بيکاري کي بر ۾ ويو ڪيف چڙهي
حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جن جي شاعري جو رنگ انساني سوچ جي عين مطابق آهي، ڪيترائي شاعر انسان جي ڀلائي لاءِ شاعري ڪري انساني سوچ کي اجاڳر ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري چُڪا آهن، پر سائين جن جو پنهنجو مايو آهي. ماضي، حال، مستقبل، زمان مڪان ۽ آسماني علمن کي پنهنجي ڪلام ۾ جوڙي هڪ سمت ۾ رکيو آهي. جيڪڏهن هن ڌرتي تي انهن ساڳين انسانن جي حيثيت عام کان هيٺ ڏسجي پر ان جو حال ۽ خيال آسماني فڪرن ۾ سمايل آهي.
ڀُڪليا نه بَکيا، ڌاڳا ڌوڙ ڀڀوت،
نه لنگُ نه ليڙ ڪا، الف رهيا آڌوت.
ملنگا لنگهيا منتهيٰ کان، منهن نه ڪن ملڪوت،
نڳيا ٿيا ناسوت کان، جاءِ نه پڇن جبروت،
سندري سين ثابوت، جوڳين مٽيو جزم کي.
لطيف سائين جن فرمائين ٿا ته جن فقيرن جا ڪپڙا ڦاٽل آهن، اُنهن کي ائين عام طور نه ڏس، هُو عام ناهن، هُنن جو به هڪ خيال آهي، جنهن روپ ۾ هو رهن ٿا، نه ته هُنن جي پهچ صدرت المنتهيٰ تائين آهي. مومن جو ظاهر اڪثر اهڙن حالن ۾ گذرندو آهي، پر اهي مالڪ جي تمام گهڻو ويجهو رهندا آهن. هن ڪائنات ۾ اچڻ انسان جي لاءِ ڄڻ قيد خانو آهي.
قسمت قيد ڪئي، نت ڪير اچي هن ڪوٽ ۾،
ليکي آڻي لوهه جي، هنڌ ڏيکاريو هي،
پرچي ڪين پنهوار ري، جان جوسو ۽ جي،
راجا راضي ٿي، مارن ملي ماروي.
ڳالهه ته سمجهه جي آهي، ڀلا قيد خاني ۾ به ڪو ميڪ اپ ڪندو آهي ڇا؟ سينگار ۽ روپ ته خوشي واري ماحول ۾ ڪبا آهن، آخرڪار مٽي جو سفر مٽي ڏانهن هوندو آهي. هتي جي سينگارن، روپن، حرفتن ۽ ڏاهپ جو انت اچڻو آهي. مالڪ سائين جا به عجيب رنگ آهن، جيڪي ويجها ٿين انهن مٿان ته وارو وارو هوندي آهي، جيڪي پري اٿس انهن جو دنيا ۾ وري شان و شوڪت هوندو آهي. شان و شوڪت، ظاهري عزت، مال، دولت، نوڪر چاڪر، بنگلا ماڙيون ۽ هيرن جي کاڻين سان ان کي مالا مال ڪري ٿو. ڇا دولت توکي فيڪون واري ڏينهن کان مليل آهي، ڇا تنهنجي زمين، تنهنجي گهر جي ايراضي، تنهنجي نوڪرن جي پُڇا ٿيندي؟ ڇا اڳتي اولاد خاطر ڪي جيئڻ جو مقصد ڄاڻائين ٿا. اولاد ته آهي پر قبر الڳ، هتي زمين تي اچڻ جو وقت الڳ، پُڇا ڳاڇا به انهن جي توکان نه ٿيندي، ٿورڙي وقت جو هي ساٿ آهي، انهي ساٿ ۾ قرب ۽ پيار جو ونڊڻ سڀ کان وڏي دولت آهي. باقي فاني سان ڪهڙو پيار؟ ڀلا ڪهڙي منهنجي ڪتاب ۾ لکيل آهي ته توکان تنهنجي پئسن جي اڪائونٽ نمبر جي اڳتي پُڇا ٿيندي. عجب رنگ ڌڻي جو دولت جهجهي ورهائي به ٿو ته وري ان ۾ هٿ چراند ڪرڻ جي اجازت نٿو ڏئي، نه وري پُڇا ڳاڇا ڪرڻ جو حڪم آهي.
