لطيف جو عاشق حاجن نظاماڻي
فقير حاجن سان ويجهڙائيءَ جو به اهوئي ڪارڻ آهي. توڻي جو ساڻس ملندي ڪي ٻه چار سال مس ٿيا هوندا، پر اِئين ٿو ڀانئجي ڄڻ ورهين کان واقفيت هُجي. هُن جڏهن لطيفيات تي عبرت اخبار لاءِ لکڻ جي حامي ڀري ته اسان ڀلا ڀاڳ ڀانيا ۽ سندس لکڻ جي حاميءَ کان پوءِ کيس ڪڏهن ساهي کڻڻ به نه ڏني. لاڳيتو ٻن سالن کان هر هفتي کانئس آرٽيڪل جي گهر ڪندا رهياسين ۽ هو جيئن جو تيئن نڀائيندو به رهيو. سندس “مونا طور سينا” جي صورت ۾ ڪيل هيءُ پورهيو، پنهنجي مرشد سان عقيدت ۽ محبت جو اهڙو اظهار آهي، جنهن ۾ نهٺائي به آهي ته نماڻائي به. هُن کي ان سان ڪو سروڪار ناهي ته سندس لکڻيون محققن ۽ اسڪالرن جي ڪسوٽيءَ تي پوريون لهن ٿيون يا نه، نه ئي هُن تحقيقي بنيادن تي هي سڀ لکيو آهي، بلڪه هُن مضمونن وسيلي پنهنجي مرشد سان عقيدت ۽ احترام وچان محبت جو اظهار ڪيو آهي. اهڙي محبت، جنهن جي ڪٿ لاءِ هيستائين ڪو به پئمانو ايجاد ٿي ناهي سگهيو. محبتن تي عقل جو وس هلي ٿو نه ڏاهپ جا ڏس. هيءُ انساني اندر جو اهڙو جذبو آهي، جيڪو بيخوديءَ جي واٽ تي وٺي وڃي ٿو.
اسين جيڪڏهن ڪتاب ۾ شامل مضمونن جو جائزو وٺون ته اُهي سڀ اسان کي بيخوديءَ جي ان ڪيف ۾ لکيل نظر ايندا، جنهن لاءِ اڳواٽ رٿابنديءَ جي ضرورت ناهي هوندي. بس قلم کڻي ويهبو آهي ۽ پوءِ خيال جنهن به ماڳ ڏانهن وٺي وڃي. سندس اڪثر مضمون ايڊٽ ڪندي يا نظر مان ڪڍندي مون اهوئي محسوس ڪيو ته حاجن هيءُ سڀ نه ته پنهنجي ناماچاريءَ لاءِ لکيو آهي نه وري پاڻ کي اديبن ۽ ڏاهن جي صف ۾ بيهارڻ لاءِ؛ بلڪه هُن هنن لکڻين ذريعي اُنهن خوابن جي ساڀيان ماڻڻ گهري آهي، جن کي گهڻو اڳ سندس والد فقير غلام حيدر نظاماڻي پنهنجي اکين ۾ سام ڏني هئي ته سندس پونئير لطيف سائينءَ جا پانڌيئڙا بڻجن، مرشد جي فڪر، فهم ۽ سُرن کي سمجهن ۽ پنهنجي وت ۽ وس آهر انهيءَ پيغام کي عام ڪرڻ جي ڪوشش ڪن. انهيءَ خواب جي ساڀيان لاءِ فقير حاجن گذريل ارڙهن ورهين کان خميس رات ڀٽ ڌڻيءَ تي راڳ جي ڊيوٽي ڏيندو اچي پيو، جڏهن ته سندس وڏو ڀاءُ فقير علي ڏنو نظاماڻي پڻ لطيف جي پارکوءَ جي حيثيت ۾ ڪوششون ڪندي ڏسجي ٿو. هنن هڙان وڙان خرچ ڪري مرشد جي پيغام کي عام ڪرڻ ۽ سُرن جي ساڃاهه لاءِ هڪ ويب سائيٽ www.shahabdullatifbhattai.com تي به جوڙي آهي، جڏهن ته سندن اوطاق جا دروازا مرشد جي پانڌيئڙن لاءِ هر وقت کُليل رهندا آهن. ايترو ئي نه پر ”ايندن کي آءُ ۽ ويندن کي ويهه” چوڻ واري روايت به سندن اوطاق تي عام ڏسجي ٿي.
آئون کين خوشنصيب ٿو سمجهان جو وٽن مرشد جي محبت جي اُها مالها آهي، جيڪا تمام گهٽ ماڻهن کي نصيب ٿيندي آهي. شال اِها مالها سندن ايندڙ نسلن تائين به منتقل ٿيندي رهي.
حميد ابڙو
حيدرآباد