لطيفيات

مونا طور سينا

هي ڪتاب فقير حاجن نظاماڻي جي مضمونن جو مجموعو آھي جيڪي ھن شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريء، راڳ، سُر ۽ ساز تي لکيا آھن. ساجد سنڌي لکي ٿو:
فقير حاجن نظاماڻي جي قلم جي تقويت ۽ رواني خاص طور مُرشد لطيف جي شاعريءَ کي مختلف پهلوئن جي حوالي سان آشڪار ڪرڻ جي مشق نهايت جاندار ۽ هينئين سان هنڊائڻ جهڙي ان ڪري به آهي جو سندس لکڻ جو ڏانءُ بلڪل منفرد ۽ انوکو آهي، هونئن به فقير حاجن جي مضمونن جو محور شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح ۽ لطيف جي لطيف ٻولي ئي رهيو آهي پر سندس لکڻين ۾ شامل سمجهاڻيون، اشارا ۽ اسلوب ايترا ته سهڻي نموني ۽ سادگي سان بيان ڪيا ويا آهن جن کي پڙهندي پڙهندڙ مٿان عجيب سحر جي ڪيفيت طاري ٿي وڃي ٿي، سندس لکڻيون لطيفي رمزن کي سمجهڻ جو آسان ذريعو به آهن ته لطيفي راڳ کي پروڙڻ جو بهترين حل به آهن.
Title Cover of book مونا طور سينا

لطيفي ساز دنبورو

حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جن ڪيترائي اهڙا ڪم ڪيا، جيڪي اڳ سنڌوءَ جي تھذيب ۾ ڪنھن به نه ڪيا هئا. مھراڻ جا موتي سائينءَ جي رسالي ۾ اهڙي ريت چمڪن پيا، جن کي چڱي ريت ڏسي سگھجي ٿو. حضرت شاهه عبداللطيف سرڪار روحانيت جي، اخلاق جي، هم آهنگي جي، پيار ۽ امن جي هڪ يونيورسٽي ٺاهي. جنھن کي فقراءَ جي زباني ان کي خوانگاهه چئبو آهي. ان جو نالو ڪھڙو به هجي پر ان جو ڪم انسانيت ۾ پيار ۽ مالڪ سائين جي راهه تي آڻڻ هو. سنڌوءَ جي ڪناري تي ڪيترا ئي علم حاصل ڪرڻ جا ادارا، پيري مريدي جون گاديون اڳ به هيون پر سائين انھن سڀني ڪمن کي ساڻ ڪري هڪ مضبوط انسانيت جي اداري جو بنياد وڌو. انھي اداري واري جاءِ جو نالو وڏي اوطاق آهي. وڏي اوطاق ڪا عام اوطاق ناهي، هن کي ادارو چئجي ته بھتر ٿيندو. لطيف سائين جن جڏهن جيسلمير، هنگلاچ، لاهوت، پٻ، حب، وندر، سڳر پٽيون، هاڙهو ۽ تونگان کانسواءِ ٻيا به ڪيترائي علائقا گھميا، انھن سفرن بابت ڪافي روايتون آهن. سائين جن پاڻ تمام گھڻو سير ڪيو، پاڻ انيڪ سفر ڪيائون پر پوءِ اچي هاڻوڪي ڀٽ شاهه کان اُتر طرف هڪ کوهه کوٽائي ۽ هڪ مسجد جوڙائي ويھي رھيا، پوءِ سائين سان ڪي اهڙا سبب بڻيا ته سائين جن کي اُتان هجرت ڪرڻي پئي. لطيف سرڪار انسانيت سان گڏوگڏ ٻئي مخلوق تي به ٻاجھارا هئا، پاڻ انھي جاءِ تان نانگ ۽ شينھن واري دڙي تي اچي رھيا، جتي جھنگ جي خوف سان گڏ هنن خطرناڪ جيوت جو ڀئو هوندو هو، اتي ڪير به وڃي نه سگھندو هو.

ڪک سڙيو، پن سڙيو، سڙيو سارو گاهه،
ساڻي جن الله، توءِ نه لڳي تن کي.

