مديني جا شاهه سُڻ منهنجا سڏڙا
الله تعالى هن ڪائنات جو هڪ اونهو مقصد ۽ مطلب رکيو آهي، جنهن کان هر عام خاص واقف آهن ۽ گهڻا ناواقف. ڪيترائي انسان هن ڌرتي تي آيا دنيا جي ڪمن ڪارين ۾ رهيا ۽ هليا ويا، ڪل نفسن کي موت جو ذائقو چکڻو آهي ۽ سڀ انسان جيڪي زنده آهن واپس الله جي طرف ورايا ويندا. زندگي الله تعالى سڀني کي انمول تحفو ڏنو آهي، ان تحفي جو مقصد تمام گهٽ انسان ڄاڻن ٿا. اسان کي هن دنيا ۾ آڻڻ جو مقصد الله جي عبادت ڪرڻ آهي ۽ پنهنجي خاص نبين جي وسعت سان اسان تي الله تعالى پيغام موڪليا آهن ۽ انهن نبين ۾ سردار آخر زمان حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم کي رحمت اللعالمين ڪري موڪليو آهي. جيڪي پوري ڪائنات جي لاءِ رحمت اللعالمين آهن. حضرت محمد صلعم جن جي زندگي اسان جي لاءِ مشعل راهه آهي. جنهن جي پيروي ڪري اسان حقيقي رستو اختيار ڪري سگهون ٿا. الله تعالى هن ڪائنات کي سهڻي نموني تخليق ڪيو آهي جنهن مان پتو پوي ٿو ته ڪو سبب آهي جنهن جي ڪري هي ڪائنات خلقي وئي. حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جن کي هن دنيا جو ۽ هُن دنيا جو مالڪ مختيار بنائي موڪليو آهي. حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي پنهنجي عشقيه انداز، محبت، پيار ۽ عقيدت سان حضور صلعم جي ساراهه کي اهڙي نموني ڳايو آهي جنهن کي ٻڌندڙ ۽ پڙهندڙ دل سان مڃڻ وارا اصلي حقيقي انسان ٿين ٿا.
وحده لاشريڪ لہٗھ، جن اتو سي ايمان،
تن مڃيو محمد ڪارڻي، قلب سان لسان،
او فائق ۾ فرمان، اوتڙ ڪنهن نه اولياءَ.
حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي پنهنجي ڪلام ۾ حضرت محمد صلعم جا نالا به الله تعالى جي نالن جيان بي انتها رکيا آهن. هي نالا محبت ۽ خلوص جا مينار آهن، سُر ڏهر ۾ حضور پاڪ صلعم جن جو نالو پاڻ جکرو سڏين ٿا.
جکري جيڏو، پرس نه پسان ڪو ٻيو،
افديت ملڪيه محمدي، اقبال جنهن ايڏو،
قادر رب ڪيڏو ڏنو شرف شفيع کي.
جکري جي نالي سان لطيف سرڪار حضور صلعم جي ذات ڏانهن مخاطب آهن. لطيف سرڪار جي عشق جو پيمانو نبي صلعم سان لا انتها آهي. سر سسئي ۾ پاڻ پنهون، آرياڻي، مهندار، سردار جهڙا نالا ڏنا آهن. يمن ۾ ۽ ڪلياڻ ۾ ان کان سواءِ پڻ بيت چيا آهن، جن ۾ ته ظاهر بظاهر آهي، زندگي ۾ پيار جو اظهار شاعر محبت ۽ نفرت سان ڪندو آهي، هر شاعر جو ڪلام هن جي ذات سان منسوب هوندو آهي، جيڪو هن جي دل ۾ هوندو آهي، اهو لفظن ۾ آڻي احساسن جي چادر پارائي عوام جي اڳيان ظاهر ڪندو آهي. جهڙي ريت الله تعالى جا پيغمبر حضرت محمد صلعم آهن ته حضرت محمد صلعم جا پيغام رسائيندڙ سنڌي ۾ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جن آهن، شاهه سائين جن حضور پاڪ جو پيغام هر خاص ۽ عام تائين پهچايو آهي.