ننڍڙي وهي تعليم پرائڻ ۾ گذري وڃي ٿي، ان ۾ به لاتعداد بيمارين جو ساٿ رهي ٿو. وچولي عمر اڪثر ڪري شوقن جي ور چڙهي ويندي آهي، جنهن ۾ انسان هيڏانهن هوڏانهن تڙپي ۽ ڀٽڪي ٿو، پيري ۾ مسجد، مندر يا ٻيون عبادتگاهون وسائي، انهن ڪيل ڏوهن جي معافي وٺي ٿو، ڪو موت ٿو گهري ۽ ان کي زندگي ٿو ڏي، ڪو زندگي ٿو گهري ته ان کي بيماري جي ورچڙهيل ڏسجي ٿو. ڪي ته جيئن آيا تيئن ئي هتان هليا ويا.
هئي هئي ڪري هليا، آديسي اُٿيا،
جوڳين جا جهان ۾، خيما ڪين کتا،
منهن ويڙهي مڙهين ۾ سوامي ڪين ٿئا،
پورب سي پهتا، ڏئي اوجاڳو اکين کي.
انسان ويچارو اهڙي مخلوق آهي، جنهن تي رکيل هڪ ڪم آهي ۽ اهو وري رڌل ٻئي ڪم ۾ آهي. جي ائين کڻي چئجي ته جنهن ڪم بابت هن کان پُڇا ڳاڇا يا هِن جو ان ڪم سان ڪوبه تعلق ئي ناهي. انهن جي جفاڪشي ۾ پاڻ کي گم ڪري ڇڏيو اٿس. ڇا ڪرڻو هو؟ ڇا ڪريون پيا؟ انهي سوال جو اگر جواب ملي ويو ته اسان ڪامياب ترين انسان ٿي وينداسون. ذوالنون المصري رحمت الله جي هڪ مشهور واقعي بابت اڪثر پچار هلندي آهي، پاڻ بسطامي ابن تعفور جا استاد هُئا، روحانيت جي فيض مان ٽمٽار ٿيل هي شخصيت ڪو عام فقير نه هو، جنهن کان هڪ دفعي ڪنهن سوال ڪيو ته اوهان فقيري رنگ ۾ ڪيئن آيا آهيو؟ ڪو واقعو ٻُڌايو ته پاڻ فرمايائون ته هڪ ڏينهن آئون مصر ملڪ جي صحره ۾ سفر ڪري رهيو هُئس، پاڻي ختم ٿي ويو هو، پر منهنجو سفر دنيا سانگي هڪ شهر کان ٻئي شهر تائين هو، دل ۾ ڪيئي خيال آيا پئي، سڀني سوچن کي سميٽي هڪ وڻ جي هيٺان ڪجهه گهڙيون گهارڻ خاطر ويهي رهيس. ڇا کڻي ڏسان ته وڻ مٿان ٻه هڪڙا پکي جا ٻچا ڪري پيا، انهن جون اکيون بلڪل نه هيون ۽ دانهون ڪري رهيا هُئا، ته ايتري ۾ انهن پکين جي اڳيان ٻه پياليون واري مان هيٺان ٻاهر نڪري آيون. هڪ پيالي سون جي هُئي ۽ ٻئي چاندي جي هُئي. هڪ پيالي ۾ پاڻي هو، ٻئي پيالي ۾ تر پيل هُئا، اندر ئي اندر ۾ خيال آيو ته جنهن توکي خلقيو آهي، انهي جي ذمي رزق آهي، جنهن توکي خلقيو انهي جي ذمي تنهنجي عزت آهي، جنهن توکي خلقيو انهي جي ذمي موت ۽ زندگي آهي ته پوءِ ڀلا هي ڪهڙا تون ڪم ڪرين پيو ۽ ڪيڏانهن تنهنجو سفر آهي ۽ ڪيڏانهن وڃين پيو، ڳالهه ڪرڻ جو مقصد سادو آهي، جن ڪمن لاءِ اسان زندگي کي عذاب بڻايو آهي، اهي سڀ جا سڀ مالڪ جي هٿ ۾ آهن ته پوءِ تنهنجي هٿ ۾ ڪا ڳالهه آهي؟ ضعيف مثال ڏئي تون نفس ته مطمئن ڪري سگهين ٿو پر هڪ ڀيرو اندر جو محاسبو ته ڪري ڏس.
