيڪو سُر ماروي کان پوءِ آلاپيو ويندو آهي. هن سُر جي قلمي رسالن ۾ ڪجهه بيت به آهن. پر سائين جي پياري فقير تمر جي شاعري اعليٰ شاعري آهي. اُها شاعري سُر رامڪلي، سُر آبڙي ۽ سُر ماروي ۾ به شامل آهي، جنهن جا ڪجهه بيت ملن ٿا.
هُو ڀُنگا، هُو ڀيڻيون، هُو چانگون چيلن
بيشڪ ڀٽون لنگهي، کنيون پرتي پنهوارن
تنين ڪيا ”تمر چئي“، ڪاڻان منجهه ٿرن
ڏئي وڇوڙو ورهن اُٺي ويئڙا اُڪري
اهڙي ريت ڳالهه ڪبي ته، تمام گهڻو وقت درڪار آهي. اسان سُر ڌناسري بابت ويچار ونڍينداسون.
ميران شاهه مدد ٿي، محي الدين ملهي
آهي عبداللطيف جو، وسيلو ولي
حسني پير هلي، ڪرڪا ماڙ مريد تي
ميران شاهه تون مددگار ٿي، تون ولين جو وسيلو آهين. اوهان حسني حسيني خاندان مان آهيو. مريد جي تون مدد ڪر. شاهه سائين ڪٿي ته پنهنجي پاڻ کي به ٻڌائي ٿو ته اوهان بغداد جا فقير آهيو. آئون سنڌ جو فقير آهيان.
پلئه تنهنجو پير، ورتو سون، شاهه عبداللطيف چئي
لڳاسون لغام جي، دليون دستگير
تون بغدادي بغداد ۾، اسين سنڌ فقير
جو اوسيئڙو امير، سو غم گيلاني ڪٽين
سائين جي پيغام جو رُخ ڪهڙي ريت ڏٺو وڃي ٿو ان جو پيمانو سائين پنهنجي ڪلام ۾ خود ڏنو آهي. هڪ بيت، ٻئي جو حامي ٿئي ٿو. سُرن ۾ پروڙن پرکڻ جي ضرورت آهي.
منهن مُناري سامهون، پٽن مٿي پير
پير نه ڇڏي پنهنجا، توڙي ڏڏ ڏڦير
شرف اوهان جي شير، نالائق نوازيا
سائين مرشد ڪري صرف حضرت محمد صه جن کي حضرت علي ڪرم الله وجه الڪريم کي ۽ ان جي اولاد کي ڪري مڃيو آهي. هن بيت تي ٿورو غور ڪجي ته خبر پوندي ته مناره مديني واري سرڪار تي آهن. جنهن بابت سائين فرمائين ٿا اکيون منارن کي ڏسن ٿيون. پير پٽ تي رکيل آهن. پير پنهنجا مريد سڀ گڏ هلائيندو. انهن جو ڪم ڪيترو ئي گهٽ وڌ ڇو نه هجي. هي سرڪار مدني جو ڪمال آهي. جنهن نالائق نوازيا آهن. هن بيت کي فقرا سان منسوب به ڪري سگهجي ٿو پر مناره سرڪار مدينه جي اڱڻ تي آهن. جنهن بابت ٻين شاعرن به طبع آزمائي ڪئي آهي. “اوٺين ڪيا اشاره هوئي مناره مير جا” ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ لکڻي هن سُر بابت لکڻ جو موضوع ڏنو
مديني جا شاهه، سڻ منهنجا سڏڙا
مديني جا گهوٽ، سڻ منهنجا سڏڙا
هن سلسلي جا بيت سُر ڏهر ۾ آهن.
توتي لڄ لطيف، هن منهنجي حال جي
ڪينهي ٻيا قريب، ڌاران تو دوست
ڪيتري نه وڏي ڳالهه آهي، مرشد سائين ته مالڪ در تي هي بيت پڙهي خود کي ڌڻي حوالي ڪيو آهي پر جي هي بيت ڪو فقير پڙهي ته هو خود کي مرشد جي حوالي ڪرڻ وارو فلسفو ٺهڪي اچي ٿو.
توتي لطيف يعني مالڪ جو نالو لطيف آهي. فقير جيڪر انهي بيت جو خيال آڻي ته حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي حوالي خود ڪري رهيو آهي. منهنجو اوهان کانسواءِ بيو ڪير به ناهي. ڪيترو نه توڪل آهي. ڪيڏو نه وڏو آسرو آهي. هو خود کي مرشد جي حوالي ڪري رهيو آهي. سائين ته ايتري وڏي ڳالهه ڪئي آهي. هر پڙهندڙ تي منحصر آهي ته هو ڇا سوچي هي بيت پڙهي رهيو آهي. سائين جن فرمائين ٿا.
ٻيا در تن حرام، هي در جنين ديکيو
جنهن در جو هوندو انهي جو ئي سڏبو. پوءِ ان لاءِ ٻيا در حرام آهن. سُر ڌناسري جهڙيون صدائون ٻين سُرن ۾ موجود آهن پر سائين جي سُرن ۾ بگاڙ آڻڻ کان گريز ڪجي ته بهتر ٿيندو. نه ته اسان اصل خيال کان هٽي وينداسين. سائين جي وائي جون ڪجهه سٽون پيش ڪجن ٿيو.
آهي منهنجي جان تي، پيراڻي پاکر
متان مون کي ڇڏئين، آرياڻي انور
هن وائي ۾ واضح آهي ته سائين جن چون ٿا ته منهنجي جان تي پيراڻي پاکر آهي. مون اوکي وير متان ڇڏئين. اوهان آرياڻي انور آهيو. ان ڳالهه مان ثابت آهي ته سائين پنهنجي رهبر، مرشد، اڳواڻ کي سڏين ٿا. حضرت سيد سائين جن جي زندگي ۽ ڪلام ۾ اسان لاءِ بهترين سبق آهي. جنهن سان زندگي آسان ٿي سگهي ٿي.