لطيفيات

مونا طور سينا

هي ڪتاب فقير حاجن نظاماڻي جي مضمونن جو مجموعو آھي جيڪي ھن شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريء، راڳ، سُر ۽ ساز تي لکيا آھن. ساجد سنڌي لکي ٿو:
فقير حاجن نظاماڻي جي قلم جي تقويت ۽ رواني خاص طور مُرشد لطيف جي شاعريءَ کي مختلف پهلوئن جي حوالي سان آشڪار ڪرڻ جي مشق نهايت جاندار ۽ هينئين سان هنڊائڻ جهڙي ان ڪري به آهي جو سندس لکڻ جو ڏانءُ بلڪل منفرد ۽ انوکو آهي، هونئن به فقير حاجن جي مضمونن جو محور شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح ۽ لطيف جي لطيف ٻولي ئي رهيو آهي پر سندس لکڻين ۾ شامل سمجهاڻيون، اشارا ۽ اسلوب ايترا ته سهڻي نموني ۽ سادگي سان بيان ڪيا ويا آهن جن کي پڙهندي پڙهندڙ مٿان عجيب سحر جي ڪيفيت طاري ٿي وڃي ٿي، سندس لکڻيون لطيفي رمزن کي سمجهڻ جو آسان ذريعو به آهن ته لطيفي راڳ کي پروڙڻ جو بهترين حل به آهن.
Title Cover of book مونا طور سينا

لطيفي دُعا

الله تعاليٰ جي سگهه جو اندازو فقط الله سائينءَ کي ئي آهي، جيئن چاهي تيئن ڪري. رب پاڪ فرمائين ٿا، تقدير جي طاقت جو اندازو به ڪنھن کي ناهي، جيئن رب پاڪ جي لکيل تقدير ۾ هوندو تيئن ٿيندو، پر انھي تقدير کان طاقتور دُعا آهي، جيڪا انسان مالڪ در ٻاڏائي ٿو. دُعا عربي زبان جو لفظ آهي، جنھن جي لغوي معنى آهي التجا، آهه ۽ پڪار. هر دُعا عبادت جي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ الله سائينءَ جي در تي گُھري ويندي آهي. دعا ۾ اندر جون پُڪارون، آهون، رڙيون، خواهشون شامل هونديون آهن. جن جا هٿ نه هوندا آهن، دعا انهن جي به قبول ٿيندي آهي. دعا جو مطلب ارادي جي پختگي آهي. دعا ۾ عاجزيءَ جو هجڻ لازمي هوندو آهي. جيتري هيٺائين هوندي اُوتري ئي دعا جي قبوليت جي پڪ هوندي آهي. نماز کانپوءِ، ذڪر بعد دعا گھري ويندي آهي. انسان پنھنجي احساسن جو هڪ ڀنڊار کولي مالڪ اڳيان ويھندو آهي. انسان هتي مجبور ۽ بيوس آهي، دعائون گھري دل کي تسڪين ڏيندو آهي. اميد ۽ توڪل جي وچ ۾ جيئڻ کي فقراء فقيري عقيدو چون ٿا،

مارو مٽ ملير جا، ويئا راڄ رهي
سيڻ منھنجا سيد چئي، آهن ساڻيھه منجھه صحي
ويڙهچن ويھي، مون تان بند بدا ڪيو.

گُھرڻ جو انداز به ضرور اچڻ گھرجي. اهڙو سائل جنھن جي صدا تي ڏاتار ڏيڻ تي مجبور ٿي پوي، پر اسان کي اسان جي سائينءَ ٻڌايو آهي ته ڏيڻ وارو ته ڏيڻ لاءِ تيار آهي پر گھرڻ واري جو انداز صحيح هئڻ گهرجي. جيڪر اسان کي اُهو طريقو اچي وڃي ته اسان صرف مالڪ جي محتاجي کانسواءِ ڪنھن ٻئي جا محتاج نه هجون ها. حضرت سيد شاهه سائين جن فرمائين ٿا ته،

