هي ڪتاب فقير حاجن نظاماڻي جي مضمونن جو مجموعو آھي جيڪي ھن شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريء، راڳ، سُر ۽ ساز تي لکيا آھن. ساجد سنڌي لکي ٿو:
فقير حاجن نظاماڻي جي قلم جي تقويت ۽ رواني خاص طور مُرشد لطيف جي شاعريءَ کي مختلف پهلوئن جي حوالي سان آشڪار ڪرڻ جي مشق نهايت جاندار ۽ هينئين سان هنڊائڻ جهڙي ان ڪري به آهي جو سندس لکڻ جو ڏانءُ بلڪل منفرد ۽ انوکو آهي، هونئن به فقير حاجن جي مضمونن جو محور شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح ۽ لطيف جي لطيف ٻولي ئي رهيو آهي پر سندس لکڻين ۾ شامل سمجهاڻيون، اشارا ۽ اسلوب ايترا ته سهڻي نموني ۽ سادگي سان بيان ڪيا ويا آهن جن کي پڙهندي پڙهندڙ مٿان عجيب سحر جي ڪيفيت طاري ٿي وڃي ٿي، سندس لکڻيون لطيفي رمزن کي سمجهڻ جو آسان ذريعو به آهن ته لطيفي راڳ کي پروڙڻ جو بهترين حل به آهن.
هن سونھاري ڌرتي تي ڪئي سھڻا ڪردار آهن، پر انھن سڀني ۾ هڪ تمام سھڻو ۽ بھترين ڪردار سھڻي شاهه عبداللطيف ڀٽائي جن جو آهي، جنھن جو ائين مثال کڻي ڏجي ته انڌاري رات ۾ تارن سان گڏ چوڏهينءَ جو چنڊ آهي. منھنجي هادي منھنجي رهبر منھنجي رهنماء، جنھن به ڪردار کي يا سورميءَ کي پنھنجن بيتن ۽ وائين ۾ آندو آهي ته انھي سورمين جي مالھا بنائي ڇڏيو اٿس ۽ انھي مالھا کي ڏسڻ سمجھڻ تي به ڪيئي ڪتاب لکجي چُڪا آهن ۽ ڪيئي ماڻھو ڊاڪٽر ٿي ويا آهن ۽ ڪيئي اديب ٿي ويا، جن صرف سھڻي شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڏسيل واٽ کي صرف ڏسڻ ۽ پرجھڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اهي به هن معاشري جا معتبر بنجي ويا ۽ جن سندن ڏسيل راهه تي هلڻ جي صرف ڪوشش ڪئي آهي، اُهي سڀ فقير ٿي ويا. انھن ڪوشش ڪندڙن جي مالھا ۾ منھنجو محبوب منھنجو پيارو ڀاءُ فقير شير محمد عرف فقير حاجن نظاماڻي کي ڏسي ڏاڍي خوشي محسوس ٿيندي اٿم. جڏهن منھنجي محبوب کي اهڙين ڪوششن ۾ ڏسندو آهيان ته ڏاڍي سرهائي ٿيندي اٿم ۽ ائين لڳندو اٿم ته منھنجي پياري محسن ۽ رهنماء رهبر منھنجي بابا سائين فقير غلام حيدر نظاماڻيءَ جون سڀ دعائون قبول ٿيون آهن، جو بابا سائينءَ جي ڏسيل واٽ تي هلڻ جي ڪوشش ۾ آهيون، ۽ هميشه انھيءَ ڪوشش ۽ دعائن ۾ رهندس ته اسان کي ۽ اسان جي اولاد کي به الله تعالى هميشه اهڙي راهه تي هلائي ۽ آئون دعاڳو آهيان ته انھن لاءِ جيڪي منھنجي هادي رهبر حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڏنل درس تي ڪم ڪن ٿا، يا جيڪي اڳتي هلي ڪندا، سڀني کي الله پاڪ به اهڙي راهه تي هلائي، جنھن راهه تي الله پاڪ به راضي ۽ ان جو محبوب به راضي ٿئي. ڇو جو منھنجو رهنماء، رهبر شاهه عبداللطيف ڀٽائي هڪ سمنڊ آهي، سمنڊ به اهو جنھن جو ڪو به ڇيڙو نه آهي. انھي سمنڊ ۾ جيڪو به غوطو هڻندو ته هٿين خالي ڪونه ايندو ۽ هو مالا مال ٿي ويندو. ائين شاهه سائينءَ جي ڏنل راهه ۽ علم مان ڪئين عالم فاضل ڊاڪٽر، اديب ٿي ويندا ۽ شاهه سائينءَ جو علم فڪر اُتي جو اُتي هوندو ۽ شاهه سائينءَ جي ڏنل فڪر تي قيامت تائين پيئي تحقيقات هلندي پر هن علم جو ڪوبه ڇيڙو ناهي. جيڪو عام ماڻھو هن علم کي مڪمل ڪري سگھي، شاهه سائينءَ جو ڏنل علم لاحد آهي. لاحد يعني جنھن جي ڪابه حد مقرر نه هجي، سو انھيءَ علم جي اڻکٽ خزانن مان هرڪو پنھنجو ننڍڙو جھول ڀري اچي ٿو، ۽ هن علم جا پوڄارا پُر ٿيو وڃن ۽ شاهه پارس آهي پاڻ آهيون لوهه، جيڪو پنھنجي لوهه کي پارس سان ملائيندو ته سون ٿي پوندو. منھنجي دعا آهي ته منھنجي محبوب فقير حاجن نظاماڻي کي الله سائين سگھه ڏئي ته هو، شاهه سائين حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي جن جي ڏنل فڪر تي اڃان وڌيڪ ڪم ڪري آمين “ثم آمين”.
توتي لڄ لطيف، هن منهنجي حال جي،
ڪينهي ٻيا قريب، ڌارا تو دوست مون.