اوهان کي لطيفي محبت جو اندازو تڏهن لڳندو جڏهن اوهان حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ڪلام جو مطالعو ڪندئو، جنهن ۾ لطيف سائين حضور پاڪ جي شان ۾ هزارين بيت چيا آهن، هي ڪائنات الله تعالى حضور پاڪ صلعم لاءِ خلقي آهي، جنهن جو مان مرتبو اعلى ۽ افضل آهي، اسان جي ولين ۽ بزرگن پڻ حضور پاڪ جي پيغام کي عام ڪري معاشري ۾ امن، پيار ۽ سهپ جو درس ڏنو آهي، اهڙي ريت شاهه سائين پنهنجي پيغام جو مک موضوع الله جي توحيد ۽ حضور صلعم سان محبت جو رکيو آهي. انتهائي احترام وارن لفظن سان الله تعالى کي شاهه سائين ياد ڪن ٿا ۽ ان جي محبوب ڪريم کي پڻ ياد ڪن ٿا. اهڙي الاهي ۽ آفاقي موضوع تي پاڻ پنهنجي دلي عشق جي اظهار لاءِ بيت چيا آهن تمام انتهائي سمجهه، سوچ ۽ ويچار ڪرڻ کان پوءِ اوهان کي شاهه سائين جي شاعري سمجهه ۾ ايندي، ان جو سبب اهو آهي ته شاهه سائين جو پيغام هر عام شاعر جيان نه آهي. روح جي رمزن سان اوهان شاهه سائين جو پيغام سمجهي ۽ پروڙي سگهندا. شاهه سائين پنهنجي زندگي جو مقصد هر عام ۽ خاص کي حقيقي راهه ڏيکارڻ بنايو، حضور صلعم جي محبت کي دل ۾ سانڍڻ ۽ انسانيت جي ڀلائي بابت گهرو بحث ڪري اهو ثابت ڪيو ته انسانن جي محبت دل ۾ رکي الله پاڪ جي وحدانيت کي مڃي حضور پاڪ صلعم سان محبت ڪري تون اعلى انسان بنجي سگهين ٿو، جنهن جا مثال شاهه جي رسالي ۾ هنڌ و ماڳ ڦهليل آهن.
گذريل ڪيترن سالن کان شاهه سائين جي ڪلام سان عملي وابستگي رهي آهي، جڏهن ته هن فن و طريقت سان نسل در نسل پيوند جڙيل آهي.
ڀلي ڪر ٿيوم هي سڱ ٻاروچن سين،
وڃين ڪيچ ڏٺوم، پٺي لڳي جن جي.
الله جي ڪرم سان مون فقير کي حضور پاڪ صلعم پنهنجي درٻار اقدس ۾ گهرايو، جنهن جا ٿورا آئون لاهڻ ته وڏي ڳالهه پر ڳائي به نٿو سگهان. مسجد نبوي جي صحن ۾ ڇٽين جي ڇانو ته نظر اچي ٿي پر حضور پاڪ صلعم جي روزي مبارڪ جو پاڇو اکين کان اوجهل آهي، اسان امتي ڪيڏا نه خوشنصيب آهيون جو رحمت العالمين جي امت مان آهيون ، جنهن جو ظاهر ۾ پاڇو نه هو مگر قيامت جي ڏينهن حضور پاڪ جي سائي ۾ هونداسين، رحمت العالمين جي رحمت جو نظارو ان وقت نظر ايندو آهي جنهن مهل باب سلام کان لکين ماڻهو سلام لاءِ گذرندا آهن. هر وقت سلام ادب سان پڙهڻ وارا حضور پاڪ جي حضور ۾ پيش ڪندي نظر اچن ٿا ڪنهن جا هٿ دعا لاءِ مٿي هجن ٿا ڪي زارو قطار اوڇنگارون ڏئي ادب سان روئي رهيا هوندا آهن. عجب ماحول جي خاموشي ۾ ڪيفيتون ڀريل هجن ٿيون جنهن جو اظهار لفظن ۾ نٿو ڪري سگهجي. حرم شريف ۾ اصحابي صفا جي ٿلهي تي ٻه رڪعتون نفل پڙهڻ جي خواهش، رياض الجنه (جنت)۾ ساون قالينن تي ٻه رڪعتون ۽ حضور صلعم جي پيراندي کان نماز پڙهڻ جي خواهش هر مسلمان کي هجي ٿي.
پنهل پيراندي مون نماڻي نصيب ٿئي.
الله جي ڪرم سان مون کي حضور صلعم جي پيراندي کان ٻه رڪعتون نماز پڙهڻ جي سعادت حاصل ٿي. فڪر لطيف جو پورو محور حضرت محمد صلعم جي عشق سان ڀريل آهي. شاعر پنهنجي عشق جو اظهار نه ڪري ته هو مڪمل نه ٿي سگهندو آهي.
شاهه سائين هن بيت ۾ فرمائي ٿو ته حضور پاڪ صلعم جي سونهن جو ڪو مد مقابل نه آهي، الغرض حضرت محمد صلعم جهڙو ۽ جيڏو ڪوبه الله سائين نه خلقيو آهي، الله تعالى هُت بي عدد سڪي ٿو، هِت پرين پرواهه ناهي، قرآن شريف جي آيت جو مفهوم آهي ته اي محمد صلعم اوهان کي اسان راضي ڪنداسون. هي ڪائنات جوڙڻ جو مقصد حضور پاڪ جي ڪري آهي جنهن جو مثال شاهه سائين هن بيت ۾ ڏئي ٿو،
جوڙي جوڙ جهان جي، جڏهن جوڙيائين،
خاوند خاص، خلقي محمد مُڪائين،
ڪلمو تنهن ڪريم تي، چٽو چيائين،
انا مولاگ و انت محبوبي ائين اتائين،
ڏکي ڏنائين، ٻئي سرايون سيد چئي.