پنيا در مَ پن، جن پنييءِ پوري نه ٿئي
نانءُ انھي جو ڳھن، جو مودي مائڪن جو

فقير هر وقت مالڪ کي ريجھائڻ لاءِ دعائون گھرندا رهندا آهن. الله سائين جي نبين سڳورن ۽ الغرض ٻين مخلوقن به مالڪ سائين جي در تي ٻاڏايو آهي. امامن سڳورن، اصحابه رسول، ولين، بزرگن، غوثن، قطبن، قلندرن ڌڻي سائينءَ جي در تي دعائون گُھريون آهن. اهڙيءَ ريت اسان جي مرشد سرڪار، هادي، رهبر حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي جن به الله سائينءَ جي در تي بيحد ٻاڏايو آهي. شاهه سائين جن جي فڪر لطيف ۾ دعا وڌ کان وڌ گھري وڃي ٿي. دعايا بيت پڻ سائينءَ جا چيل آهن. سائين جي فڪرِ لطيف ۾ دعا تقريبن رسالي جي سڀني سُرن ۾ موجود آهي. بيتن سان گڏ وايون پڻ چيل آهن. حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي جن جي رسالي ۾ بي انتھا دعايا بيت آهن ۽ سائينءَ جي راڳ ۾ ٻه دعائون گھريون وينديون آهن، هڪ سھڻيءَ جي دعا، ٻي مارويءَ جي. درگاهه شريف تي نماز فرض جي دعا کان پوءِ ذڪر ڪري به دعا گُھري ويندي آهي، ۽ نماز جي آخر ۾ به دعا گھري ويندي آهي. ذڪر حلقي ڪرڻ کانپوءِ به دعا گھري ويندي آهي. سائينءَ جي دروازي کي معمور ڪرڻ يعني بند ڪرڻ مھل به ذڪر ڪري دعا گھربي آهي. صبح جي وقت فجر نماز کان اڳ ۾ دروازي کولڻ مھل به دعا گھري ويندي آهي. ان کان علاوه ذڪر جي وائي کان پوءِ به دعا گھربي آهي. سماع جي ذڪر ڪري ضرب هڻي وڏي اوطاق تي به دعا گھري ويندي آهي، پوءِ جڏھن فقير وڏي اوطاق تان نڪري سماع لاءِ درگاهه جي طرف ويندا آهن ته سماع جي ذڪر ڪرڻ کانپوءِ به سماع وارو فقير دعا گھرندو آهي. الله جي در عاجزي، لطيف سرڪار جي درگاهه شريف تي هميشه جاري رهندي آهي، پر هتي فڪر جو طريقو عام صوفي درگاهن کان گھڻو مختلف آهي. ڏينھن ۾ پنج دفعا نماز ۾ ذڪر کانپوءِ دعا، راڳ ۾ ٻه دعائون، روضي حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي کُلڻ ۽ بند ٿيڻ جون ٻه عائون، حلقي جي دعا، مغرب جي نماز کانپوءِ گھري ويندي آهي. عام طرح سان انسان جي دعا لاءِ ڪو به قانون ٺھيل ناهي پر لطيفي فڪر جي طريقت ۾ دعا جي لاءِ هڪ قانون موجود آهي،

منھنجي مدائين جي، ڪَل پريان پئي
ڪڏهن ڪوسا نه ٿيا، ڏوراپو ڏيئي
ساجن سڀئي، ڍڪيم ڍول ڍلائيون

سائينءَ جن فرمائين ٿا ته “منھنجي عيبن جي مالڪ کي سڀ خبر آهي، پوءِ هُو ناراض نٿو ٿئي، مالڪ سائين منھنجا عيب سڀ ڍڪيا آهن.” اوهان ٿورو غور ڪري ڏسندا ته اسان انسان ته عيبن سان ڀريل آهيون، هي ته مالڪ جا ڪرم آهن، جنھن اسان جا ڏوهه لڪائي اسان کي معاشري ۾ عزت بخشي آهي، نه ته اسان ته پنھنجي عيبن کان واقف آهيون، جيڪو اسان جو حال آهي، پر اسان کي لطيف سرڪار جن ٻڌائين ٿا ته ڪھڙيءَ ريت مالڪ سائين در سوال ڪجن، مقصد جي پورائي تائين انسان مالڪ جي در ٻاڏائيندو رهندو آهي. اسان جي مرشد اسان کي اهڙا ڪيئي، طريقا ڏسيا جن جي ذريعي اسان مالڪِ حقيقيءَ کي راضي ڪري سگھون ٿا، جيئن ته

پائي پاند ڳچيءَ ۾، اڱڻ جي اچن
منھن مدايون تن کي، ڏسڻ سان نه ڏجن
اوڳڻ عيب مٺايون، ڍڪڻ ٿي ڍڪجن
سائين سندا تن، مطلب ميڙوئي ڪرين

جيڪو ڳچيءَ ۾ڳارو پائي تنھنجي در تي اچي ٿو، ان کي معاف ڪري ڇڏ، ان مھل ان جي اڳيان، عيب ظاهر نه ڪر، ان جون ڪميون ڪوتاهيون معاف ڪر، جنھن ڪم لاءِ تنھنجي در اچن، ان جو اُهو ڪم ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪريو. حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي جن جي دعا ۾ ٽه تسبيعون آهن، پھرين تسبيع ۾ الله سائين در صدائون، ٻئي تسبيع ۾ حضور اڪرم صه جن جي وسيلي سان دعا ڪئي ويندي آهي، ٽين تسبيع ۾ شاهه سائين جي معرفت سان الله جي در دعا گُھري ويندي آهي. هتي مڪمل تفصيل لطيفي دعايا بيتن جو ڏيڻ ممڪن ناهي، مختصر مٿي بيان ٿيل آهي، سائينءَ جي دعا هن طرح گھربي آهي، هنن ٽن صدائن سان شروع ٿئي ٿي،