فقير خوف جي بيماري کان پاڪ هوندا آهن، هُنن جي لاءِ سڀ لوڪ لَسَ هوندو آهي. سائين جي تعميراتي ڪم ۾ وڏي اوطاق جو ڪم به شامل آهي، جيڪا سندن چاهيندڙن فقيرن ٺاهي هئي. وڏي اوطاق جي بناوٽي ڪم ۾ جيڪا مٽي استعمال ڪئي، ان جاءِ تي هڪ وڏي ڍنڍ ٿي ويئي، جنهن جو نالو پاڻ سائين جن ئي ڪراڙ ڍنڍ رکيو. اڄ به ڪراڙ جا ڪنارا آباد آهن. وڏي اوطاق جو مڪمل ذڪر ٻين ڪيترين ئي لکڻين ۾ ڪري آيا آهيون. الغرض سائين جي هن حويلي سان گڏ مسجد شريف، حضرت سيد حبيب شاهه سائين جن جي والد جو روضو مبارڪ سائين پاڻ تعمير ڪرايو هو، ان کان علاوه سائين سيد شاهه عبدالڪريم بلڙي وارو جن جو روضو مبارڪ به سائين جن ٺھرايو هو. چون ٿا ته ڪاشِي ملتان مان خريد ڪري مھراڻ جي موجن مان ٻيڙين ذريعي پاڻ کڻائي آيا هئا. ان سفر ۾ سائين ڪيترن درويشن سان به مليا هئا، جنھن بابت ڪافي روايتون ماڻھو زباني ڪن ٿا.

سنجھي سنڊ ڀري، پوئين رات پنڌ پيا،
وکون وڌائون وڌنديون، هليا ڪين هري،
ڪشالا ڪري، کاهوڙي پھتا خير سان.

سائين جن پنھنجي مقصد ۾ پورائي ڪرڻ خاطر ڪيترائي انيڪ ڪم ڪندا رھيا. “احديت” جي ذڪر جو ايجاد ڪرڻ، لطيفي طريقت جو مڪمل بنياد وجھڻ، لطيفي راڳ جو ايجاد ڪرڻ ۽ ان سان گڏ دنبوري جي لاجواب ايجاد ڪري، سائين سڀني جي دلين تي پنھنجو سڪو هلايو، لطيف سائين جن بابت روايت ڪن ٿا ته پاڻ واڍي کي چيو هوائون ته مونکي ڪاٺ جو ماڻھو ٺاهي ڏي، ان جو مڪمل نقشو، بناوٽي شڪل به سائين جن پاڻ ٻُڌائي هئي. ڪاٺ جي انھي ساز جو اونچو مقام انڪري ٿيو جو هن ساز تي ڪو به شيطاني راڳ نٿو ڳايو وڃي.ساز ٻيا به دنيا ۾ ڪيترائي آهن پر سائين جن جو دنبورو واحد ساز آهي، جنھن کي وڄائڻ وارا فقير سڀ کان پھرين وضو ڪري پوءِ راڳ چوندا آهن، پوءِ هن ساز جي تندن کي چورين ٿا.

“اُٿي در اُناءِ، دانھون دنبورن جون”
سائين فرمايو آهي ته دنبورو دل، تن تسبيع آهي، من مڻيو آهي. لطيف سائين جو راڳ انسان کي مالڪ سائين ڏانھن راغب ڪري ٿو. اسلامي موسيقي جا جيڪڏهن پيرا کڻنداسين ته اها ابو سعيد الخير جي دور کان رائج ڪئي وئي. پر ان کانپوءِ حضرت مولانا جلاالدين رومي جن جي محفل سماع جو هڪ پڪو نظام هلڻ شروع ٿيو. صوفي ٻين سلسلن ۾ به قوالي، قصيده ۽ موسيقي جو نظام موجود هو پر سرڪار لطيف سائين جن جي راڳ جي طريقت جو آغاز 1144 هجري ڌاري ٿيو، جنھن بابت ماڻھو چون ٿا ته سائين جن واڍن، موتي ۽ گوپال کي چيو مونکي ڪاٺ جو ماڻھو ٺاهي ڏيو، جيڪو انسانن جيان ذڪر خدا وند ڪريم جو ڪري، روايتون ٻيون به آهن، جيڪي هتي سڀ نٿيون ڏيئي سگھجن. سائين جي لطيفي دنبوري جي بناوٽ جي لحاظ کان سائين جو دنبورو اڳ هن دنيا ۾ موجود نه هو، اڪثر تحقيق ڪندڙ چون ٿا ته لطيف سائين جن جو دنبورو ايراني “عود” جي شڪل تي ٺھيل آهي يا ان جي بگڙيل صورت آهي. عود ۾ چار تارون آهن، ان جو گَرو ۽ “گُنا” ۾ آواز آهي، ايراني “عود” “زرياب سنڌي” جو ٺاهيل ساز آهي، جيڪو اسحاق موسلي جو شاگرد هو، اُهو هڪ الڳ بحث آهي. سائين جي دنبوري جي بناوٽ بابت اچو ته گڏجي ڄاڻ حاصل ڪريون. دنبوري جي شڪل ٻين سازن کان الڳ آهي پر ستار ۽ هڪ ٻه ٻين سازن سان ملي ٿي پر سائين جي دنبوري جو الڳ انداز آهي، جيڪي دنبوري ۾ موجود حصا آهن، انھن بابت معلومات حاصل ڪريون ته انھن جا نالا ڪھڙا آهن، ڪيئن ٺھن ٿا، ڪھڙو ڪم ٿا.