شاهه سائين جي هن بيت مان واضح ٿيل آهي ته هن ڪائنات کي جوڙڻ جو مقصد ڇا آهي. ظاهر باطن ٻئي سرايون حضور پاڪ صلعم لاءِ خلقيون آهن. مديني شريف ۾ ٻنهي جهانن جي سردار جي شهر ۾ نوَ راتيون منهنجون گذريون، جن احساسن کي آئون لفظن ۾ بيان ڪري نٿو سگهان. عقل ۽ سمجهه کان قصو ان مهل ٻاهر ٿي ويندو آهي جڏهن اوهان رحمت العالمين جي حرم ۾ پهچو ٿا. گهڙي گهڙي ۾ اهڙو اکين جي اڳيان معجزو ٿيندو آهي جيڪو هر ڪنهن کي الڳ الڳ نظر اچي ٿو. الله پاڪ جا نهايت شڪر گذار آهيون جو اسان جهڙن فقيرن جي حاضري به ان پاڪ سرزمين تي لڳي.
ڪٿي مهر علي، ڪٿي تيري ثنا.
ڪٿي اسان، ڪٿي پاڪ سرزمين مديني شريف جي، ڇا قلم کي طاقت ، ڪٿي اسان جي سمجهه ۾ جرئت جو اسان پاڪ حضرت محمد صلعم بابت لکي سگهون. اندر ڳالهين سان ڀريل آهي، پر اهي سڀ ڳالهيون هتي لکڻ مناسب نه آهن. خواهش هئي ته حضور پاڪ صلعم جي ثناگرن ۾ اسان به ثناگر ٿي پئون، هي اسان جي ثناگري قبول ٿئي. حضرت محمد صلعم جي شهر مديني ۾ هڪ ڏينهن پرهه ڦٽي جي ٽائيم مينهن جو وسڻ هڪ عجيب ڪيفيت ڏئي رهيو هو. هر بارش جي ڦڙي اهڙي احترام سان رحمت العالمين جي اڱڻ اڳيان ڪري رهي هئي ڄڻ ته ادب ۽ احترام جو سبب بنجي رهي هئي. افسوس انسان تي جيڪي رحمت العالمين جو احترام نٿا ڪن، بارش کي مديني ۾ احترام سان وسندي هنن اکين ڏٺو آهي، هڪ مينهن ٻيو مدينو ڇا چئجي. مديني شريف جي اڱڻ ۾ احترام ۽ ادب ڀريو پيو آهي ماڻهن جي رش جي ڪري اوهان جو هٿ لڳي يا ڌڪو لڳي جنهن کي تڪليف پهچي اهو ئي اوهان کان معافي وٺي ٿو، عجب ڪيفيت هئي جنهن بابت عقل دنگ رهجي وڃي ٿو. انسان ۾ نفس جو هجڻ ۽ شيطان کي هتي اچڻ جي ڪابه اجازت نه آهي. نفس جو ورغلائڻ ۽ شيطان جو هتي اچڻ ناممڪن آهي.
منجهان مدينو، چوڏس چٽو ڀانئيان.
شهر ته مڪي جو به ڇا چئجي پر مديني جو رنگ گهڻو ڪجهه مختلف آهي. الله تعالى ڪبريائي ۽ طاقت ان مهل اوهان کي نظر اچي ٿي جيڏي مهل احرام ۾ لکين ماڻهو طواف ڪري لبيڪ جو نعرو هڻن ٿا، مون جيڏي مهل طواف ڪيو پي ته منهنجي دل ۾ لطيف سائين جو هي شعر اچي ويو، جيڪو منهنجي دل مان ٿيندو منهنجي چپن تي پهتو.
جيڏو تنهنجو ناءُ ٻاجهه به اوڏيائي منڱان.
طواف جي دوران الله تعالى کان زور سان التجا ڪري هي شعر پڙهندو رهيس. بيشڪ الله تعالى اوتروئي ٻاجهارو آهي جيترو ان جو نانءُ وسيع آهي. الله تعالى جي هنن شهرن ۾ روح جيڏي مهل پهچي ٿو ائين محسوس ٿئي ٿو ته اصل روح اتي جو ئي آهي جتي هو پهتو آهي. مديني شريف جي احترام ۽ ادب واري ماحول کي ڏسڻو آهي ته اتي وڃي ڏسجي.
مديني جا شاهه، سُڻ منهنجا سڏڙا،
ڪارڻ لڳ الله، سگهو موٽج سپرين،