تون ڪير آهين، ڪٿان آيو آهين، ڪهڙو تنهنجو ڪم آهي ۽ تون ڪهڙا ڪم ڪرين پيون، عجب رنگ الله جا انساني سوچ ۾ اها ڳالهه ڇو نٿي اچي، الله تعاليٰ حق جي پيغام کي عام طرح تائين انسانن جي پهچ ۾ آڻي ٿو. نبين سڳورن، الله تعاليٰ جي پاڪ ڪتابن، الله تعاليٰ جي نيڪ ٻانهن اسان کي حق جي راهه ڏيکارڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي آهي. پر اسان کي به سوچڻ گهرجي، ڪهڙي سفر تي اسان گامزن آهيون؟ ڪهڙو اسان جو مقصد آهي؟
واقف نه وڻڪار جي، اڳ ڏيهه ڏٺوم،
ڏونگر ڏوراپن سين ري، ڪاتي ڪٺوم.
هڪ تقدير جي باب کان ناواقفڪار، ٻيو پهريون ڀيرو هِت آيل، پوءِ ڀلا غلطيون آخرڪار ڇو نه ٿينديون، پر انهي ڪيل ڪمن تي عقَل جو استعمال ڏسجي.
واقف نه وڻڪار جي جت نانگ سڄن نيلا،
اُتي عبداللطيف چئي، ڪيا هيڪلين حيلا،
جت ڪڙم نه قبيلا، اُت رهبر رسج راهه ۾.
هتي ذاتين، قبيلن ۽ پاڙن جي آڙ ۾ جند ڇٽي ٿي وڃي، پر هڪ اهڙو سفر به آهي، جتي انهن ڳالهين جي ڪابه اهميت نه هوندي آهي، اتي رڳو رهبر جي رهنمائي ڪم ايندي آهي، انهي جي ڳالهين جي پاسداري ڪم ايندي آهي، اُتي ڪا به سفارش ڪم نه ايندي، اُتي صرف تنهنجو ڪم ڏٺو ويندو آهي، جنهن کان اسان بخوبي واقف آهيون ته اسان جا ڪم ڪهڙا آهن، اسان جو حال ماڻهن جي اکين کان ته لڪل آهي پر اسان پنهنجي ڪمن بابت خوب ڄاڻون ٿا، ڪهڙو ڪم ٿا ڪريون، يا ڪهڙا ڪم اسان جا ڪيل آهن، قابل ۽ عارضي زندگي لاءِ انسان هميشه واري حياتي وڃائڻ کان ڪيٻائيندو آهي، ٿورو غور فڪر ڪجان، تون اڪيلو هن دنيا ۾ نه آيو آهين، تو کان وڌيڪ عاقل، طاقتور، دولت مند ۽ صحت مند به هن دنيا ۾ آيا ۽ هِتان هليا ويا. ته پوءِ توکي ڪهڙي موهه موهي وڌو آهي.
اُڀريا چنڊ اسور جا، نکٽ نوراني،
پهر رحمتي رات جو اٿي اوڳاني،
توجيڏا تو سرتا، وٽان تو وياني
هي ڦٽي اٿئي فاني، جنهن در نياتو دوستي
زندگي جل ٿل جو مڪان آهي، هي روح هن وقت صرف هن جسم ۾ آيو آهي، هي ته اڳئي صديون سال يا ڪيتروئي وقت پيدا ٿيل آهي. هن جي مسافري جا به ڪيترائي مرحلا آهن. روح لافاني آهي، هن روح جي خلفت، ڪن فيڪون کان شروعات ملي ٿي، ٿي سگهي ٿو ان کان به اڳ جو هجي، جيئن لطيف سرڪار جن فرمايو ته اڃان ڪن فيڪون نه چيل هو، اڃان هن ڪائنات جي ابتدائي جوڙ جڪ نه ٿيل هُئي، منهنجو تعلق توسان ان وقت آهي، مون پنهنجي پرين کي ان وقت تسليم ڪيو هو، انهي ڳالهه جون مونکي پڪيون يادگيريون آهن.
