لطيفي سماع
شيئون شريعت جا، تابع ٿيا تمام،
تن کي طريقت جي، مَنَ ۾ ميخ مدام،
هلن حقيقت ۾، معرفت مقام،
إانَّ الَّذِينَ آمَنُوا وَعَمِلُوا الصَّالِحَاتِ آهي تن آرام،
جنّت پيتائون جام، گُر کي گڏيا ڪاپڙي.
يا
پوري رهه پنجن سين، آيا ٽيھه م ٽارج ڪو.
حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي طريقت جون رمزون به الڳ الڳ آهن. سائين سرڪار پاڻ اويسي قادري طريقي سان وابسطا آهن، پر اويسي قادري طريقي ۾ سائينءَ جو پنھنجو نج الڳ طريقو آهي. لطيفي فقراء جو فڪر و طريقت ۾ لطيفي احديت جو ذڪر ۽ لطيفي راڳ جو رنگ تمام گھڻو مختلف آهي. لطيفي سماع، لطيفي احديت جو ذڪر، لطيفي راڳ، لطيفي حلقي جو ذڪر، لطيفي مسافري، لطيفي ذڪر جون وايون جن جي اڳ ڪنھن به تصوف جي سلسلي ۾ موجودگي نه آهي. دنيا جي انھن وڏن بزرگن مان حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي هڪ آهن، جن جي تخليق ڪرده، طريقت جو اڳ مثال تصوف ۾ نٿو ملي. الله تعالى جي بزرگ انسانن جي تعلق کي الله سان مضبوط ڪرڻ لاءِ مختلف انداز اپنايا آهن. ذڪر، فڪر، راڳ، سماع، ڌمال جون محفلون مچائي انساني روح کي خالقِ حقيقيءَ جي طرف متوجه ڪيو آهي. روحانيت جي هنن رموز تي فقيرن جا تجربا هلندا رهندا آهن، پر اُهي فقير چند آهن، جن پنھنجا تصوفي سلسلا ٺاهيا آهن، انهن بزرگن جي ڳڻپ ۾ اسان جو رهبر حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي جن آهن، لطيفي طريقي کي فقير احديت جو طريقو چون ٿا.
قاتل ڪمائي ڪري، وھه ماکي جو ڪن
وٽان ويھي تن، پيج ڪي پياليون.
سائينءَ جي فڪر تي اڃان ڪم ٿيڻو آهي، ڪم هلي به رهيو آهي، پر هن فڪر جو ڪم انفرادي طور ڪرڻ کان گھڻو اڳڀرو آهي. ان ڪري لطيفي فڪر تي اجتماعي ڪم ٿيڻ جي ضرورت آهي. هن آفاقي پيغام جو پرو پاند اڃان تائين نه پئجي سگهيو آهي. موسيقي جو تعلق انساني روحانيت سان آهي. صوفي سماع ۽ موسيقي جو مذهب ۾ سڀ کان پھرين ابوسعيد الخير واري دور ۾ قائم ٿيو. اهڙي ريت صوفي ازم جي دنيا ۾ راڳ جو ٻيو دور حضرت مولانا جلال الدين رومي جو دور آهي. هن دور ۾ محفل سماع جو عجب رنگ رهيو آهي. چشتي طريقي ۾ قوالي جي موسيقي پڻ انهيءَ سلسلي جي طريقت آهي. وقت جي علامه حضرت مولانا جلال الدين رومي جن انسانيت جي لاءِ هڪ موسيقي ۽ رقص سان راهه هموار ڪئي. ڪيترين ئي صدين کان رومي جي طريقت هلي رهي آهي. جلال الدين رومي پنھنجي مرشد حضرت شمس تبريزي جي جدائيءَ ۾ شاعري ۽ سماع جي شروعات ڪئي. مڪمل رومي جي محفل جو بنياد سندس شاگرد ضياءالحق حسام الدين وڌو، هن محفل ۾ “ني ني” يعني نڙ جي آواز تي رقص ڪري وجود کي خالق اڪبر جي حوالي ڪرڻ جو تصور قائم ڪرڻ آهي. رقص وارا پيروڪار لباس ۾ هڪ وڏو جبو ۽ صوفي ڪُلاه پائي جھومر جو رقص هڻندا آهن.
گهاتو گھڻي هئا، مٿي ان مھراڻ
تانگھه نه لڌي تاروئين، سندي سير سٽاڻ
موڙِي چاڙهيا مڪڙا، ڄولي پنھنجا ڄاڻ
ڪنن جي ڪوشو ڪش ۾، جنبيا ڪي جواڻ
لاڄو ڇنا لھرين، ڀڳا سڙهه سکاڻ
“سبحان اني اهل العجز من معارفتک” ايڏانهين پرياڻ
وڄائي وڏاڻ، حيرت منجھه هلي ويا.
هي سامونڊي فقير زندگي جي خواهشن کي ترڪ ڪري پنھنجي موج مستي ۾ جيئن ٿا. هي مقام حيرت هليا وڃن ٿا، زندگي خواهشن جو مرڪز ضرور هوندي آهي، جن فقيرن پنھنجن خواهشن سان گڏ زندگي الله تعاليٰ جي حوالي ڪري ڇڏي آهي. الله تعالى جي رضا تي راضي رهن ٿا، نفس اماره جي غلامي مان آزادي ماڻي حقيقي راهه جا مسافر ٿين ٿا. حضرت مولانا جلال الدين رومي جو سائينءَ جي فڪر تي تمام گھڻو اثر آهي، پنھنجي شاعري ۾ رومي جو نالو پڻ ڪتب آندو آهي
طالب قصر، سونھن سر اي رومي جي رهاڻ
پھرين وڃائڻ پاڻ، پسڻ پوءِ پرين کي.
حضرت مولانا جلال الدين رومي جو اثر قاضي نظر السلام، عبدالڪريم سورش ۽ حضرت عبداللطيف ڀٽائي تي گھڻو رهيو آهي. اهڙيءَ ريت سائينءَ جي راڳ جو انتظام فقير تمر 1144 هجري ڌاري شروع ڪيو. فقير تمر، ميون ولي محمد ۽ سيد نقي شاهه فقيرن راڳ شروع ڪيو. راڳ ۽ سماع جو سلسلو اڃان تائين جاري آهي، لطيفي راڳ ۽ سماع جو پاڻ ۾ تعلق جڙيل آهي. راڳ جي محفل هر جمعي جي رات ڪئي ويندي هئي ۽ محفل سماع هر مهيني سومار جي رات ڪئي ويندي آهي. سماع جي محفل جي اڳواڻي به جمعي جي رات جو اڳواڻ هوندو آهي. ذڪر سماع جي اڳواڻي تمر فقير جي وڏي اوطاق وارن فقيرن سان ٿيندي آهي، محفل سماع جون انتظامي ذميواريون ذيڪري فقيرن جون هونديون آهن. ذيڪري فقيرن جي اوطاق وڏي اوطاق سان گڏ آهي. ڪن روايتن موجب وڏي اوطاق جو حصو آهي. سڀ کان پھرين ذيڪري فقير سماع لاءِ درگاهه شريف ايندا آهن، مچ تي ذڪر ڪندا آهن، پوءِ بيتن جي وراڻين تي ايندا آهن. سماع جا بيت سُر راڻي مان، ليلان مان ۽ ٻين سُرن مان چيا ويندا آهن ته وڏي اوطاق وارو وڏو فقير حلقو هڻي ذڪر ڪري، دعا گُھري درگاهه شريف ڏانهن روانا ٿيندا آهن.
جي رتا راول رام کان، سي آديسي آهين
جوڳي جدا پاڻ کان، بيراڳي نه ڀانئين
لانگوٽيا لطيف چئي، لُنگ نه لڄائين
سي مالھا ملھائين، احد عبد عين ٿيا.
مرشد سرڪار جا هي پانڌيئڙا پنھنجي گُر فقير پويان ڪنڊن تي هڪ احديت جي ذڪر جي ضرب هڻندا وڃي درگاهه تي پھچندا آهن. فقير جو لباس لطيفي هوندو آهي، ڪارو يا نيرو هوندو آهي، اُتي اڳئي ذيڪري فقير ذڪر جي ضربن سان قلب مٿان ڪَٽ لاهيندا آهن. هنن فقيرن سان ويتر سوني تي سھاڳو ٿي ويندو آهي. ڦيرا ڏئي، هڪ ٻئي ذڪر جي ضربن جواب ڏيندا آهن. مچ جا اُلان ذڪر احديت سان گڏ هلندا رهندا آهن. گادي نشين پنھنجي مخصوص جاءِ تي ويھي ذڪر ٻڌندو آهي. وڏي اوطاق جي فقيرن جي اڳواڻي ۾ ويھي درگاهه شريف ڏانھن منھن ڪري (الله ، الله)، (الله هُو، الله هُو)، (هُو، هُو) جو ذڪر ڪري جمعي رات ۽ سماع جو اڳواڻ دعا گهرندو آهي. وڏي فقير جي اڳواڻي ۾ هي فقرائي قافلو وڏي اوطاق ڏانھن روانو ٿيندو آهي. واپسي ۾ فقير ذڪر کان بغير ويندا آهن. وڏي اوطاق تي فقيرن جي طرفان اڳ تيار رٻ پياري ويندي آهي. وڏي اوطاق تي هڪ خاص ڪوٺي آهي، جتي رٻ جي ونڊ ڪرائي ويندي آهي. ٺڪر جي پيالين ۾ فقير رٻ وجھي ڏيندا آهن. رٻ ۾ ڪڻڪ جا داڻا، چانورن جو ڏارو، کير استعمال ٿيندو آهي. سھائي سومار رات فقير سماع جي ذڪر جي ڪري دير ٿي ويندي آهي. راڳ سُر سامونڊي کان شروع ڪندا آهن. رٻ جي رسم کانپوءِ فقير ورڇ ورهائيندا آهن،
ظيئون، ظاهر ذوق سين، پنجئي ڪن پورا
هلن واٽ سماع ۾، ڳاڙهي ڳل ڳوڙها
سنياسي سيد چئي، پورب ۾ پورا
هوالله الواحد القهار، سوامي ۾ سورا
ٿي چاڪن سين چورا، گر کي گڏيا ڪاپڙي
هڪ روايت موجب چون ٿا ته مرشد سائين جن فرمائيندا هئا، منھنجو مريد زنده هوندو ته اھو سماع تي ضرور ايندو، جيڪر نه ته هو هن دنيا ۾ نه هوندو. هي روح جا ناتا اڃان تائين قائم دائم آهن. راڳ، سماع، ذڪر، فقر، حلقي جون طريقتون هلي رهيون آهن. لطيفي خانقاه اڳي کان اڳڀري آهي. سندس فقير انھن روايتن کي قائم رکيو اچن.