تون سپڙ آئون سيڪڙو، تون ڏاتار آئون ڏڏ،
سڻي تنھنجو سڏ، ڪُلھي پاتم ڪينرو.

دنبوري ۾ لڳل اوزارن جا نالا ڳئٽيون، سنگ، گھوڙي، ٿاري، طنبو، تکڙون، گُلو ۽ پُستَنگ آهن، انھن کان علاوه، پنج تندون، زبان، ٽيپ، اڳين جاڙي، پوئين جاڙي، گھور جي تند ۽ ڇلو دنبوري وڄائڻ لاءَ. “ڳئٽيون” هي سڀ کان مٿان، کجيجي ٽارين نماءَ پنج ڳئٽيون هونديون آهن. ڳئيٽيون تارن کي قابو ڪرڻ ۽ دنبوري جي “ڪڙي” يعني تارن کي سُرن ۾ آڻڻ جي ڪم اينديون آهن. ڳئٽيون سَنگ ۾ لڳل هونديون آهن، ڳئٽيون “ڪرش” جي ڪاٺي يعني ڪَنڊي جي ڪاٺ جي پاڙ مان ٺھنديون آهن، هاڻ ڪاريگر انھن کي ٻين ڪاٺين مان به ٺاھين ٿا، هنن جو هيٺيون حصو ڪاٺ جي گول ڪِلي نماءَ هوندو آهي، هنن جي وچ ۾ هڪ سنھو سوراخ هوندو آهي، جتي دنبوري جي تند قابو رکبي آهي. مٿيون تار جو سِرو ڳئٽي ۾ ۽ هيٺيون پاسو پستنگ ۾ ڦاسندو آهي. پستنگ طنبي جي هيٺين پاسي لڳل هوندو آهي. “سنگ” دنبوري جي وچ واري جاءِ کي چئبو آهي، سنگ ۾ ڪاٺ جو استعمال هلڪي ڪاٺ مان ٺھيل هوندو آهي. جنڳن جو وزن ڳرو نه هجي، سنگ ٻن حصن تي مشتمل هوندو آهي. ڪاٺ جو پويون حصو گول ڪنڊو آهي، سنگ جو وچ خالي ڪيو ويندو آهي، ان جي مٿان ٽالھي جي ڪاٺ جي سنھڙي تکڙ هوندي آهي، اُن کي “سرس” سان چنبڙايو ويندو آهي، اڳ ۾ دنبورا صرف سياري جي موسم ۾ ٺاھيا ويندا هئا، جو ان ۾ استعمال ٿيندڙ سامان ۽ شيون جيئن وِگھري نه سگهن. هاڻ ته جديد طريقي سان دنبورا ٺاهيا ويندا آهن، هر موسم ۾ دنبورا تيار ملن ٿا، اڳ ۾ آرڊر تي ٺھندا هئا. سنگ جي مٿئين پاسي کان ٻه جھلون هونديون آهن، هڪ ۾ سنھڙا سوراخ هوندا آهن، ٻئي ۾ مٿئين پاسي گھاڙيٽي سان ٺھيل تند جي رکڻ جي جاءِ ٺھيل هوندي آهي. تند جاڙين ۽ تند ٽيپ جون ٻه ٻه جھلون ترتيب سان لڳل هونديون آهن، “گُلو” هي هڪ اھڙو دنبوري جو حصو آهي جيڪو ڏسندڙ کي واضح طور نظر نٿو اچي پر هن جو ڪم سُرن جي لاءِ اهم هوندو آهي، جيڪو سنگ ۽ طنبي وچ ۾ هوندو آهي، هن جو سُرن جي ڪري وچ خالي هوندو اٿس، سنگ جي پويان طنبي کي ڳنڍي ٿو. “طنبو” هي دنبوري جو هيٺيون حصو آهي، جيڪو مڪمل طور اندران خالي هوندو آهي، هن ۾ سنھڙيون، سنھڙيون تکڙون هونديون آهن، جن ۾ ٽالھي “شيشم” جو ڪاٺ ڪتب ايندو آهي، هنن ڪاٺين کي ملائڻ سان طنبو تيار ٿيندو آهي. “ٿاري” هي ڪاٺي جي هڪ پليٽ نماءَ هوندي آهي، جيڪا طنبي مٿان رکبي آهي، هي ڪاٺي اڪثر “سرينھن” جي وڻ جي استعال ڪبي آهي. “گھوڙي” هي ڪاٺي جو ٽڪڙو طنبي مٿان تندن کي جھلڻ جي لاءِ هوندو آهي، جنھن سان دنبوري جو آواز چٽو ۽ مٺو ٿيندو آهي. گھوڙي جي شڪل چورس ڪاٺ جي ٽڪري جيان هوندي آهي پر هن ۾ هڪ جھل نماءَ تاري جي لاءَ گھڙيل جاءَ پڻ هوندي آهي. “پستنگ” هي “عاج” مان ٺھيل هوندو آهي، جنھن جو رنگ اڇو هوندو آهي. پستنگ ۾ پنج ئي تارون دنبوري جي هيٺين پاسي ۾ لڳل هونديون آهن.“عاج” هي هڪ اڇو حصو هوندو آهي پر هي ڪاٺ ناهي هوندو. “عاج” هن جو ڪم سنگ تي، طنبي جي مٿان ٿاري تي اسلامي ڪاشِي ٽائل نماءَ هڪ لڪير جي شڪل ۾ هوندو آهي. “جھوڙ” هن جا ٻه پاسا هوندا آهن، مٿئين پاسي ۾ هڪ ڌاڳو هوندو آهي، جنھن سان جھوڙ دنبوري سان ڳنڍيل هوندو آهي، ان کان هيٺان ڪپهه يا ڪپڙي جا اهڙا ٻه ٽڪنڊا هوندا آهن، هڪ ٽڪنڊي مٿان ۽ ٻئي ان جي هيٺان هوندي آهي. انھن جي وچ ۾ موتين جي ڄاري سونھن خاطر ٺھيل هوندي آهي. هيٺين پاسي کان کُليل مالھائون موتين جون هونديون آهن، موتين جي مالھائن جو مٿيون پاسو ٽڪنڊي ۾ ڦاٿل هوندو آهي، هيٺيون پاسو الڳ، الڳ ڌارن ۾ ورهايل هوندو آهي، “ڇلو” هي لوهه جي تار هوندو آهي، هي دنبوري جو حصو ته ڪونھي پر ڇَلي کانسواءِ دنبورو اڌورو هوندو آهي. ڇلو شٽرنگ جي تار کان به سنھي لوھي تار جو ٺھيل هوندو آهي، ڇلي ٺاهڻ جو فن دنبوري ڪاريگرن وٽ هوندو آهي، ساڄي هٿ جي شاهد آڱر ۾ فقير پائي، کاٻي ڪُلھي تي رکي وڄائين ٿا. لطيفي راڳ ڳائڻ کان اڳ فقير انھن دنبورن کي سُر ۾ ملائين ٿا، جنھن کي لطيفي راڳ جي “ڪڙي” چئبو آهي. پوءَ فقير وڏي اوطاق تان هڪ قطار جي شڪل ۾ درگاهه حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح تي پھچي، وضو ڪري، پڙھڻ ويهن ٿا. تند جو سُر فقير الاپئيندا آهن، اِهو سلسلو عشاءَ نماز کان، فجر نماز جي ٻانگ تائين هلندو آهي. شروعات لطيفي راڳ جي ڪلياڻ جي سُر کان ٿيندي آهي، آخر ۾ سُر ماروي کان پوءِ دُعا گھري ويندي آهي. لطيفي فقير ڌڻي جي در تي سڄي رات ويھي مالڪ کي ٻاڏائين ٿا. لطيف سائين جي راڳ ۾ اهڙي ڪشش سمايل آهي، جنھن ٻڌندڙ جي دلين تي ٽي سئو سالن کان به وڌيڪ بادشاهي ڪئي آهي. اڃان به اهو سلسلو جاري آهي. سائين جي دنبوري مان “تون ”، “تون” جي تند توحيد جي طالبن کي سنئين واٽ ڏيکارڻ ۾ مصروف آهي.
ڄاڻين ته مَ ڄاڻ، ايءِ در اٻوجھن جو،
ان در سيئي اگھيا، جن نه ڀانئيو پاڻ،
ريجھايو راڄاڻ، آهي اَٻوجھن کي.