نڪا ڪن فيڪون هُئي، نڪا مورت ماهه،
نڪا سُڌ ثواب جي، نڪو عُرض گناهه،
هيڪائي هيڪ هُئي، وحدانيت واهه،
اکين ۽ ارواح اُها، سڃاهه سپرين.
لطيفي فڪر ڪا عام سوچ ته ناهي جو ان جو به اسان پيمانو مقرر ڪري سگهون، لطيفات جيتري سمجهه ۾ ايندي، اوتري لکجي سگهي ٿي، پر هي هڪ اهڙو عمل آهي، جنهن تي جيترو لکبو اوترو ئي وڌي وڃي ٿو. انهي ڳالهه مان ثابت آهي ته جنهن موضوع تي جيترو ڳالهائبو اُهو اوترو وڌي وڃي ٿو. اُهو ڪهڙو علم آهي، جنهن کي خبر هجي ته اڃان ڪن فيڪون به نه هو، ان کان اڳ جون ڳالهيون لطيف سائين کي ڪنهن ٻڌايون، اُهي سڀ خبرون ڪٿان آيون، هنن بيتن کي آخرڪار ڪهڙي حدود ۾ قيد ڪريون، اوهان دل سان غور ڪري پڙهي ڏسو ته اوهان کي معلوم ٿيندو هي لطيفي پيغام سنڌي زبان ۾ ڪو عام پيغام نه آهي، هن رستي ڏسندڙ سرڪار هڪ اهڙو دڳ ورتو آهي، جيڪو مالڪ ۽ بندي کي ڳنڍي ٿو، انهي رشتي جي بحالي جو سبب بڻجي ٿو. لطيف سرڪار جي بيتن ۾ به ڪي اهڙا اهڃاڻ ملن ٿا.
جي تو بيت ڀانئيا، سي آيتون آهن،
نيو من لائين، پريان سندي پار ڏي.
آيتون نشاني طور به استعمال ٿين ٿيون، پر ڪجهه بيت ٻيا به آهن، جن مان پتو پوي ٿو ته سرڪار جن فرمائين ٿا ته مون کي هي ڏس ملن ٿا، تنهن کان پوءِ آئون انهن نشانين کي بيان ڪريان ٿو.
بيکاري کي بر ۾ ويو، ڪيف چڙهي،
ڳالهيون ڪندي ڪاڪ جون، ڳوڙها پيس ڳڙي،
ڪا جا انگ اڙي، ڇُٽا ڦٽ چڪي پيا.
لطيف سائين هن بيت ۾ اسان جي لاءِ تمام اونهون ۽ سبق آموز پيغام ڏنو آهي. هڪ شخص بکيا يعني خيرات گهرندڙ هجي ۽ ان کي بر ۾ يعني جهنگ ۾ نشو چڙهي وڃي، يعني هُو نشي واري حالت ۾ ڌت ٿي وڃي ته ان کي ڀلا ڪهڙي خبر؟ ته آئون ڪٿي آهيان، پر جڏهن هن کي هوش اچي ٿو ته هو روئي پوي ٿو ۽ چئي ٿو ته هي ڇا ٿي ويو، آئون آيل ڪهڙي ڪم سان هئس پر سمهي پنهنجو وقت وڃائي ويٺس.
وقت گذري ويو، ڏينهن لهي ويو، هاڻ روئڻ مان ڪهڙو فائدو ۽ اوهان غور فڪر ڪري ڏسو، ڄڻ ته هي ڳالهه هر عام ماڻهو تي لاڳو ٿئي ٿي. اسان ڪهڙي ڪم لاءِ آيا آهيون ۽ ڪهڙا ڪم ڪري رهيا آهيون؟ عارضي زندگي تي ايترو ڀروسو ڇو آهي؟ سائين جن اسان کي حق جي راهه جي ڳولا لاءِ دڳ کولي ڏنو آهي. اوهان کي ان ڳالهه تي ڀروسو هئڻ گهرجي ته مالڪ اوهان کي فراموش نٿو ڪري ته اوهان ان کي ڇو وساري ويٺا آهيو، انهي ڳالهه تي غور ڪري ڏسجي، سائين ڪنهن جي ڳالهه ٿا ڪن. هي پيغام اوهان جي ۽ مالڪ جي وچ وارو پيغام آهي، جيڪو اوهان کي حق جي راهه ڏسي ٿو. غور ڪرڻ ته اسان تي لازم آهي.