پھرين تسبيع
هٿ کڻجو ! الله جي رحمت ڏي
رب منھنجا پنھنجي ستاري ڪجائين
سوالين جا سوال پورا ڪرين،
جن جا جھڙا موچارا مقصد،
تن جا تھڙا پورا ڪرين محابي پنجتن جي،

بيت
جيڏو تنھنجو نان، ٻاجھه به اوڏيائي منڱان
ري ٿنڀين ري ٿوڻيئين، ڇپر تون ڇان
آئون ڪڄاڙو ڪھان، توکي معلوم سڀڪا

بيت
مَ ڪر ڍول ڍلو، ناتو نماڻيءَ سين
ڪونھي ڪميڻي جو، بگر تو بلو
تنھنجو نان، نلو وٺيو ويٺي آھيان
يا ڪريم به رحمت يا ارحم راحمين

ٻئي تسبيع
الله جي الاهيءَ جو خير، محمد جي بادشاهي جو خير
آل نبي اولاد علي جو خير،
فقراء جماعت جو خير، ساري امت جو خير ڪرين


بيت
جي مان موڙهي مَتَ، تون پاڻ سڃاڻي سپرين
اصل اوائين جا، عيب ڍڪين تون ات
پرين تنھنجي پت، ولھيون ڍڪڻ ولھا

وائي
ڍَڪ ڍَڪيندو، مون نه ڇڏيندو، شفيع شافع سپرين!
انڌا اونڌا آکڙيا، سڀ نڀائي نيندو
وٽان ويچارن تان، داڙون پاڻ دڙيندو
جي ڏوهارين ڏاکڙا، لڪ سي لنگھائيندو
نور ناڪارو نه ڪري، محمد صه منٿ مڃيندو
هِت به حامي هيڻن جو، اڳيان هادي هٿ ڌريندو
طھورا تئين کي، پانڊپ پياريندو
تنبو آڻي تاءَ ۾، عاصين وٽ اڏيندو
داتا دوزخين جو، لينگھو لھرايندو
رَسڻ ويل رَسي ڪري، مشڪ رنگ مٽيندو
رحمته للعالمين، اُهکي اُتي آڳه ٿيندو
اُتي عبداللطيف جو، هادي هٿ جھليندو
به رحمت يا ارحم راحمين، آمين

ٽين تسبيع
ڪريم لطيف جي بادشاهي جو خير،
ڪريم لطيف جي فقرا جماعت جو خير
مئين صاحب جو خير
مئين صاحب جي پٽن پوٽن جو خير،
ڀائرن ڀائٽن جو خير ڪرين،
تن جي صدقي جي آسائو ويسائو آيا آهن
انھن جا مقصد پورا ڪرين محابي پنجتن جي
قرض وارن جا قرض لاهين، عرض وارن جا غرض ڪرين
نالي مٺا بي اولاد ڏجائين،
بي دين کي ڏجائين، بي رزقن رزق ڏجائين
بي ساڃاهن کي ساڃاهه ڏجائين، محابي پنجتن جي
رکي وٺجائين حاڪم جي حڪم کان،
ظالم جي ظلم کان قبر جي ڪھڪاءَ کان
سوکي سڪرات ڪلمي سان لڏائين،
ڪنھنجو محتاج نه ڪجائين محابي پنجتن جي
منھنجا هادي ڏينھن محشر جي،
پنھنجي فقراءَ جماعت ۾ داخل ڪرين واسطي حسين پاڪ جي
فقير گُر جو خير ڪرين، دَلڪ جو پردو ڪرين،
سانگ مَ لڄائين سانگ جي ڍڪ ڍڪجائين
استاد گُر جو خير ڪرين
نالي مٺا ڪکن ۾ لکاء نه وجھين محابي پنجتن جي

آخر ۾ الحمد شريف پڙهبو آهي. هي دعا راڳ جي آخر۾ پڙهي ويندي آهي، هن دعا جو نمونو عام طرح جي دعا جي طريقي کان مٽيل آهي. لطيفي راڳ، لطيفي دعا، لطيفي ذڪر، لطيفي دنبورو، لطيفي فڪر، فقيري لطيفي طريقت پنھنجو مٽ پاڻ مثال آهي. دنبورن جي تندن جي چاڙهن کي لاهي لطيفي فقير وڏي اوطاق ڏانھن وڃن ٿا. هن دعا کانپوءِ راڳ لطيفي جي نشت جي مڪمل ٿيڻ جو اعلان ڪيو ويندو آهي، پر ڪجھه ئي وقفي کان پوءِ هي لطيفي تند تنوار جاري رهندي آهي. هن تند تنوار جو سلسلو گذريل ٽي سؤ ورهين کان جاري ۽ اڳي کان اڳرو آهي. جيئن جيئن شعور کلندو، تيئن تيئن حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي دلين تي بادشاهي وڌي ويندي. لطيفي رنگ ۾ رنڱيل انسان، عام انسانن کان مختلف هوندو آهي.